داخلا ؛ 7604
پڙهيو ويو ؛ 223
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-07-04


تصويرون




ٽائيم لائين

1524.00.00-A.D
مخدوم جعفر ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور عالم آهي ۽ 930 هه/ 1524ع ڌاري وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--جعفر مخدوم بوبڪائي

ٽائيٽل ؛ جعفر مخدوم بوبڪائي


شاخ : عالم

جعفر، مخدوم بوبڪائي: مخدوم جعفر ’بوبڪ‘ جو رهاڪو هو ۽ اتي ئي پير منبي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. هن بزرگ جو تعلق -بوبڪ- جي قديم ’عباسي‘ گهراڻي سان آهي.
مخدوم جعفر ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور عالم آهي ۽ 930 هه/ 1524ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس والد جو نالو مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران هو، جيڪو علم ۽ ڪمال جو صاحب هو.
مخدوم جعفر عربي ۽ فارسي پنهنجي والد وٽ پڙهيو. هي بهترين استاد، وڏو عالم، تعليمي ماهر، حڪمت، نجوم، جعفر ۽ رمل جو ڄاڻو هو. -ان- سان گڏ حديث ۽ -تصوف- جو پڻ صاحب هو. هيءُ بزرگ، شاهه بيگ -ارغون- جي سنڌ تي ڪاهه وقت زندهه هو، يعني سمن جي دور جو بزرگ هو. مخدوم -بلاول- جي شهادت (1523ع) وقت مخدوم ويهن پنجويهن ورهين جو هو. مير علي شير قانع سندس ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”مخدوم جعفر ولد مخدوم ميران، مخدوم نوح جو همعصر، ڪماليت جو جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن مخدوم نوحرح فرمايو ته، ’مان خدا تعاليٰ کي هنن اکين سان ڏٺو آهي.‘ مخدوم جعفر فرمايو ته، ’توهان هنن اکين سان ڪو نه ڏٺو هوندو. هن حقيقت جي ظاهر ڪرڻ خاطر توهان کي گهرجي ته جڏهن به توهان کي اهڙي حالت پيدا ٿئي، تڏهن ڪنهن خادم کي پنهنجي اکين -بند- ڪرڻ جو امر فرمايو. پوءِ به جيڪڏهن خدا تعاليٰ جو ديدار قائم آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اها اک نه هيءَ ظاهري اک ۽ اهو ديدار هيءُ رواجي ديدار نه آهي.‘ مخدوم نوح هن تجربي ڪرڻ کانپوءِ فرمايو ته، ’جي نه هجي ها جعفر ته نوح ٿئي ها ڪافر.‘
مخدوم جعفر ڪيترائي ڪتاب لکيا، -جن- ۾ ’الصادق المصنف المحق‘، ’عجالته الطالبين‘، ’فتح الدارين‘، ’حل اعقود في طلاق السنود‘، ’البشارته في العمل بالاشارته‘، ’نهج التعلم‘، ’المتانته في مرمته الخزانته‘ ۽ ’حاصل النهج‘ مشهور آهن.
چون ٿا ته مخدوم جعفر حياتيءَ جي آخري زماني ۾ منطق جا ڪتاب درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيا، فقط ’احياءُ العلوم‘ (امام غزالي) ’عوارف المعارف‘ (سهروردي) ’فصل اخطاب‘ ۽ ٻيا حديث ۽ -تصوف- جا ڪتاب پڙهندو هو. ’تحفته الڪرام‘ جي مترجم مخدوم -امير- احمد لکيو آهي ته: ”مخدوم جعفر ’حل العقود في طلاق السنود‘ نالي هڪ عجيب غريب ڪتاب -تصنيف- ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌين جي طلاق ڏيڻ جا نمونا ۽ انهن جا شرعي حڪم بيان ڪيا اٿس. اهو ڪتاب ڪن جهونن ڪتب خانن ۾ اڄ تائين موجود آهي. هن مان ڏهين صديءَ جي سنڌ جي تمدن ۽ زبان تي ڪافي روشني پوي ٿي. هن ڪتاب کانسواءِ مخدوم جعفر جي هڪ شاهڪار -تصنيف- آهي، ’المتانته في مرامته الخزانت‘. هن ڪتاب ۾ حنفي فقھ جي مشهور ڪتاب ’خزانته الروايات‘ جي تنقيح ۽ -تميم- ڪيل آهي.“
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي ته: ”سنڌ جي علمي -تاريخ- مان اهو -پتو- پوي ٿو ته ڏهين صدي هجريءَ ۾ فقه حنفيءَ جي اصولن پٽاندر سنڌ ۾ فتويٰ جا ڪتاب لکجڻ شروع ٿا، -جن- مان مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي فتويٰ: المتانته في مرامته الخزانته ۽ علامه عبدالوهاب پوراني جي فتويٰ: -بياض- پوراني وڏي اهميت رکن ٿا.“ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جو ڪتاب ’نهيج التعلم‘ برصغير ۾ فارسي زبان ۾ تعليمي طريقه ڪار (Mythology of Education) تي پهريون ڪتاب آهي.
مخدوم جعفر جا ڪيترائي شاگرد مشهور آهن، -جن- مان -پاٽ- جو بزرگ طاهر -بن- يوسف پاٽائي وڌيڪ مقبول آهي. ’مقالات الشعراءِ‘ جي صاحب هن بزرگ کي مرزا شاهه حسن -ارغون- جو به -استاد- ڄاڻايو ويو آهي ۽ سندس مدفن مڪلي ڏيکاريو آهي. جڏهن ته مخدوم جعفر بوبڪن ۾ پير مُنبي جي مقام ۾ مدفون آهي. سندس قبر مٿان هڪ سادو مقبرو آهي. اندر ساڻس گڏ ٻي قبر به آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جعفر مخدوم بوبڪائي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جعفر مخدوم بوبڪائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن