داخلا ؛ 7594
پڙهيو ويو ؛ 126
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-07-03


تصويرون




ٽائيم لائين

0702.04.20-A.D
حضرت امام جعفر صادق عليه السلام 17 ربيع الاول 83 هه/ 20 اپريل 702ع ۾ مديني منور ۾ پيدا ٿيو .

0765.12.14-A.D
منصور عباسي آخرڪار امام جعفر صادق عليه السلام کي نظربند ڪرائي زهر ڏيارائي 25 شوال 148هه/14 ڊسمبر 765ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو .




sindhianaسنڌيانا--جعفر صادق عليه السلام امام

ٽائيٽل ؛ جعفر صادق عليه السلام امام


شاخ : امام

جعفر صادق عليه السلام، امام: حضرت -امام- جعفر صادق عليه السلام 17 ربيع الاول 83 هه/ 20 -اپريل- 702ع ۾ مديني منور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد حضرت محمد باقر عليه السلام هو. -امام- جعفر صادق عليه السلام جي 15 سالن تائين سندن ڏاڏي حضرت -امام- زين العابدين عليه السلام تربيت ڪئي ۽ 19 سالن تائين پنهنجي والد -امام محمد باقر عليه السلام- جي تربيت هيٺ رهيو. سندس والده ’بيبي ام فروه‘ قاسم -بن- محمد -بن- ابي بڪر رضه جي نياڻي هئي. -امام- جعفر عه کي ڇهون -امام- تسليم ڪيو ويندو آهي، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ۽ فضل، حديث نبوي ۽ آيات قرآنيءَ جي -تفسير- ۽ -تشريح- سان گهري دلچسپي هئي. اهو ظالم دؤر اموي گهراڻي جو هو. -امام- جعفر صادق عليه السلام 37 سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد -امام محمد باقر عليه السلام- جي سايي کان محروم ٿي ويو. والد جي رحلت کانپوءِ پاڻ امامت جي مسند تي ويٺو انصاف پسند اسلامي دانشمندن ۽ سيرت نگارن ۾ ڪو به اهڙو نه آهي، جنهن سندس علم، فضل ۽ زهد ۽ -تقويٰ- کان انڪار ڪيو هجي. سندس سيرت ۽ زندگي -اسلام- شناسيءَ جو درس ۽ سندس اخلاق ۽ ڪردار -توحيد- ۽ خدا شناسي جو سبق آهي. ڪڏهن به ڪنهن اهڙي نيڪيءَ جو حڪم نه ڏنائون، جنهن کي پهرين پاڻ نه ڪئي هجين، اڪثر فرمائيندو هو ”کونوا دعاة الناس بغير السنتکم“ (ماڻهن کي زباني خير ۽ نيڪيءَ جي دعوت نه ڏيو. يعني پهريان پاڻ عمل ڪريو.) -امام- جعفر صادق عليه السلام سخاوت ۽ ايثار ۾ حضرت -امير- المومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام واريون صفتون رکندو هو ۽ عفو، در گذر، عظمت ۽ بزرگيءَ ۾ بيمثال هو اڪثر فرمائيندو هو ته ”صدقي ڏيڻ سان مال ۾ هرگز نقصان نٿو ٿئي ۽ انتقام وٺڻ ۾ ڪا وڏائي نه آهي. عفو ۽ درگذر سان ماڻهوءَ جي عزت ۽ سربلنديءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي“. حضرت -امام- جعفر صادق عليه السلام جي علم ۽ دانش ۽ هدايتن ۽ ارشادن مان سوين عالمن فائدو حاصل ڪيو. سندس لقب ’صادق آل محمد‘ عليه السلام هو. مصر جي قاهره يونيورسٽيءَ ۾ ادبيات شعبي جو پروفيسر -اسد- حيدر عراقي پنهنجي -تصنيف- ’الامام الصادق و المذاهب الاربعه‘ ۾ لکي ٿو ته: ”نبوت جي نسل مان پاڪ ۽ پاڪيزه ۽ با ڪرامت هستي صادق آل محمد حضرت -امام- جعفر صادق عليه الصلواة و السلام منهنجو عقيدو آهي ته -ترقي- پسند رهبرن مان هو ۽ اسلامي علمن جو موجد ۽ ذميدار مفڪر هو. انهيءَ ڪري هميشه مسلمان دانشمندن جي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي ۽ رهندو“.
حضرت -امام- مالڪ -بن- انس لکيو آهي ته: ”آءٌ جڏهن به -امام- جعفر صادق عليه السلام وٽ ويندو هئس، تڏهن مون کين نماز، روزي ۽ -تلاوت- ڪلام پاڪ ۾ مصروف ڏٺو. مون علم و دانش ۽ عبادت رياضت ۾ ڪنهن کي به -امام- جعفر صادق عليه السلام کان بهتر ناهي ڏٺو.“ معروف ليکڪ ابن العوجا لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن روءِ زمين تي ڪو روحاني فرد موجود آهي، جيڪو بشر جي صورت ۾ جلوه گر ٿيو آهي ته اهو حضرت -امام- جعفر صادق عليه السلام آهي.“
حضرت -امام- جعفر صادق عليه السلام مديني منوره ۾ هڪ تعليمي اداري جو بنياد رکيو، جيڪو وقت جي وڏي درسگاهه هو. حافظ ابوالعباس ابن عقده لکيو آهي ته انهيءَ درسگاهه (يونيورسٽي) مان حديثن جي 4000 راوين ۽ فقيهن -امام- جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو. سندس مشهور شاگردن ۾: محمد -بن- مسلم، جابر -بن- يزيد جعفي، زراره -بن- اعين، حمران -بن- شيباني، مفضل -بن- عمر جعفي، ابان -بن- تغلب، ابان -بن- عثمان، بريد العجلي، جميل -بن- دراج، جميل -بن- صالح، حماد -بن- عثمان ۽ حبيب -بن- ثابت ڪاهلي سر فهرست آهن. حضرت -امام- جعفر صادق عليه السلام جي طالب علمن ۾ ڪجهه سنڌي طالب علمن جا به نالا ملن ٿا، -جن- جو ذڪر ابو جعفر طوسي عليه رحمه پنهنجي -تصنيف- ’الفهرست‘ ۾ ڪيو آهي. ابو جعفر طوسي لکي ٿو ته: ”فرج سنڌي، ابان -بن- محمد سنڌي، خلاد سنڌي، بزار سنڌي، خزرج طلحه -بن- زيد سنڌي ۽ صباح -بن- نصر سنڌي حضرت -امام- جعفر صادق عليه السلام جي قابل فخر شاگردن ۾ شمار ٿيندا هئا.“ انهن کانسواءِ ابو معشر سنڌي کي به -امام- جعفر صادق جي شاگردن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ابو معشر سنڌي سنڌ جو اهو پهريون شخص آهي، جيڪو پهريون مسلمان سائنسدان ٿي گذريو آهي. ابو معشر جو پٽ ابو عبدالملڪ محمد -بن- ابي معشر پڻ علم حديث ۾ وڏي پايي جو عالم هو. -امام- جعفر صادق عليه السلام ڏهن اموي ۽ ٻن عباسي بادشاهن جو زمانو ڏٺو. سندس شهادت منصور عباسيءَ جي دؤر ۾ ٿي. منصور عباسي 22 سال حڪومت ڪئي، پر اهو دؤر -اسلام- لاءِ انتهائي بدترين دؤر هو. منصور عباسي آخرڪار -امام- جعفر صادق عليه السلام کي نظربند ڪرائي زهر ڏيارائي 25 شوال 148هه/14 ڊسمبر 765ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو. بني امين ۽ بني عباسين آل محمد صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي فردن کي بيگناهه شهيد ڪرايو، حضرت -امام- جعفر جي مزار -جنت البقيع- ۾ آهي. 17 ربيع الاول تي -امام- جعفر جي ڏهاڙي تي محفل ميلاد ڪئي ويندي آهي ۽ 22 رجب المرجب تي وڏي پيماني تي ڪونڊن جو نياز ٿيندو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جعفر صادق عليه السلام امام- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جعفر صادق عليه السلام امام - مان نڪتل ٻيون شاخون-


امام - موضوع جون ٻيون داخلائون-
امام حسن عليه السلام
امام حسين عليه السلام
امام زين العابدين عليه السلام
تقي عليه السلام امام
جعفر صادق عليه السلام امام


.....امام موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن