داخلا ؛ 6819
پڙهيو ويو ؛ 276
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-05-28


تصويرون




ٽائيم لائين

1307.02.19-A.D
مخدوم جهانيان جي ولادت شب برات يعني 15 شعبان المعظم 706 هه/ 19 فيبروري 1307ع تي ٿي

1384.02.03-A.D
مخدوم جهانيان جو وصال 10 ذوالحج المڪرم ( عيدالاضحيٰ ) 785هه/ 3 فيبروري 1384ع ۾ ٿيو .




sindhianaسنڌيانا--جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت

ٽائيٽل ؛ جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت


شاخ : شخصيت

جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت: مخدوم جهانيان سيد -جلال- الدين بخاريءَ جو شمار جليل القدر عارفن ۾ ٿئي ٿو. هيءُ علم ۽ حلم ۾بي مثال هو. سيرالعارفين جو مصنف لکي ٿو ته: ”جلال الدين مخدوم جهانيان جو ڏاڏو سيد -جلال- الدين سرخ پوش، جنهن جو نسب مير سيد جعفر مرتضيٰ ابن حضرت -امام- علي نقي عليه السلام سان وڃي ملي ٿو، سو -بخارا- شهر مان ملتان ۾ آيو ۽ شيخ السّلام حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي -بيعت- ڪري خلافت حاصل ڪئي. -ان- کان پوءِ اتان لڏي اچي اُچ ۾ مقيم ٿيو. کيس ٽي فرزند هئا. (1) سيد احمد ڪبير (2) سيد بهاءُ الدين ۽ (3) سيد محمد. سيد احمد ڪبير کي ٻه پٽ ڄاوا (1) مخدوم جهانيان سيد -جلال- الدين حسين ۽ (2) سيد صدر الدين عرف شيخ راجو قتال.
سيد -جلال- الدين مخدوم جهانيان، پهرين شيخ رڪن الدين ابوالفتح (بهاءُ الدين زڪريا جي پوٽي) کان تربيت حاصل ڪئي. -جتي- محمد -تغلق- کيس سنڌ ملڪ جي شيخ الاسلامي ۽ سيوهڻ جي چاليهن ڳوٺن جي -جاگير- جو پروانو لکي ڏنو.“ ’سير العارفين‘ جي مصنف وڌيڪ لکيو آهي ته ”هڪ دفعي عيد جي رات هيءُ بزرگ شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي مقبري ۾ عبادت ۾ مشغول هو ۽ ڪشف ذريعي شيخ بهاءُ الدين کان عيد جي خرچي طلب ڪيائين. مقبري جي اندران آواز آيو ته حق تعاليٰ توکي ’مخدوم جهانيان‘ جو خطاب عطا ڪيو آهي ۽ اها ئي تنهنجي عيد جي خرچي آهي. جڏهن صبح ٿيو ته جيڪو به شخص ساڻس پئي مليو، تنهن کيس ’مخدوم جهانيان‘ جي خطاب سان پئي سڏيو.“
’سير العارفين‘ ۾ ئي آهي ته: ”جڏهن سلطان فيروز شاهه جي دور ۾ مخدوم جهانيان دهليءَ پهتو ته -بادشاهه- هن جو تمام گهڻو معتقد ٿي ويو ۽ مخدوم جهانيان وٽ اڪثر ايندو ويندو هو. اتفاقاً -بادشاهه- جي وزير خان جهان هڪ اهلڪار جي پٽ کي قيد ڪري رکيو هو ۽ -ان- تي گهڻي سختي ڪندو هو. -ان- اهلڪار مخدوم صاحب وٽ حاضر ٿي سفارش جي درخواست ڪئي. مخدوم جهانيان هڪدم وزير جي گهر پهتو، پر -ان- بدبخت وزير اندران ئي چورائي موڪليو ته آءٌ هر گز تنهنجي سفارش قبول نه ڪندس ۽ توهان جي شڪل به نه ڏسندس. آئندي هرگز منهنجي گهر اچڻ جي تڪليف نه ڪجو.
مخدوم صاحب لڳاتار ست دفعا هن جي گهر ويو، پر هر دفعي هن انڪار ڪيو. جڏهن اٺون دفعو مخدوم جهانيان هن جي گهر پهتو ته هن چورائي موڪليو ته اي سيد! تو کي شرم نٿو اچي، آءٌ تو کي هيترا دفعا جواب ڏئي چڪو آهيان، پوءِ به تون منهنجي در تي بيٺو آهين“ -ان- تي مخدوم جهانيان جواب ڏنو ته هر دفعي اچڻ تي مون کي -ثواب- حاصل ٿئي ٿو ۽ منهنجي خواهش آهي ته هن مظلوم کي ڇڏايان ته جيئن تو کي به -ثواب- ملي، جهان خان سندن اخلاق ۽ حلم ڏسي ايترو ته متاثر ٿيو، جو پيرين ۽ مٿي اگهاڙو اچي مخدوم جهانيان جي پيرن تي ڪريو ۽ -بيعت- ڪيائين ۽ مظلوم ڇوڪري کي -انعام- ڏئي آزاد ڪري ڇڏيائين.“
مخدوم جهانيان سيد -جلال- الدين وڏي پايي جو عالم، فاضل، ولي، صاحب شريعت، طريقت ۽ -اهل- -الله- هو. ننڍي کنڊ جي گهڻن ئي -الله- وارن بزرگن هن کان فيض حاصل ڪيو. مخدوم جهانيان جي ولادت شب برات يعني 15 شعبان المعظم 706 هه/ 19 فيبروري 1307ع تي ٿي ۽ سندس وصال 10 ذوالحج المڪرم (عيدالاضحيٰ) 785هه/ 3 فيبروري 1384ع ۾ ٿيو. مخدوم جهانيان جي مزار اُچ شريف ۾ آهي. ولادت جي -تاريخ- ڪنهن هنڌ 14 شعبان 706 هه/ 19 -جنوري- 1308ع لکيل آهي، هن تمام ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر سفر ڪيو، ڪيترن ئي مشائخن ۽ عالمن سان مليو، روحاني ارتقا لاءِ هي -ٽن- ضابطن يعني: شريعت، طريقت ۽ حقيقت جو تعين ڪندو هو ۽ -ايمان- جا به ٽي درجه ٻڌائيندو هو: (1) -ايمان- تقليدي، (2) -ايمان- استدلالي، ۽ (3) -ايمان- مشاهداتي. سڀ کان پست -ايمان- تقليدي کي سمجهندو هو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن