داخلا ؛ 7976
پڙهيو ويو ؛ 93
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-12-18


تصويرون




ٽائيم لائين

1244.00.00-A.D
جميل شاهه ڏاتار 1244ع ۾ وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--جميعل شاهه ڏاتار

ٽائيٽل ؛ جميعل شاهه ڏاتار


شاخ : شخصيت

جميعل شاهه ڏاتار: هي جميعل شاهه گرناريءَ جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو. سندس مقبرو ڳوٺ پير پٺي، ضلعي -ٺٽي- ۾ موجود آهي. سندس تعلق هندستان جي علائقي گرنار سان هو، جيڪو گجرات ضلعي ۾ جوناڳڙهه جي ڀرسان جو علائقو آهي. گرنار جي ٽڪرين تي ڪيترائي هندو ڌرم ۽ جين مت وارن جا مندر موجود آهن. سنڌ ۾ گرنار کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهڻو ڳايو آهي، ڇو ته تاريخي طور گرنار، گورکناٿ جي پسند جي جاءِ رهي آهي. سنڌ ۾ گورکناٿ کي ’جميعل شاهه ڏاتار‘ جي نالي ۾ پوڄيو ويندو آهي.
جميعل شاهه ڏاتار سنڌ جي صوفين ۾ واحد صوفي آهي، جنهن جو تذڪرو ڪافي الجهليل آهي، ڪيترا کيس گورکناٿ جو -اوتار- سمجهن ٿا. مولانا نعيمي پنهنجي ڪتاب ‘Sufis of Sindh’ (1997ع) ۾ جميعل شاهه جو مڪمل نالو سيد عبدالهادي طلحه عرف جمعيل شاهه گرناري لکيو آهي، جيڪو سندس لکيت موجب 1185ع ۾ مشهد ۾ ڄائو ۽ ننڍپڻ ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. ظاهري علمن سان گڏ باطني علمن ۾ به ڀڙ ٿيو. هو پوءِ سنڌ آيو ۽ پير پٺي جو مريد ٿيو، جتان نقشبندي ۽ چشتي طريقي جي -بيعت- ڪيائين. هي ٻئي طريقا هڪ ٻئي جي مخالف سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ چشتي طريقي ۾ راڳ جي اجازت آهي، جڏهن ته نقشبندي طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، نعيميءَ موجب جمعيل شاهه پهريائين چشتي ۽ پوءِ نقشبندي ٿيو.
ڊاڪٽر الانا صاحب جي لکت موجب هو پير پٺي جو سجاده نشين ۽ ميمڻن جو روحاني پيشوا هو ۽ -امام- موسيٰ ڪاظم جي پونيرن مان هو. هن ئي ميمڻ برادريءَ کي -اسلام- ڏانهن راغب ڪري مسلمان ڪيو. هن 1244ع ۾ وفات ڪئي. سندس عاليشان روضو موجود آهي، -جتي- هر سال -ٽن- ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جميعل شاهه ڏاتار- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جميعل شاهه ڏاتار - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن