داخلا ؛ 7073
پڙهيو ويو ؛ 181
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-07-17


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جمال الدين افغاني

ٽائيٽل ؛ جمال الدين افغاني


شاخ : شخصيت

جمال الدين افغاني: -جمال الدين افغاني- ولد صفدر حسين جو -جنم- 1838ع ڌاري ڪابل جي ويجهي علائقي قصبا سعد -آباد- ۾ ٿيو. ابتدائي -تعليم- ڪابل مان حاصل ڪيائين. نوجواني واري دؤر ۾ مذهبي ۽ فلسفي جي -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪربلا ۽ نجف کان علاوه هندستان ۽ -استنبول- به ويو. هو هندستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهيو. 1857ع ۾ -بمبئي- رستي حج لاءِ ويو ۽ واپسي تي پنهنجي دوست محمد خان جيڪو -افغانستان- جو -امير- هو -ان- وٽ نوڪري ڪيائين ۽ ڪجهه وقت لاءِ -ان- جو وزير به رهيو، پر -افغانستان- جي گهرو ويڙهه سبب نوڪري ڇڏي هندستان هليو ويو، -جتي- -ان- جي انقلابي ۽ مزاحمتي سوچ سبب برطانوي حڪومت هن جي نگراني ڪندي رهي ۽ اهڙي روپوشيءَ کان -تنگ- اچي ٻيهر حج لاءِ روانو ٿيو ۽ اتان -استنبول- (قسطنطنيه) هليو ويو ۽ اتي مسجد ابا صوفيه ۾ خطبو ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ سامراجي حڪومتن خلاف مسلمانن کي جدوجهد ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏياريائين، جنهن سبب -ترڪي- جي حڪومت کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ هو 1871ع ۾ قاهره هليو ويو، -جتي- -جامعه الازهر- ۾ تبليغ ۽ تدريس جو ڪم ڪيائين ۽ مصر جي حڪومت طرفان وظيفو مقرر ڪيو ويو، -جتي- پنهنجي انقلابي تقريرن ۽ لکڻين ذريعي مصر جي نوجوانن ۾ انقلابي جذبو پيدا ڪيائين. 1879ع ۾ خديو توفيق -پاشا- انگريزن جي دٻاءَ تي مصر مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد هو هندستان آيو، پر انگريزن خلاف لکڻ تي 1882ع ۾ انگريزن کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن بعد هو -افغانستان- ۽ انگلينڊ ذريعي پيرس پهتو، -جتي- هو پنهنجي شاگرد عبده سان گڏجي -برطانيا- ۾ مخالف رسالو ‘العروة الوثقا‘ ڪڍڻ لڳو، جنهن پوري اسلامي ملڪن ۾ -برطانيا- حڪومت جي پاليسين کي مسلمانن ۾ عام ڪري ڇڏيو ۽ انگريزن -ان- رسالي جي داخلا تي پنهنجي ملڪ ۾ پابندي هڻي ڇڏي. -ان- دوران شاهه ناصر الدين قاچار يورپ ويو ته -جلال- الدين کي -ايران- وٺي آيو ۽ کيس پنهنجي وزارت ۾ شامل ڪيائين ۽ اختلافن سبب اهو عهدو ڇڏي ترڪيءَ جي سلطان جي دعوت تي -استنبول- هليو ويو ۽ اتي رهي اسلامي ملڪن ۾ سياسي -بيداري- جي شروعات ڪيائين ۽ انهن وچ ۾ باهمي -اتحاد- لاءِ پرچار ڪيائين. -انگريز- جيڪي سڀ مسلمان ملڪن تي پنهنجو غلبو قائم ڪيو ويٺا هئا. انهن خلاف مسلمانن ۾ وڙهڻ لاءِ سوچ پيدا ڪيائين. هن مارچ 1897ع تي -استنبول- ۾ وفات ڪئي. 50 سالن کان پوءِ سندس مڙهه -پشاور- آندو ويو، -جتي- هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن استقبال ڪيو، بعد ۾ سندس -تابوت- ڪابل نيو ويو ۽ اتي جهان علي -آباد- ويجهو سندس مڙهه کي دفنايو ويو.








رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جمال الدين افغاني- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جمال الدين افغاني - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن