داخلا نمبر 7977
عنوان جمي ڪارٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 81 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جمي ڪارٽر

جمي ڪارٽر

جمي ڪارٽر

جمي ڪارٽر (Jimmy Corter ):آمريڪا جو اڻيتاليهون صدر جمي ڪارٽر، پهرين آڪٽوبر 1924ع ۾ جارجيا رياست ۾ پيدا ٿيو. سندس خانداني نالو جمز ارل ڪارٽر جونيئر آهي، سندس والد پوک ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ جنرل اسٽور به هلائيندو هو. هي پنهنجي خاندان جو واحد فرد هو، جنهن ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن پهرين عالمي جنگ ۾ بري فوج جي ليفٽيننٽ جي حيثيت ۾ حصو ورتو. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان هڪ سال پوءِ هن کي بحريه ۾ ڪميشن ملي. والد جي وفات کان پوءِ هن بحريه جي نوڪري ڇڏي ۽ پنهنجي ڳوٺ هليو ويو. 1962ع ۾ هن سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. 1970ع ۾ هن کي جارجيا جو گورنر مقرر ڪيو ويو، گورنر جي حيثيت ۾ هن ٻن وڏن واپاري وفدن جي اڳواڻي ڪئي. 1977ع ۾ هن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. هن صدر جي حيثيت ۾ 20 جنوري 1977ع تي پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. نومبر 1980ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ هي هارائي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.10.01  عيسوي

جمي ڪارٽر ، پهرين آڪٽوبر 1924ع ۾ جارجيا رياست ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون