داخلا نمبر 7587
عنوان جـعـفـراڻي شـمس
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 189 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جـعـفـراڻي ،  شـمس

جـعـفـراڻي ، شـمس

جـعـفـراڻي شـمس

جـعـفـراڻي، شـمس: شـمـس الـحـق ولـد محـمد جمن جعفراڻي المعروف شمس جعفراڻي 16 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ ارباب غلام هڱورجي، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سجاول مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان پڙهيو ۽ ايل. ايل. بي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. پنهنجي ڪيريئر جي شروعات حيدرآباد جي غزالي ڪاليج ۾ ڪلارڪيءَ جي نوڪريءَ سان ڪيائين، جنهن کانپوءِ روزاني ’مهراڻ‘ ۾ پهرين سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين ۽ پوءِ 1967ع کان 1970ع تائين سجاول سب ڊويزن لاءِ هن اخبار جو نمائندو ٿي رهيو، جتان اطلاعات کاتي ۾ انفرميشن آفيسر طور ڀرتي ٿيو. ان دوران وزيراعليٰ سنڌ جو پروٽوڪول آفيسر به رهيو. ستت ئي پي. سي. ايس جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد کيس ترتيبوار سيوهڻ، حيدرآباد، شهدادپور ۽ عمرڪوٽ جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مئجسٽريٽ جون ذميواريون پڻ چڱي نموني نڀايائين. ان کانپوءِ ٽن سالن لاءِ کيس لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن کي ٻه ڀيرا ڪوٽڙي بئراج تي روينيو آفيسر ۽ پوءِ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هيءُ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دؤر کان وٺي، سنڌ حڪومت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جو سيڪريٽري ٿي رهيو، جتان اپريل 2009ع ۾ رٽائر ڪيائين. جنهن بعد ڪجهه عرصي لاءِ ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون سنڀاليائين. شمس جعفراڻي جيتوڻيڪ پيشي جي لحاظ کان بيورو ڪريٽ آهي، پر سنڌي ادب ۽ ادبي ادارن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ خاص ڪوششون وٺندو رهيو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏو مان لهڻي ٿو. هن محترمه سسئي پليجو وزير ثقافت حڪومت سنڌ جي دور ۾ شاهه شناسي ۽ اياز شناسيءَ بابت هڪ رٿا هيٺ ڪتابن ڇپائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڊپارٽمينٽ جي مختلف پراجيڪٽن کي مڪمل ڪرائي محڪمي جي ساک کي برقرار رکيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.08.16  عيسوي

شمس جعفراڻي 16 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ ارباب غلام هڱورجي ، تعلقي جاتي ، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون