داخلا نمبر 7934
عنوان جمعو فقير 1
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 128 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جمعو فقير 1

جمعو فقير1: دلچسپ گفتن سبب مشهور جمعي فقير کي”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب ۾ ’جمعو فقير منگي‘ ڪري لکيو ويو آهي، جڏهن ته تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جمعو فقير ذات جو سومرو هو. هو ڪُور سليمان ڳوٺ تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو، پر پوءِ ڳوٺ ڏتل ابڙي ڀرسان ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. سندس پورو نالو محمد جمن هو، پر ’جمعو فقير‘ سڏيو ويندو هو. جمعو فقير قمبر ۾ مين روڊ تي پٺاڻ مسجد ڀرسان، صندل تي حجامڪو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري ئي ڀُل وچان کيس ذات جو منگي سمجھيو ويو. حقيقت ۾ هو قمبر شهر ۾ ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي لڏي وڃي رحمت پور محلي ۾ ويٺو. جمعو فقير سومرو پنهنجين دلچسپ ڳالهين سبب ”لاڙڪاڻي جو وتايو فقير“ سڏيو ويو. سندس گفتن ۾ وڏي ڏاهپ هوندي هئي. هو ماڻهن کي لاجواب ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو هو. لاڙڪاڻي لڏڻ کان اڳ هن شهداد ڪوٽ ۾ ڪجهه وقت گداگري به ڪئي هئي. لاڙڪاڻي ۾ عام طور گڏهه تي چڙهي گھمندو هو ۽ هٿ ۾ پنهنجي قد کان به ٻه هٿ وڏي ڏانگ هوندي هيس. سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور هيون، پر اهي لکيون نه ويون. ضرورت آهي ته سندس گفتن کي سهيڙيو وڃي. هتي سندس ٻه چار گفتا ڏجن ٿا:
1- هڪ ڀيري اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کيس 100 روپيا ڏنا، جنهن تي جمعي فقير کيس چيو: ”اڄ جيڪڏهن مان ڀٽو هجان ها ۽ تون جمعو فقير ته توکي الائي ڇا ڏئي ڇڏيان ها!“ ڀٽي صاحب کلندي 500 روپيا ڏنس ۽ چيائينس ته جمعا فقير دعا ڪجانءِ. ان تي جمعي فقير کيس چيو: ”جيڪڏهن اتي به خوش ناهين ته مون سان گڏجي هل.“
2- جمعي فقير حجامڪو ڪم ڇڏي، جڏهن پنڻ شروع ڪيو، ته هڪ ڀيري کيس ڪنهن ٻروچ خيرات ڏني، ان تي جمعي فقير آسمان ڏانهن آڱر اُڀي ڪري چيو: ”ٻروچ به تو کان ڊڄن ٿا.“
3- هڪ ڀيري جمعي فقير کي شهيد ذوالفقار ڀٽي چيو ته: ”جمعا! ڇا کپئي؟” جمعي فقير کيس چيو: ”توڦ جو ’ليسن‘ (لائسن) ڏي. ان تي محفل ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. ڀٽي صاحب جمعي کي چيو ته ”توڦَ جو لائسنس ڪاڏي ڪندين؟“ جمعي فقير وراڻي ڏنس ته ”جڏهن توڦ جو ليسن گهرندس تڏهن ئي ته پستول جو ليسن ملندو!.“
هن دلچسپ ۽ انوکي ڪردار جمعي فقير سومري جي وفات لاڙڪاڻي ۾ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو