داخلا ؛ 7601
پڙهيو ويو ؛ 167
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-07-03


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جعفر طيار عليه السّلام

ٽائيٽل ؛ جعفر طيار عليه السّلام


شاخ : شخصيت

جعفر طيار عليه السّلام: حضرت جعفر طيار عليه السّلام، حضرت ابوطالبرحه جو پٽ هو، سندس ڪنيت ابو عبدالله، ابوالمساڪاني ’يعني مسڪينن جو ابو يا مسڪينن جو خاص خيال رکندڙ‘، لقب طيار ۽ ذوالجناحين هو، سندس والده ماجده بيبي فاطمه بنت اسدعه هئي. حضور صلي -الله- عليه وسلم جو سئوٽ ۽ حضرت علي ڪرم -الله- وجه جو سڳو -ڀاءُ- هو. حضرت -ابو طالب- عليه السّلام ۽ سندس گهر واريءَ ۽ اولاد سڀ کان پهرين -اسلام- جي حفاظت خاطر سر ڏنا ۽ -اسلام- خاطر مصيبتون سٺيون. حضرت جعفر طيار جي ولادت 30 عام الفيل ۾ ٿي. سندس تربيت نبي ڪريم صلي -الله- عليه وسلم ۽ سندس والد -ابو طالب- -جن- ڪئي. حضرت جعفرعه قريش جي ظلمن کان -تنگ- ٿي، حبش ڏانهن هجرت ڪئي. مسلمانن حضرت جعفر کي پنهنجو -امير- بنايو. حضرت جعفر هجرت جي ڇهين سال تائين حبش ۾ رهيو ۽ 7 هجري/628ع ڌاري فتح خيبر واري ڏينهن مديني منور ۾ حاضر ٿيو. حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- بقول بيبي عائشهضه جي سندن شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس گلي سان لڳايو ۽ فرمايائون ته حضرت جعفر رضي -الله- عنه جي اچڻ سان مون کي وڌيڪ خوشي ٿي آهي. حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- جڏهن قيصر روم، خسرو -ايران- ۽ عزيز مصر کي دعوت -اسلام- جا خط موڪليا ته شرجيل نالي هڪ ڪافر نبي سڳوري جي موڪليل قاصد حارث -بن- عمير کي شهيد ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ -ان- جي قصاص لاءِ نبي سڳوري پاڻ ٽي هزار فوج شام ڏانهن رواني ڪئي ۽ -ان- جو سپهه سالار حضرت جعفر طيار مقرر ٿيو. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم -جن- فرمايو ته جيڪڏهن حضرت جعفر طيار عه شهيد ٿي وڃي ته زيد -بن- حارث -ان- جو جانشين ٿيندو، اهو به شهيد ٿي وڃي ته عبدالله -بن- رواحه -ان- جي جاءِ وٺندو. موت جي هنڌ تي پهچي مسلمانن جو مقابلو شرجيل جي هڪ لک فوج سان ٿيو. اهو واقعو جمادي الاول 8 هه/ 629ع ۾ پيش آيو. حضرت زيد جي شهيد ٿي وڃڻ کانپوءِ حضرت جعفر طيارعه جوش ۾ آيو ۽ وڌيڪ همت سان -جنگ- ڪرڻ لڳو ۽ اڳتي وڌيو ته دشمنن سندس گهيرو ڪيو. جيتوڻيڪ سندس سمورو جسم زخمن سان چور ٿي ويو، سندس ٻئي هٿ ڪپجي ويا، پر جهنڊي کي ڪرڻ نه ڏنائين ۽ شهادت ماڻيائين، -ان- وقت سندس عمر 40 سال هئي. حضرت جعفر طيارعه جي -تدفين- پاڻ سڳورن ڪئي. نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم جعفر جي شهادت جي خبر اچڻ کان اڳ ئي اصحابن کي سندس شهادت جي خبر ٻڌائي، کين ڪيتري وقت تائين جعفر جي شهادت جو غم رهيو. -ان- وقت حضرت -جبرائيل- عليه السلام نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم -جن- کي -بشارت- ڏني ته -الله- تعاليٰ، حضرت جعفر طيارعه کي ٻن ڪپيل هٿن جي عيوض ٻه نوان هٿ عنايت ڪيا آهن ۽ پاڻ انهن هٿن سان -جنت- جي ملائڪن سان گڏ اڏرندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو کيس ’جعفر طيار‘ ۽ ’ذوالجناحين‘ چيو ويندو آهي.
حضرت جعفر طيار جي شهادت تي حضرت حسانرضه هڪ طويل مرثيو چيو آهي، جيڪو -تاريخ- -اسلام- جي سڀني مستند ڪتابن ۾ موجود آهي. حضرت جعفر طيار کي ٽي پٽ هئا. حضرت عبدالله، حضرت محمد -بن- جعفر ۽ حضرت عون. حضرت عبدالله جي شادي حضرت علي عليه السّلام جي نياڻي بيبي ام الممصائب زينب سلام -الله- عليه سان ٿي. حضرت جعفر طيارعه جي ٻئي فرزند محمدعه جي شاديءَ حضرت علي ڪرم -الله- وجھ جي ٻيءَ ڌيءَ اُم ڪلثوم سان ٿي. ٽئي پٽ جي -باري- ۾ ڪا مثبت -تاريخ- نه ٿي ملي.
حضرت جعفر طيارعه صورت ۽ سيرت ۾ نبي ڪريم صلي -الله- عليه وسلم جي هم شڪل هو. خود نبي ڪريم صلي -الله- عليه وسلم حضرت علي ڪرم -الله- وجھ کي فرمايو هو ته: ’ان النبي صلي -الله- عليه وسلم قال لجعفر اشبهت خلقي و خلقي يا جعفر‘ يعني حضرت رسول صلي -الله- عليه وسلم -جن- فرمايو ته ”جعفر توهان صورت ۽ سيرت ۾ مون سان مشابهت رکو ٿا. حضرت جعفر عه جي شهادت کان پوءِ نبي ڪريم صلي -الله- عليه وسلم سندن خاندان جي لاءِ ستن ڏينهن تائين حاضري (کاڌو) تيار ڪرائي موڪلي. ڪن روايتن مطابق اهو کاڌو چاليهن ڏينهن تائين -جاري- رهيو هو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جعفر طيار عليه السّلام- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جعفر طيار عليه السّلام - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن