داخلا ؛ 7956
پڙهيو ويو ؛ 144
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-11-14


تصويرون


juman-shah-shaheed.gif
جمن شاهه شهيد
جمن شاهه شهيد



ٽائيم لائين

1848.12.11-A.D
سيد جمن شاهه شهيد ابن سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي .

1913.05.25-A.D
جمن شاهه شهيد 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو .




sindhianaسنڌيانا--جمن شاهه شهيد

ٽائيٽل ؛ جمن شاهه شهيد


شاخ : شخصيت

جمن شاهه شهيد: سيد -جمن شاهه شهيد- عرف داتا -جمن- شاهه جي مزار حيدرآباد شهر ۾ ٽنڊي -آغا- جي وسنديءَ ۾ عقيدتمندن لاءِ هڪ زيارتگاهه طور مشهور آهي، سيد -جمن شاهه شهيد- ابن سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي. سندس وڏا اصل -بخارا- شهر مان هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ -آباد- ٿيا ۽ سيد -جمن- شاهه وڏو پرهيزگار هو. سندس مسڪن ٽنڊي -ٺوڙهي- وٽ ٽنڊي حيدر واري رستي تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ هو، -جتي- هميشه عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ عقيدتمندن کي وعظ ڪندو هو.
ٽنڊي -ٺوڙهي- جي هڪ مرزا لالچ ۾ اچي، 18 جمادي الثاني 1331هه مطابق 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي -تلوار- جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو. ساڻس گڏ سندس خاص معتقد مرزا غلام محمد بيگ (ٽنڊي -آغا- وارو) به سخت زخمي ٿيو، پر اهو -بچي- ويو، جڏهن سيد -جمن- جو لاش اسپتال پهتو ته مقامي ڪليڪٽر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به اچي پهتا، شاهه صاحب پنهنجي ۽ عقيدتمندن کي وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجي قاتل کي ڪجهه به نه چئجو“. چون ٿا ته سيد -جمن- شاهه جي شهادت کان پوءِ قاتل چريو ٿي پيو ۽ گدو -بندر- واري چرين جي اسپتال ۾ داخل ٿيو. شاهه صاحب کي غسل ۽ ڪفن بعد هزهائينس مير نور محمد خان -ٽالپر- جي وزير مرزا ٻڍل بيگ ٽنڊي -آغا- واري قبرستان ۾ دفن ڪرايو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس قبر مٿان 8 ربيع الاول 1333هه مطابق 25 -جنوري- 1915ع تي ميرزا ٻڍل بيگ هڪ عاليشان مقبرو اڏايو، جيڪو اڄ به ٽنڊي -آغا- ۾ زيارتگاهه طور موجود آهي. سيد -جمن- جي قبي جو پهريون مجاور مرزا غلام محمد هو. سيد صاحب جو اڄ ڏينهن تائين جماد الثاني واري مهيني ۾ 16، 17 ۽ 18 -تاريخ- تي ميلو لڳندو آهي. ميلي جي ٻئي ڏينهجن تي ميرزا عنايت علي بيگ، سيد -جمن- شاهه جي دستار ۽ ميندي جي تقريب ڪرائيندو هو ۽ نذر جو بندوبست پڻ ڪرائيندو هو. سندس وفات کان پوءِ اها ذميواري سندس پٽ نڀائيندا اچن. ميلي جي آخري ڏينهن حضرت -امام- حسين عليه السّلام جي مجلس عزا منعقد ٿيندي آهي، جيڪا سيد يار محمد شاهه ڪرائيندو هو ۽ هاڻي سيد شاهه مردان شاهه ڪرائيندو آهي. هن وقت سيد -جمن شاهه شهيد- جي مزار جو سجاده نشين سيد شاهه مردان شاهه آهي.
سيد -جمن- شاهه جي شهادت تي ميرزا ٻڍل بيگ هڪ قطعه -تاريخ- چئي هئي، جيڪا مقبري تي اڪريل آهي. هن ريت آهي:
از شهادت شد مشرف سيد -جمن- شاهه زار،
هجدهم ماه جماد دوم آن گردون وقار،
رفت -جنت- بهر سالش گفت ٻڍل را سروش،
’دوجـده آغـوش‘ خوابيده شه عالي تبار.
1331هه
ان کان سواءِ ميرزا ٻڍل بيگ هن سيد سڳوري جي شهادت تي هڪ طويل مسدس مرثيو پڻ چيو هو، جيڪو 38 بندن تي مشتمل آهي. ميرزا ٻڍل بيگ جي انهي مرثيي جا ٻه -بند- هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اڄ وري بيڏوهه ٿيو سادات -جمن- شاهه شهيد،
ڪربلا ۾ جيئن ڪَٺو شبير کي شمر پليد،
تيئن ڪَٺو موذي عداوت سان اچي سيد سعيد،
شمر کان پڻ ٿيو شقاوت ۾ زياده هي عنيد،
ڪربلا جو واقعو تازو ٿو ڏسجي سنڌ ۾،
ظلم هن جو شور ٻڍبو جلد هاڻي هند ۾.

بس ٻڍل تون ڇا ڪندي هن حال جو شرح و بيان،
آل تي جي ظلم ٿيا سي ڪين ڪي آهن نهان،
عدل ظلمن جو ڪندو خود خالق هر دو جهان،
صابرن سر ڪيا فِدا پنهنجا رضا و صبر سان،
ظالمن کي ظلم جي ملندي سزا نار حميم،
صابرن لئي حق مقرر ڪيو سدا نعم النعيم .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جمن شاهه شهيد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جمن شاهه شهيد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن