داخلا نمبر 7642
عنوان جعفري غلام حسين ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 135 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جعفري غلام حسين ڊاڪٽر

جعفري غلام حسين ڊاڪٽر

جعفري غلام حسين ڊاڪٽر

جعفري، غلام حسين، ڊاڪٽر: مشهور ڊاڪٽر غلام حسين جعفريءَ ڀان سعيد آباد، ضلعي دادوءَ ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ هن جنم ورتو. چئن درجن تائين سنڌيءَ جي تعليم ڀان جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. پوءِ سرڪاري اسڪالر شپ تي پڙهيو. خيرپور جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. بي. اي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ تعليم کاتي ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو.
بمبئيءَ مان بي. ٽي امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي جي مدرسه هاءِ اسڪول جو پرنسپال ٿيو. سندس شادي نور محمد هاءِ اسڪول جي باني نور محمد وڪيل جي نياڻيءَ سان ٿي. هي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ آمريڪا به ويو، جتان ڪامياب ٿي واپس موٽيو ۽ اچي نواب شاهه ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر طور مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي محنت سان اڳتي وڌندو. ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسپال ٿيو. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ هن کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن طور لاهور ۾ رکيو ويو. جتي هن جي محنت ڏسي کيس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جو پهريون چيئرمئن پڻ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري بڻيو، هن ئي منصب تان رٽائر ڪيائين ۽ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جلد ئي کيس پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ۽ ان بعد ڪجهه وقت نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال به رهيو. ڊاڪٽر غلام حسين سموري زندگي علم جي خدمت ۽ خلق خدا جي بهبود لاءِ گذاري ڇڏي. هن 28 جون 1977ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.06.28  عيسوي

ڊاڪٽر غلام حسين جعفري 28 جون 1977ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون