داخلا ؛ 7986
پڙهيو ويو ؛ 488
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2014-12-29


تصويرون


quid1.gif
قائداعظم محمد علي جناح
قائداعظم محمد علي جناح

quid2.gif
قائداعظم محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌي
قائداعظم محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌي

quid3.gif
قائداعظم محمد علي جناح مختلف رهنمائن سان گڏ
قائداعظم محمد علي جناح مختلف رهنمائن سان گڏ



ٽائيم لائين

1876.12.25-A.D
محمد علي جناح جو جنم 25 ڊسمبر 1876ع تي اڳوڻي ضلعي ڪراچي ( ۽ هاڻوڪي ضلعي ٺٽي ) جي ڳوٺ جهرڪن ۾ ٿيو

1948.09.11-A.D
قائداعظم11 سيپٽمبر 1948ع تي ڪراچي ايندي سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ رات جو 10:20 وڳي وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--جناح قائداعظم محمد علي

ٽائيٽل ؛ جناح قائداعظم محمد علي


شاخ : شخصيت

جناح، قائداعظم محمد علي: قائداعظم محمد علي جناح، پاڪ و هند جي ڪامياب سياسي ليڊرن ۾ يڪتا تاريخي حيثيت جو مالڪ آهي. محمد علي جناح -پاڪستان- جو باني آهي، سا بذات خود هڪ اهم ڳالهه آهـي، پـر آئـنـده نـسـلــن لاءِ هـن ڳـالـهه جـي علم جي سخت ضرورت آهي ته -ان- جي قائم ڪرائڻ ۾ هن ڪهڙو حصو ورتو ۽ ڪهڙين حالتن کي منهن ڏنو.
قائداعظم محمد علي جناح -اسماعيلي- -آغاخاني- ڪٽنب مان هو، جيڪي اصل ۾ راجڪوٽ جي طرف کان واپار سانگي سنڌ لڏي آيا.
محمد علي جناح جو -جنم- 25 ڊسمبر 1876ع تي اڳوڻي ضلعي ڪراچي (۽ هاڻوڪي ضلعي ٺٽي) جي ڳوٺ جهرڪن ۾ ٿيو، جڏهن ته پرائمري رڪارڊ موجب سندس -جنم- جي تاريخ، 5 -آڪٽوبر- 1875ع آهي. ڪن مصنفن سندس -جنم- جو هنڌ ڪراچي ڄاڻايو آهي، جيڪا غلط فهمي -ان- ڪري پيدا ٿي آهي، جو -ان- زماني ۾ جهرڪن جو شهر ڪراچي ضلعي ۾ هو. جناح صاحب جي ماءُ جو نالو مٺي -ٻائي- ۽ پيءُ جو نالو جيڻا پونجا هو. -جن- جي شادي 1874ع ۾ ٿي هئي. سندن خاندان جي فرم ’والجي پونجا جِي‘ نالي سان مشهور هئي، ۽ اُهي چمڙي جو واپار ڪندا هئا. محمد عليءَ جو والد جيڻا پونجا گجرات ۾ چمڙي جو واپاري هو، جيڪو محمد عليءَ جي ڄمڻ کان اڳ ڪاٺياواڙ مان لڏي سنڌ ۾ جهرڪن ۾ اچي ويٺو. جيڻا لفظ جو اُچار عربي لکت موجب اڳتي هلي ’جناح‘ ٿي ويو. سندس ڏاڏي جو نالو پونجا والجي گوڪلداس ميگهجي هو، جنهن جو تعلق هندن جي -ڀاٽيا- راجپوت گهراڻي سان هو، -جن- جي رهائش گوندل رياست ۾ ڪاٺياواڙ شهر جي ڳوٺ پنيليءَ ۾ هئي. سندس ابا ڏاڏا راجپوت گهراڻي سان تعلق رکندا هئا، پر پوءِ مسلمان ٿيا ۽ -اسلام- قبول ڪرڻ بعد -اسماعيلي- -آغا- خاني فرقي سان وابسته ٿيا. اڳوڻي وزير -تعليم- سنڌ، پيار علي الانا جو نانو سيٺ ڪريم ۽ پونجا پاڻ ۾ سوٽ هئا. محمد علي جناح ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان وڏو هو. سندس ڀائرن جا نالا: احمد علي ۽ بنده علي هئا، جڏهن ته ڀينرن جا نالا: رحمت، شيرين، مريم۽ فاطمه هئا. سندن مادري -ٻولي- گجراتي هئي، پر سنڌ ۾ رهڻ ڪري سنڌي به ڳالهائيندا هئا.
محمد علي جناح ننڍو هو ته کيس ابتدا ۾ جهرڪن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، بعد ۾ ڪراچي لڏي آيا ۽ کيس وڌيڪ پرائمري -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ ’گوڪلداس تيج گجراتي پرائمري اسڪول بمبئيءَ‘ ۾ موڪليو ويو. کيس ايڏي ننڍي وهيءَ ۾، ايترو دور دراز پنڌ تي، ابتدائي -تعليم- لاءِ موڪلڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا، اُن جو -پتو- پئجي نه سگهيو آهي؛ بهرحال هي گهڻو وقت اوڏانهن رهي نه سگهيو، ۽ پوءِ کيس 1886ع ۾ سنڌ مدرسته -الاسلام- ڪراچيءَ ۾ داخل ڪيو ويو. جِتان کيس ڪجهه وقت کان پوءِ ڪڍي، پندرهن سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي ’ڪرسچن مشنري اسڪول‘ ۾ داخلا ڏياري وئي، جتان هن مئٽرڪ پاس ڪئي. جناح صاحب هاءِ اسڪول جي پڙهائيءَ دوران ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر ۽ -ٽيم- جو ڪئپٽن هو. کيس گهوڙي سواريءَ جو به شوقين هو. جناح صاحب جي ڪٽنب جو لاڳاپو هڪ -انگريز- واپاريءَ، سر فريڊرڪ ڪرانٽ سان هو. تنهن هن نوجوان جي لياقت کي مدنظر رکي، سندس مائٽن کي وڌيڪ -تعليم- وٺڻ لاءِ کيس ولايت موڪلڻ جي صلاح ڏني، جنهن تي هن کي 16 ورهين جي عمر ۾ -انگلنڊ- ڏانهن بئريسٽري پڙهڻ لاءِ 1892ع ڌاري موڪليو ويو، -جتي- هي ’لنڪن اِن‘ ۾ داخل ٿيو. اُتي هن 1993ع ۾، لنڊن ۾، شيڪسپيئر ڊراما ڪمپنيءَ ۾، روميو (Romeo) جو ڪردار ادا ڪيو.
ياد رهي ته جناح صاحب جي پهرين شادي 16 ورهين جي ننڍيءَ ڄمار ۾ (1890ع ۾) پنيلي ڳوٺ جِي، -ايمي- ٻائيءَ سان ٿي هئي، جڏهن اُن جي عمر 14 سال هئي. جناح صاحب کي -انگلنڊ- ۾ -تعليم- پرائيندي، اڃا 8 مهينا ئي نه ٿيا هئا ته -ايمي- -ٻائي- 16 سال جي ڄمار ۾ (1892ع ۾) وفات ڪري وئي. تنهنڪري سندس هيءَ شادي جهڙي ٿي، تهڙي نه ٿي. سندس ماءُ کي ڊپ هو ته جناح صاحب جي گهر واري فوت ٿيڻ ڪري هو متان ڪنهن انگريزياڻِءَ سان شادي نه ڪري ويهي، ڇو ته -انگلنڊ- وارو دور سندس ڦوهه جوانيءَ جو دور هو، آزاد فضا ۾ ڪا جهل پل نه هئي، پر ڏسجي ٿو ته جناح صاحب پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي مٿانهون ۽ ممتاز رکيو ۽ اهن اُتي ٻي شاديءَ طرف ڪو ڌيان نه ڏنو.
جناح صاحب 1894ع ۾، 18 سالن جي ڄمار ۾ بئريسٽري ڪري ورتي، اهو -ان- دور جو هڪ رڪارڊ هو.
اُتي لنڊن ۾ محمد علي جناح، ڪانگريس جي مکيه قومپرست ليڊر، دادا -ڀائي- نوروجيءَ (پارسي) جي اثر هيٺ آيو. انهن ڏينهن ۾ دادا -ڀائي- برٽش -پارليامينٽ- جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار بيٺو هو، جنهن ۾ هن سندس ورڪر بڻجي ڪم ڪيو.
جناح صاحب بئريسٽريءَ جي سنَد وٺي، 1896ع ۾ واپس ڪراچيءَ موٽيو، ۽ اچي ڪراچيءَ جي مشهور وڪيل هرچندراءِ وشنداس سان گڏ وڪالت شروع ڪيائين. سندس ڪٽنب جي مالي حالت -ان- وقت ڪمزور ٿي وئي هئي. ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ موقعا ۽ حالتون ٺيڪ نه ڏسي، هي ٻئي سال (1897ع) -بمبئي- وڃي وڪالت ڪرڻ لڳو. اتي -ٽن- سالن (1900ع) تائين وڪالت ڪرڻ بعد ايڊووڪيٽ جنرل مسٽر مئڪفرسن جي آفيس ۾ وڃي ڪاغذن پڙهڻ جي اجازت ورتائين. 1900ع ۾ ئي مسٽر مئڪفرسن جي سفارش سان کيس ڇهن مهينن لاءِ پريزيڊنسي مئجسٽريٽ ممبئيءَ جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن اُن دوران پنهنجي ننڍي ڀيڻ فاطمه جناح کي ڪراچيءَ کان بمبئيءَ گهُرائي ورتو ته جيئن هوءَ ڪانوينٽ اسڪول ۾ -تعليم- اچي مڪمل ڪري.
1903ع ۾ جناح صاحب -بمبئي- ميونسپل ڪارپوريشن جو ليگل ائڊوائيزر مقرر ٿيو. -ان- کان پوءِ کيس پڪي ملازمت جي آڇ ٿي، پر هن اها رد ڪري وڪالت شروع ڪئي ۽ ڪامياب وڪيل ثابت ٿيو.
جڏهن چئن سالن جي محنت کان پوءِ، هي روزگار جي مسئلي ۾ بي فڪر ٿيو، ته هن سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. جناح صاحب مسٽر گوڪلي جي اثر هيٺ آيو. دادا -ڀائي- نوروجيءَ جو اڳ ۾ -انگلنڊ- ۾ واقف ٿي چڪو هو. جڏهن 1906ع ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جو اجلاس ڪلڪتي ۾ دادا -ڀائي- نوروجيءَ جي صدارت هيٺ ڪَٺو ٿيو، ته هي (30 سالن جي عمر ۾) سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ ڊيليگيٽ ٿي، -ان- ۾ شريڪ ٿيو. -ان- اجلاس ۾ هڪ ٻن ٺهرائن جي تائيد به ڪيائين. -ان- کان پوءِ ڪانگريس جو رُخ تيز ڏسي، انگريزن اُن ئي سال، نواب وقار الملڪ جي صدارت هيٺ، مسلم ليگ جو ڍاڪا ۾ بنياد وجهرايو.
1906ع کان وٺي جناح صاحب سال بسال ڪانگريس جي اجلاسن ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1908ع جي مدراس اجلاس ۾ هندستان جي مستقبل جي آئيني سوال تي لارڊ مارلي جي رپورٽ تي پيش ٿيل ٺهراءُ تي بحث ۾ حصو ورتائين. 1909ع ۾ هي -بمبئي- صوبي جي مسلمانن طرفان وائسراءِ جي ليجسليٽوِ ڪائونسل (Legislative Council) تي ميمبر چونڊجي ويو، جنهن ۾ هن دلچسپي وٺي پاڻ ملهايو.
1910ع ۾ -الهه آباد- ۾، سر وليم ويڊ برن جي صدارت هيٺ، ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ڪٺو ٿيو. -ان- ۾ جُدا چونڊن کي لوڪلبورڊن ۽ ميونسپالٽين ۾ رائج ڪرڻ جي اصول کي نندڻ جو ٺهراءُ، جناح صاحب پيش ڪيو، جنهن جي مسٽر مظهرالحق ۽ سيد حسن -امام- تائيد ڪئي.
1911ع ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ سر وزير حسين جي مشوري ۽ صلاح تي جناح صاحب مسلم ليگ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، ۽ -ان- جي ’دستور العمل‘ (Constitution) ۾ تبديلي آڻي، هندستان لاءِ ’خود حڪومت‘ (Self Government) حاصل ڪرڻ جي ترميم پاس ڪرايائين. انهيءَ اجلاس ۾ هن تقرير به ڪئي.
محمد علي جناح، -اپريل- 1913ع ۾ مسٽر گوڪلي سان گڏ يورپ جي سير تي ويو، -جتي- هندستاني شاگردن جي تڪليفن دور ڪرائڻ لاءِ، 28 جون 1913ع تي، ڪاگسٽن هال لنڊن ۾ تقرير ڪيائين ۽ شاگردن جي هڪ جماعت ’لنڊن انڊين ائسوسيئيشن‘ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪيائين. انهيءَ سال (1913ع) مولانا محمد علي جوهر ۽ سيد وزير حسين جي اسرار تي -انگلنڊ- ۾ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- ۾ باقاعدي شموليت اختيار ڪيائين، پر -ان- شرط تي ته سندس مسلم ليگ ۾ شموليت سان ڪانگريس جي رڪنيت اثر انداز نه ٿيندي.
26، 27 ۽ 28 ڊسمبر 1913ع تي ڪانگريس جو اجلاس، ڪراچيءَ ۾ ڪَٺو ٿيو، جنهن ۾ ڪانگريس جو -آئين- بدلائي، خود حڪومت وٺڻ جي ٺهراءَ کي پاس ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ جناح صاحب هندستان جي آئيني سڌارن بابت هڪ مکيه ٺهراءُ پاس ڪيو. اتان هي آگري ۾ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو. اهو اجلاس 30- 31 ڊسمبر 1913ع تي سر ابراهيم رحمت -الله- جي صدارت ۾ ٿيو. -ان- اجلاس ۾ جناح صاحب سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار -انڊيا- جي ڪائونسل ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ تجويز پيش ڪئي.
1914ع ۾ جناح صاحب ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ هندو مسلم مسئلن جي سمجهوتي ۽ -ترقي- پسند پاليسي اختيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو، ڇو ته هو ٻنهي جماعتن ۾ اهم پوزيشن حاصل ڪري چڪو هو. -ان- سال ڪانگريس طرفان وڌيڪ سڌارن حاصل ڪرڻ لاءِ مئي 1914ع ۾ -انگلنڊ- هڪ وفد موڪيو ويو، جنهن ۾ هندستاني مسلمانن پاران جناح صاحب ۽ مسٽر مظهرالحق وفد جا ميمبر ڪري موڪليا ويا. اتي جناح صاحب هندستان جي آئيني مسئلن تي اهڙو مدلل بحث ڪيو، جو ’لنڊن ٽائيمس‘ جي نمائندي سندس انٽرويو شايع ڪيو. واپس هندستان موٽڻ تي ڪانگريس جي مدراس واري اجلاس ۾ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. انهيءَ سال يورپ ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، جنهن لاءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي انگريزن جي مدد جو ٺهراءُ پاس ڪيو.
ڊسمبر 1915ع ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ۽ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جا اجلاس بمبئيءَ ۾ ڪَٺا ٿيا. ڪيترا ڪانگريسي اڳواڻ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، -جن- ۾ ڪانگريس جو صدر لارڊ سنها، -ايني بيسنت- ۽ مهاتما گانڌي مکيه هئا. -ان- موقعي تي ايني بيسنت، مسٽر گوڪلي ۽ لو ڪمانيه -تلڪ- جي گروپن ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ هڪ ٺهراءُ ذريعي ڪميٽي ٺهرائي. انهيءَ ٺاهه ڪرائڻ ۾ جناح صاحب مکيه -بهرو- ورتو. پر ’آئيني سڌارن‘ جي مسئلي تي ٺاهه ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو.
1916ع جي -اول- ڌاري جناح صاحب کي بمبئيءَ جي مسلمانن ٻيو ڀيرو امپيريل ڪائونسل تي ميمبر چونڊي موڪليو. انهيءَ سال -اپريل- ۾ ڪانگريس طرفان مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جي ميٽنگ -الهه آباد- ۾ گڏ ٿي. مسلم ليگ جا عيوضي به حاضر هئا. آخر ۾ ٻنهي جماعتن طرفان مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي، 17، 18 نومبر 1916ع تي ڪلڪتي ۾، سريندر ناٿ بئنرجيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ ٻنهي جماعتن جي عيوضين هڪ گڏيل سمجهوتي جي تجويز منظور ڪئي. سال جي آخر ۾ ٻنهي جماعتن جا اجلاس لکنوءَ ۾ ڪٺا ٿيا. ڪانگريس اجلاس جي صدارت -بابو- امبيڪا چرن مزمدر ڪئي ۽ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جي اجلاس جي صدارت جناح صاحب ڪئي. انهن ٻنهي اجلاسن ڪلڪتي ۾ ڪميٽين طرفان پاس ڪيل گڏيل سمجهوتي جي تجويز کي پاس ڪيو، اُهو عهدنامو ’لکنو پئڪٽ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن ۾ ’مسلمانن جي جدا چونڊن ۽ مخصوص سيٽن‘ جو اصول قبول ڪيو ويو هو.
ان دور ۾ جناح صاحب جا ڪانگريس سان اختلاف شدت اختيار ڪندا ويا. جناح صاحب ڪوشش ڪئي ته مسلمانن کي اڪثريت وارن صوبن ۾ -جائز- حق ملڻ تي سمجهوتو ٿئي، پر ڪجهه هندو اڳواڻن ’لکنو پئڪٽ‘ جي ابتڙ ’جدا چونڊن‘ جي اصول جي مخالفت ڪئي. -ان- ڳالهه تي جناح صاحب کي ڪاوڙ آئي، پوءِ به هو ٻنهي ڌرين ۾ سمجهوتي لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو، باوجود -ان- جي، کيس فرقيوار ذهنيت جا طعنا ملڻ لڳا.
1917ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي زور تي هئي. -انگريز- حڪومت، باوجود ڪانگريس ۽ مسلم ليگ طرفان حڪومت سان وفاداريءَ وارن ٺهرائن جي، سخت دٻاءِ جي پاليسي اختيار ڪئي.
جولاءِ 1917ع تي -بمبئي- ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ڪميٽي ۽ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- ڪائونسل جا اجلاس ڪَٺا ٿيا، ۽ انهن ۾ متفق فيصلو ڪيو ويو ته هڪ درخواست سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي پيش ڪئي وڃي، جنهن ۾ هندستان جي ’خود- حڪومت‘ لاءِ گهر ڪئي وڃي. اهڙي درخواست تيار ڪري، ٻنهي جماعتن جو گڏيل وفد وائسراءِ ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي مليو.
انهيءَ وقت ڌاري هندستانين کي گهرو راڄ (هوم رول) ملڻ لاءِ مسز -ايني بيسنت- ’هوم رول ليگ‘ نالي سان جماعت قائم ڪري، هلچل هلائڻ لڳي. -ان- تي هندستان سرڪار ناراض ٿي، جون 1917ع ۾ مسز -ايني بيسنت- کي نظر -بند- ڪيو. هن موقعي تي جناح صاحب، جيڪو اڳي هوم رول ليگ جو ميمبر نه هو، سو -ان- جماعت ۾ شريڪ ٿي ويو، ۽ -جولاءِ- مهيني ۾ بمبئيءَ جي هڪ پبلڪ ميٽنگ ۾ تقرير ڪندي، سرڪار جي انهيءَ قدم تي سخت نڪته چيني ڪيائين. حالتون سڌرڻ بدران بگڙڻ لڳيون ۽ سرڪار زياده سختيءَ طرف مائل ٿي. -ان- تي وري بمبئيءَ ۾ 30 -جولاءِ- 1917ع تي -بمبئي- پريزيڊنسي ائسوسيئيشن جي سهاري هيٺ، هڪ ميٽنگ جناح صاحب جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ سندس ڪيل تقرير مشهور آهي.
6 -آڪٽوبر- 1917ع تي -الهه آباد- ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ڪميٽي ۽ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- ڪائونسل جي گڏيل ميٽنگ ڪَٺي ٿي، جنهن ۾ گرم ڌر ۽ عمر رسيده سياستدانن جي وچ ۾ برٽش حڪومت سان عدم تعاون ڪرڻ جي سوال تي بحث ٿيو. جناح صاحب، مسز -ايني بيسنت- ۽ ڪيترن ٻين پراڻن تجربيڪار سياستدانن -ان- جي مخالفت ڪئي.
ساڳئي سال جي آخر ۾ ڊسمبر 1917ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا ساليانه اجلاس ڪٺا ٿيا. پهرئين جي صدارت مسز -ايني بيسنت- ڪئي ۽ ٻئي جي صدارت مولانا محمد علي جوهر کي ڪرڻي هئي، پر هن جي نظربند هئڻ ڪري راجا صاحب محمودآباد، وقتي صدارت جا فرائض بجا آندا. -ان- اجلاس ۾ وڌيڪ آئيني سڌارن لاءِ گهر ڪئي وئي.
1916ع کان 1918ع وارا سال جناح صاحب جي زندگيءَ جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا سحر انگيز سال هئا. کيس ’بمبئيءَ جو گل‘ (Flower of Bombay) سڏيو ويندو هو. بمبئيءَ جي هر جلسي ۾ سندس اعليٰ ڪردار ۽ قابليت جو تذڪرو هوندو هو. جناح صاحب جي پهرين گهر واري بيماريءَ ۾ (1892ع ۾) گذاري چڪي هئي. 41 سالن جي عمر تائين جناح صاحب سياسي مسئلن ۾ متحرڪ رهيو. شادي به انساني زندگيءَ جو اهم پهلو آهي. 41 سالن جي عمر ۾ جناح صاحب رتن ٻائيءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿيو. -ان- وقت رتن ٻائيءَ جي عمر 17 سال هئي. هوءَ بمبئيءَ جي مشهور -پارسي- صنعتڪار، سر ڊنشا پيٽٽ جي اڪيلي ۽ سڪيلڌي ڌيءَ هئي. سر ڊنشا محمد علي جناح جو دوست هو. جناح صاحب سندس گهر ايندو ويندو هو ۽ ساڻس اُٿ ويهه ۽ کائڻ پيئڻ جو گَهرو رستو هئس. رتن ٻائيءَ جي غير معمولي حسن، هوشياريءَ، تيز فهميءَ ۽ اعليٰ مذاق کيس مشتاق ڪري وڌو. رتن ٻائيءَ جي به جناح سان بي انتها محبت ٿي وئي. ٻنهي جي عمر ۾ 24 سالن جو فرق هو. جڏهن سر ڊنشا کي هن عشق جي خبر پئي ته ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ڌيءَ کي جناح سان ملڻ کان سختيءَ سان منع ڪيائين. پر عشق آڏو قيد، -بند- ۽ جهَلون بي معنيٰ آهن. 18 سالن جي عمر تي پهچڻ بعد رتن -ٻائي- وات وڪيل هئي؛ ۽ هوءَ مائونٽ پليزنٽ روڊ تي جناح صاحب جي بنگلي تي پهتي.
16 -اپريل- 1918ع تي رتن ٻائيءَ -اسلام- قبوليو ۽ سندس مسلم نالو ’مريم‘ رکيو ويو. -ٽن- ڏينهن بعد 19 -اپريل- 1918ع تي جمعي جي ڏينهن سندس شادي محمد علي جناح سان ٿي. -بهار- جي رُت ۾ جناح ۽ رتن -ٻائي- (مريم) ازدواجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا. شاديءَ ۾ جناح صاحب جا ڪيترا مسلم دوست شريڪ ٿيا، -جن- ۾ راجا صاحب آف محمود -آباد- به هڪ هو. اها خبر بمبئيءَ جي مشهور -اخبار- اسٽيٿسمئن ۾ شايع ٿي. رتن -ٻائي- ذهين ڇوڪري هئي، جناح به غير معمولي شخص هو. رتن کي به سياست جو شوق هو، تنهنڪري هوءَ جناح جو سياست ۾ ساٿ ڏيندي هئي.
چيو وڃي ٿو ته جيئن ته جناح صاحب هيءَ شادي، برادريءَ کان ٻاهر ڪئي هئي، -ان- ڪري -اسماعيلي- -آغاخاني- جماعت مٿس ناراض ٿي ۽ کيس جماعت جي ڪمن ۽ سرگرمين ۾ اهميت نه ڏني ويندي هئي. رتن ٻائيءَ مان جناح صاحب کي اڳتي هلي 1919ع ۾ دينا جناح نالي هڪ ڌي ڄائي، جيڪا سندس واحد اولاد هئي.
1918ع ۾ هندستاني سياست تي مهاتما گانڌي پنهنجي نئين سياسي پروگرامن- ’عدم تشدد‘، ’عدم تعاون‘ ۽ ’ستياگرهه‘ جي رستي اثر انداز ٿيو. -ان- جي ڀيٽ ۾ هوم رول ليگ وارا نرم ڏسڻ ۾ آيا. هوم رول وارن هندستان جي سوال پيش ڪرڻ لاءِ هڪ وفد -انگلنڊ- موڪلڻ گهريو، جنهن جي هند سرڪار اجازت نه ڏني. -ان- تي جناح صاحب، مسز -ايني بيسنت- ۽ لو ڪمانيه تلڪ، سرڪار جي انهيءَ روش کي هڪ گڏيل بيان ذريعي ننديو.
سگهو ئي وائسراءِ دهليءَ ۾ ’وار ڪانفرنس‘ جي ميٽنگ گهرائي، جنهن ۾ جناح صاحب هندستان کي آئيني سڌارن ڏيڻ لاءِ هڪ تجويز پيش ڪئي، جا چيئرمئن (وائسراءِ) اچڻ نه ڏني. -ان- وقت ڌاري بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ولنگڊن جي صدارت هيٺ هڪ ’وار ڪائونسل‘ جي ميٽنگ ٿي. -ان- ۾ جناح صاحب ۽ هوم رول ليگ ۽ گورنر جي وچ ۾ اختلاف راءِ ٿيو، جنهن به سڌارن جي ڳالهه وچ ۾ آڻڻ جي اجازت نه ڏني. -ان- تي بمبئيءَ جي عوام ۾ ناراضگي پيدا ٿي پئي، -جن- مهاتما گانڌيءَ جي صدارت هيٺ پبلڪ ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ جناح صاحب، لارڊ ولنگڊن جي پاليسيءَ خلاف نندا جو ٺهراءُ پيش ڪري، سخت تقرير ڪئي. -ان- تي سرڪار پرستن طرفان -ٽائون- هال بمبئيءَ ۾ لارڊ ولنگڊن جي فائدي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ لاءِ جلسو سڏايو ويو. جناح صاحب ۽ مسٽر هارنيمن، عام ماڻهن کي -ان- جلسي ۾ اچڻ لاءِ دعوت ڏني. -ان- حالت کي ڏسي سرڪاري ڇاڙتن، پوليس ۽ غُنڊن جي مدد سان عام ماڻهن کي اندر اچڻ کان روڪي، گڏ ٿيل چند ماڻهن کان لارڊ ولنگڊن جي تعريف ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. -ان- تي هال کان ٻاهر روڪيل هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيل ماڻهن گورنر جي خلاف نندا جو ٺهراءُ، مسٽر جناح ۽ مسٽر هارنيمن جي اڳواڻيءَ هيٺ پاس ڪيو. اهو پهريون دفعو هو، جو حڪومت جي برخلافيءَ هوندي، عوام پنهنجي راءِ جو کليل اظهار ڪيو هو. -ان- واقعي کان متاثر ٿي، -بمبئي- شهر جي عام ماڻهن انهيءَ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ، مسٽر جناح جي يادگار قائم ڪرڻ لاءِ چندو گڏ ڪري، هڪ هال ٺهرايو، جيڪو هال اڄ تائين ’محمد علي جناح هال‘ جي نالي سان سڏجي ٿو.
1918ع ۾ ٻه مکيه رپورٽون سرڪار طرفان پڌريون ڪيون ويون، -جن- مان هڪ رپورٽ رولٽ ڪاميٽيءَ جي هئي، جنهن جي مخالفت ۾ امپيريل ڪائونسل اندر جناح صاحب سخت تقرير ڪئي هئي. ٻي مانٽيگو چيلمسفورڊ آئيني سڌارن جي اسڪيم جي رپورٽ هئي، جا 8 -جولاءِ- 1918ع تي سرڪار پڌري ڪئي. -ان- تي سياسي ڪارڪن، -ٽن- راين ۾ ورهائجي ويا:
نرم ڌر جي ڪارڪنن -ان- کي ٿورين درستين بعد قبول ڪرڻ چاهيو ٿي. ٻيا ڪارڪن -ان- ۾ مکيه ترميمن بعد ئي قبولڻ لاءِ تيار هئا ۽ ٽيان ڪارڪن اهڙا به هئا، جي سموريءَ اسڪيم کي رد ڪرڻ جا حامي هئا.
جناح صاحب وچئين گروهه سان شامل ٿي، اهڙي قسم جو بيان ڏنو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته اُها رپورٽ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي لکنوءَ ۾ ٿيل عهدنامي جي بنياد تي تيار ڪيل هئي. -ان- ۾ مکيه سڌارن جون تجويزون پيش ٿي سگهيون ٿي، ليڪن -ان- کي رد ڪرڻ، عهدنامي جي خلاف هو.
11 نومبر 1918ع تي يورپ جي پهرين مهاڀاري لڙائي پوري ٿي، جنهن ۾ اتحادين جي فتح ٿي. -ان- کان پوءِ دهليءَ ۾ ڊسمبر 1918ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس، هر هڪ پنڊت مدن موهن مالويه ۽ مولوي فضل -الحق- جي صدارت هيٺ ڪَٺا ٿيا. -ان- وقت تائين ڪانگريس تي انتها پسندن جو قبضو ٿي چڪو هو، -جن- رپورٽ ۾ ڏيکاريل سڌارن جي اسڪيم کي رد ڪيو. مسلم ليگ به لڳ ڀڳ اهڙو رويو اختيار ڪيو.
مهاتما گانڌيءَ -ان- بل خلاف هڙتال لاءِ، 6 -اپريل- 1919ع جو ڏينهن مقرر ڪيو. جنهن تي وڏن شهرن- بمبئي، دهلي، لاهور، امرتسر وغيره ۾ جلوس نڪتا؛ پوليس رڪاوٽ وجهڻ چاهي؛ فساد ٿيا. امرتسر ۾ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو ۽ مسٽر ستياپال قومي ڪارڪنن کي سرڪار گرفتار ڪري، ڪنهن نامعلوم جڳهه ڏانهن وٺي وئي. ماڻهن احتجاج طور جلوس ڪڍيا. سرڪار بندش وڌي. -ان- تي احتجاج ڪرڻ لاءِ هڪ عام ماڻهن جو ميڙ جليانوالا -باغ- ۾ ڪَٺو ٿيو، جنهن ۾ -انگريز- جنرل اوڊائر، عام ماڻهن تي گوليون هلائي قتل عام ڪرايو.
ملڪ جون حالتون نازڪ ڏسي، جناح صاحب ۽ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، جيڪي پاڻ ۾ دوست به هئا، برطانوي -پارليامينٽ- جي اجلاس کلڻ وقت -انگلنڊ- ويا.
انهيءَ وقت عوام ۾ هڪ طرف رولٽ -ائڪٽ- جي پاس ٿيڻ، جليانوالا -باغ- ۾ قتل عام ٿيڻ ۽ سڌارن جي اڻ پوري اسڪيم تي ناراضپو پيدا ٿي پيو. اهڙين حالتن هيٺ امرتسر ۾ ڊسمبر 1919ع جي آخر ۾ چئن جماعتن- آل -انڊيا- ڪانگريس، آل -انڊيا- مسلم ليگ، خلافت ڪانفرنس ۽ جميعت العلماءِ جا اجلاس ٿيا، -جن- ۾ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ٿيا. جناح صاحب انهن ۾ شريڪ ٿيو يا نه، -ان- جو ڪو ثبوت نه ٿو ملي، البت ٻئي سال جي شروعات ۾ آل -انڊيا- خلافت ڪانفرنس جو اجلاس بمبئيءَ ۾، 20 فيبروري 1920ع تي رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي صدارت هيٺ ڪَٺو ٿيو، جنهن ۾ جناح صاحب شرڪت ڪئي. ساڳئي سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ هن ڪلڪتي جي -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ جناح صاحب رولٽ ائڪٽ، پنجاب جي قتل عام ۽ خلافت جي سوال تي انگريزن تي سخت نڪته چيني ڪئي ۽ سندس هيٺين لفظن کي تاريخي شهرت حاصل ٿي:
”برٽش سرڪار اسان جي هڪ بي عزتيءَ مٿان ٻي بي عزتي، هڪ نا اميديءَ پٺيان ٻي نا اميدي، هڪ زخم مٿان ٻيو زخم ڪندي رهي ٿي. انهن ڳالهين روس ۾ بولشوزم آندو؛ آئرلئنڊ ۾ سن فيزم آندو. اُهي هندستان ۾ -آزادي- آڻينديون.“
پر -ان- وقت هن ’سرڪار سان عدم تعاون‘ واري مسئلي تي ڪنهن راءِ جو اظهار نه ڪيو. ڪانگريس به ٻن راين ۾ ورهائجي وئي هئي. -تلڪ- مهاراج، مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارن جي فائدي ۾ هو، گانڌي سرڪار سان عدم تعاون ڪرڻ جي فائدي ۾ هو. ڪلڪتي ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جو خاص اجلاس لالا لجپت راءِ جي صدارت هيٺ ڪَٺو ٿيو. -ان- ۾ ٻين ٺهرائن سان گڏ مهاتما گانڌيءَ جو سرڪار سان عدم تعاون وارو ٺهراءُ به پاس ٿي ويو.
آڪٽوبر 1920ع ۾ مسز -ايني بيسنت- هوم رول ليگ -تان- استعيفا ڏني، ۽ گانڌيجيءَ کي -ان- جو صدر چونڊيو ويو. -ان- جو اجلاس بمبئيءَ ۾ ڪَٺو ٿيو، جنهن ۾ هندستان کي مڪمل سوراج ملڻ جو ٺهراءُ پيش ٿيو. جناح صاحب -ان- ۾ ٻه ترميمون پيش ڪيون، -جن- ۾ هڪ اها هئي ته سوراج جي معنيٰ ’جوابدار حڪومت‘ سمجهي وڃي. سندس ٻئي پيش ڪيل تجويزون پاس نه ٿيون، جنهن تي جناح صاحب اعتراض اٿاريو ته هوم رول ليگ ڪائونسل جي اجلاس کان سواءِ -ان- جو -آئين- بدلي نٿو سگهجي. ليڪن صدر صاحب رولنگ ڏئي، -ان- اعتراض کي رد ڪري ڇڏيو.
جناح صاحب ۽ ساڻس گڏ ٻيا 19 قومي ڪارڪن، سياست جي واڳ گرم ڌر وارن جي هٿ ۾ ايندي ڏسي، هوم رول ليگ -تان- استعيفا ڏئي ويا. مهاتما گانڌيءَ هُن کي خط لکي اپيل ڪئي ته هو جماعت ۾ واپس موٽي اچي، پر هن سندس نون طريقن، عدم تعاون ۽ستياگرهه سان اختلاف ظاهر ڪندي، جدا رهڻ پسند ڪيو.
ڊسمبر 1920ع تي ناگپور ۾ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ۽آل -انڊيا- مسلم ليگ جا اجلاس، هر هڪ: وجيا راگهو -آچاريه- ۽ ڊاڪٽر مختيار احمد انصاريءَ جي صدارت هيٺ ڪَٺا ٿيا. اتي سرڪار سان عدم تعاون ڪرڻ جو ٺهراءُ، ڪانگريس ۾ مهاتما گانڌيءَ پيش ڪيو. جنهن جي جناح صاحب مخالفت ڪندي چيو ته: ”سياست کي مذهبي رنگ ڏيڻ جو عمل آخر ۾ فائدي بدران نقصان ڪندو.“ پر هن جو آواز ڪنهن به نه ٻُڌو. -ان- ڪري، -ان- کان پوءِ هو عملي طرح وقتي سياست کان ٻاهر نڪري ويو.
ان کان پوءِ ملڪي سياست جي اڳواڻي مهاتما گانڌي، علي برادران، جميعت العلماءِ ۽ قوم پرست انتهاپسندن جي هٿ ۾ رهي. هزارين ماڻهو جيلن ۾ ويا. -ان- وقت مرڪزي سرڪار نرم خيال رکندڙ ڪارڪنن کي پنهنجي طرف ڪرڻ لاءِ عهدن وسيلي خريد ڪرڻ شروع ڪيو، ليڪن جناح صاحب انهيءَ چڪر ۾ اچڻ کان صاف انڪار ڪيو.
جڏهن هند سرڪار قومي ڪارڪنن تي حد کان وڌيڪ سختي ڪرڻ شروع ڪئي، ته جناح صاحب ۽ ٻين نرم ڌر جي قومي ڪارڪنن، -جنوري- 1922ع تي بمبئيءَ ۾ سر ديسويسرايا جي چيئرمينيءَ هيٺ هڪ آل پارٽيز ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ سرڪار جي انهن دٻاءَ وارن قدمن کي ننديو ويو، ۽ ڪانگريس کي مشورو ڏنو ويو ته بردوليءَ ۾ سول نافرماني ڪرڻ جي تجويز کي -بند- ڪن. -ان- ۾ هند سرڪار کي وڌيڪ مشورو ڏنل هو ته گول ميز ڪانفرنس سڏائي، خلافت، پنجاب ۾ ٿيل ظلمن ۽ سوراج جي مسئلن تي ملڪي ڪارڪنن سان سمجهوتي تي اچي. ليڪن ٻنهي ڌرين هنن ڏي توجهه نه ڏنو، ۽ سول نافرماني تحريڪ بردوليءَ ۾ شروع ٿي. -بهار- پرڳڻي جي چوراچري نالي ڳوٺ ۾ ڪي تشدد جا واقعا رونما ٿيا. مهاتما گانڌيءَ، -ان- تي يڪدم تحريڪ کي مهمل ڪيو. ليڪن سرڪار بجاءِ -ٿڌي- ٿيڻ جي، ويتر گانڌيءَ کي گرفتار ڪري، سزا ڏيئي ڇڏي.
آهستي آهستي حالتون بدلجڻ لڳيون. هندو مسلم -اتحاد- ڪمزور ٿي پيو، ۽ فرقيوارانه فساد ٿيڻ لڳا. انهيءَ سال 14 نومبر 1923ع تي جناح صاحب وري مرڪزي اسيمبليءَ تي بنا مقابلي چونڊجي ويو.
هاڻ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس جدا جاين تي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. -ان- وقت تائين اُهي اڪثر ساڳئي شهر ۾، ڪم و پيش ساڳئي وقت سڏبا ايندا هئا. هِن ڀيري -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جو ساليانو اجلاس، ڊسمبر 1923ع ۾ ڪوڪناڊا ۾ مولانا محمد علي جوهر جي صدارت هيٺ ڪَٺو ٿيو. ٻئي طرف -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جو اجلاس، ٻئي سال 25 مئي 1924ع تي لاهور ۾ جناح صاحب جي صدارت هيٺ ڪَٺو ٿيو، جنهن ۾ کيس ايندڙ -ٽن- سالن تائين مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو، جنهن ۾ هن سوراج حاصل ڪرڻ لاءِ هندو مسلم سمجهوتي تي زور ڏنو. مولانا محمد عليءَ پنهنجيءَ تقرير ۾ مسلم ليگ جماعت جي عوام جي نمائندگيءَ واري دعويٰ ۾ شڪ آندو. -ان- -تان- ٻنهي مسلمان ليڊرن ۾ اختلاف راءِ پيدا ٿي پيو. گانڌيجيءَ هندو مسلم مسئلي ۽ ٻين ملڪي سوالن تي غور ڪرڻ لاءِ آل پارٽيز ميٽنگون سڏايون، پر ڪو به خاطر خواه نتيجو ڪونه نڪتو.
جڏهن جناح صاحب ڏٺو ته خلافت تحريڪ ترڪن هٿان خلافت جي ختم ٿيڻ سبب پنهنجو اثر وڃائي ويٺي آهي. جميعت العلماءِ جو گهڻو توجهه مذهبي ڳالهين طرف آهي، تنهنڪري مسلمانن جي پڙهيل ۽ مٿانهين طبقي جي رهنمائي صرف مسلم ليگ ذريعي ٿي سگهي ٿي، اُن ڪري -ان- کي منظم ڪرڻ طرف توجهه ڏنائين.
1924ع ۾ ئي محمد علي جناح مرڪزي ليجسليٽوِ اسيمبليءَ اندر وڏي جدوجهد بعد قرارداد پاس ڪرائي ته هندستان کي خودمختياري ڏيڻ لاءِ برٽش حڪومت کي گول ميز ڪانفرنس سڏائڻ گهرجي.
نومبر 1926ع ۾ وري جناح صاحب بمبئيءَ جي مسلمـانن پـاران مرڪزي اسيمبليءَ تي بنا مخالفت جي چونڊجي ويو. اسيمبليءَ ۾ وڃڻ بعد هن ’آزاد پارٽي‘ قائم ڪئي. پنڊت موتي لعل نهرو ’سوراجسٽ پارٽيءَ‘ جو اڳواڻ هو ۽ ٻئي مخالفت ۾ ويٺا.
ٻئي سال، 20 مارچ 1927ع تي مسلمان سياستدانن جي جناح صاحب جي صدارت ۾ ميٽنگ گڏ ٿي، جنهن ۾ راجا صاحب آف محمود آباد، سر محمد شفيع، ڊاڪٽر انصاري، صاحبزاده سر عبدالقيوم خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. -ان- ميٽنگ ۾ جناح صاحب هندو مسلم سمجهوتي لاءِ تجويز بحال ڪرائي ته:
(1) سنڌ کي جدا صوبو ٺاهيو وڃي، (2) فرنٽيئر ۽ -بلوچستان- جي صوبن کي سڌارا ڏنا وڃن، (3) پنجاب ۽ -بنگال- ۾ آدمشماريءَ مطابق مسلمانن کي نمائندگي ڏني وڃي، (4) مرڪزي اسيمبليءَ ۾ مسلمانن کي ٽيون حصو نمائندگي ڏني وڃي، ۽ (5) مسلمان هندن کي مٿي ذڪر ڪيل صوبن ۾ اُهي رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا، جي هندو مسلمانن کي هندو اڪثريت وارن صوبن ۾ ڏيڻ لاءِ تيار هوندا. انهن شرطن تي مسلمان گڏيل چونڊون قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا.
انهيءَ تجويز هندو مسلم سمجهوتي لاءِ دروازو کولي ڇڏيو. ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ به -ان- تجويز کي قبول ڪيو. هاڻ صرف -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ۽ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جي اجلاسن کي -ان- تي منظوري ڏيڻي هئي.
مئي 1927ع تي -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ڪميٽيءَ پنهنجي بمبئيءَ جي اجلاس ۾ اها تجويز متفق راءِ سان منظور ڪئي، جنهن ۾ مسلمانن جا اهي مطالبا منظور ڪيا ويا، جيڪي محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪيا ويا هئا. اُن تي ساري هندستان، خاص ڪري سنڌ، پنجاب ۽ -بنگال- جي هندن، -ان- جي خلاف هاءِ گهوڙا مچائي ڏني.
8 نومبر 1927ع تي برٽش سرڪار هندستان کي ڏنل سُڌارن جي ڪارگـذاريءَ جي جانچ ڪرڻ بعد، مستقبل جي سڌارن لاءِ تجويز ڏيڻ واسطي هڪ آئيني ڪميشن مقرر ڪئي، جنهن جو اعلان، لارڊ برڪن هيڊ، برطانيه جي وزير هند، ڪيو. -ان- جو چيئرمئن سر جان سائيمن هئڻ ڪري، اُها ’سائيمن ڪميشن‘ سڏجڻ لڳي. جيئن ته اُن ڪميشن تي جملي ميمبر -انگريز- هئا، -ان- ڪري هندستان ۾ اُن جي خلاف سخت هلچل پيدا ٿي. ڪانگريس -ان- جي سخت مخالفت ڪئي. جناح صاحب به -ان- تي سخت ناراضپي جو اظهار ڪيو. ڪانگريس جي اجلاس، جيڪو مدراس ۾ ڊاڪٽر مختار احمد انصاريءَ جي صدارت ۾ ٿيو، -ان- جي -بائيڪاٽ- جو فيصلو ڪيو. جميعت العلماءِ پنهنجي -پشاور- جي اجلاس ۾ -ان- جي -بائيڪاٽ- جو ٺهراءَ پاس ڪيو. خلافت ڪانفرنس، ڪلڪتي به -بائيڪاٽ- جو ٺهراءُ پاس ڪيو. مسلم ليگ پنهنجي ڪلڪتي جي اجلاس ۾، مولوي محمد يعقوب جي صدارت هيٺ به -ان- جي -بائيڪاٽ- جو ٺهراءُ پاس ڪيو. سائيمن ڪميشن 3 فيبروري 1928ع تي بمبئيءَ پهتي، جنهن جو جملي مکيه پارٽين طرفان -بائيڪاٽ- ڪيو ويو، هندستان جي ڪن ليڊرن جو خيال هو ته سائمن ڪميشن جي مقابلي ۾ هندستاني پنهنجي ديسي ڪميشن ٺاهين، جيڪا هندستان جي -آئين- جو خاڪو تيار ڪري. -ان- مقصد کي آڏو رکندي، 11 فبروري 1928ع تي دهليءَ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر مختيار احمد انصاريءَ، پريزيڊنٽ ڪانگريس ڪئي، جنهن ۾ پنڊت موتيلعل نهرو، لالا لجپت راءِ، پنڊت مدن موهن مالويه، ايم. آر. جيڪر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. -ان- ۾ مهاتما گانڌيءَ شرڪت نه ڪئي.
اها حقيقت آهي ته 1928ع وارو سال محمد علي جناح صاحب لاءِ بدبختيءَ وارو سال هو. هو شخصي توڙي سياسي طور منتشر ۽ دلشڪسته هو. جناح صاحب جي سياسي سرگرمين سندس ازدواجـي زندگيءَ تي به وڏو اثر وجهي ڇڏيو هو. صبح شام وڪالت ۽ سياست ۾ مصروف هئڻ ڪري سندس گهر واري ناراض رهڻ لڳي ۽ سندس گهرو لاڳاپن ۾ گرمجوشي گهٽجڻ لڳي هئي. انهن ننڍن ننڍن اختلافن جي شروعات ته اصل ۾ 1924ع ۾ ئي ٿي چڪي هئي، پر 1928ع تائين اهي وڌي وڻ ٿي ويا. -ان- حد تائين جو 1928ع ۾ رتن -ٻائي- جناح جو گهر ڇڏي، بمبئيءَ جي -تاج محل- هوٽل ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي هئي. هن ئي سال هوءَ يورپ رواني ٿي وئي، جناح صاحب کي هڪ پاسي هندستان جي سياست ۾ ڪو روشنيءَ جو ترورو ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، ٻئي طرف سندس گهرو زندگي منتشر هئي؛ -ان- ڪري هو -اپريل- 1928ع ۾ پنهنجي دوست ديوان چمن لال سان گڏجي يورپ روانو ٿيو. جڏهن ٻئي -انگلنڊ- پهتا ته جناح اتان آئرلنڊ هليو ويو ۽ چمن لال پئرس ويو. -ان- دوران چمن لال کي معلوم ٿيو ته مسز جناح (رتن ٻائي) اسپتال داخل آهي ۽ شديد بيمار آهي. هن جناح صاحب کي به اطلاع ڪيو ۽ هُو به آئرلينڊ مان پئرس پهچي ويو. اسپتال ۾ اڍائي ڪلاڪ ساڻس گڏ رهيو. رتن ٻائيءَ جو علاج ٿيو ۽ هوءَ ٺيڪ ٿي وئي، ۽ جناح صاحب ۽ هوءَ گڏ رهڻ لڳا، پر جلد ئي وري اختلافن ٿيڻ سبب هوءَ بمبئيءَ هلي وئي.
پوئتان هندستان ۾ حالتن ڦيرو کاڌو. لارڊ برڪن هيڊ، سيڪريٽري آف اسٽيٽ هو، -ان- هندستانين کي سائمن ڪميشن جي مقرريءَ تي شور ڪرڻ تي چئلينج ڏنو ته ڪو گڏيل آئيني مسودو پيش ڪن. -ان- تي بمبئيءَ ۾ 18 مئي 1928ع تي هڪ آل پارٽيز ڪانفرنس گڏ ٿي، -ان- ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ کي شرڪت جي دعوت نه هئي، ۽ جناح صاحب به ملڪ کان ٻاهر -انگلنڊ- هو. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي -آئين- تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي، پنڊت موتي لعل نهروءَ جي چيئرمئنيءَ هيٺ مقرر ٿي. پنڊت موتيلعل، جناح صاحب کي دعوت ڏني ته هو مسودي ٺاهڻ ۾ شريڪ ٿئي، پر هن انڪار ڪيو. ڪميٽيءَ جي رپورٽ 28 -آگسٽ- 1928ع ۾ تيار ٿي، ظاهر ٿي. جناح صاحب -ان- وقت پئرس ۾ هو. اها رپورٽ ’يونٽي (اتحاد) ڪانفرنس‘ اڳيان لکنوءَ ۾ پيش ٿي.
27ڊسمبر 1928ع ۾ راجا صــاحب آف محمودآباد ۽ محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ هيٺ 23 ماڻهن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي ته اها -انڊين نيشنل ڪانگريس- جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪري ۽ نهرو رپورٽ ۾ درستيون تجويز ڪري. جناح صاحب ڪي ترميمون پيش ڪيون. -جن- ۾ مکيه ترميمون هيون: (1) مرڪز ۾ ٽيون حصو ميمبرن جو مسلمانن کي ملڻ، (2) ريزيڊيوئري (بچتو) اختيار صوبن کي ڏيڻ، ۽ (3) جدا چونڊن جو اصول قائم رهڻ.
28 ڊسمبر 1928ع تي نيشنل ڪانگريس جي ڪنوينشن جو اهم اجلاس ڪلڪتي ۾ ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ جو ترجمان محمد علي جناح هو. اُتي هن مٿيون ترميمون پيش ڪيون، -جن- کي قبول نه ڪيو. جنهن تي جناح صاحب افسوس جو اظهار ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن ڪلڪتو ڇڏي، بمبئيءَ موٽيو.
انهن ڏينهن ۾ جناح صاحب جي گهر واري رتن -ٻائي- (مريم) وري بيمار ٿي چڪي هئي، کيس مُدي جو -بخار- (Typhoid) ٿي پيو، سندس بمبئيءَ ۾ علاج هلندڙ هو، پر هوءَ شفاياب نه ٿي سگهي ۽ 22 فبروري 1929ع تي وفات ڪيائين. اختلافن جي باوجود جناح صاحب جو ساڻس ڏاڍو پيار هو. جنهن وقت سندس پياري زال کي قبر ۾ لاٿو پئي ويو ته جناح صاحب، ڪنڌ هيٺ ڪري زاروزار ٻارن وانگر روئندو رهيو. هن اُداسيءَ واري عالم ۾، جناح صاحب جي ڀيڻ فاطمه جناح ساڻس گڏ اچي رهي ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن ۾ مشوره ڪار رهي.
1929ع جي مارچ ۾ دهليءَ ۾ جناح صاحب جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جو خاص اجلاس ڪَٺو ٿيو. هاڻي مسلم ليگ ٻن گروهن ۾ ورهائجي وئي هئي. هڪ -ترقي- پسند ۽ آزاد خيال ڪارڪنن جي ليگ جناح صاحب جي اڳواڻيءَ واري هئي، ٻي سرڪارپرست ۽ فرقيوار ذهنيت جي ليگ سر محمد شفيع جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهي. پهرينءَ جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو ٿيو ۽ ٻيءَ جو جنرل سيڪريٽري علامه شيخ محمد اقبال ٿيو. پهريون گروهه سائيمن ڪميشن جي -بائيڪاٽ- جي فائدي ۾ هو، ٻيو -ان- سان تعاون جي فائدي ۾ ٿيو. ٽيون گروهه مسلمانن جو سر -آغا خان- جي صدارت هيٺ ڌار ٺهيو، جو ’مسلم ڪانفرنس‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. چوٿون گروهه مولانا ابوالڪلام آزاد جي اڳواڻيءَ ۾ نهرو رپورٽ جي فائدي ۾ ٺهيو. جناح صاحب اجلاس اڻ ڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
مسلمان ڌرين جي راءِ کي خيال ۾ رکندي، جناح صاحب 14 نڪتن جو مسودو مسلمانن طرفان پيش ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جو سوال اهميت سان شامل هو.
1930ع ۾ سرڪار طرفان لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس سڏائي وئي. -ان- ۾ مسلم گروهه جو ليڊر جيتوڻيڪ سر -آغا خان- هو، پر مکيه ڪردار جناح صاحب ادا ڪيو، ڪانگريس -ان- ۾ حصو نه ورتو.
فيبروري 1930ع ۾ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جو اجلاس -الهه آباد- ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال جي صدارت هيٺ ڪَٺو ٿيو، جنهن ۾ هن هندو ۽ مسلمانن کي جدا قومون قرار ڏيندي، جدا ايراضين جي حڪومتن جو خيال پيش ڪيو.
جناح صاحب -ان- عرصي ۾، زال جي وفات جي صدمي، گانڌيءَ ۽ ڪانگريس جي رويي کان مايوس ٿي، پوءِ گهڻو وقت -انگلنڊ- ۾ وڃي رهيو، ۽ پنهنجي وڪالت جي ڪم ۾ رڌل رهيو.
ٻي گول ميز ڪانفرنس سيپٽمبر 1931ع ۾ ڪَٺي ٿي، جنهن ۾ مهاتما گانڌي ڪانگريس طرفان عيوضي ٿي ويو، پر هندو مسلم سمجهوتو ٿي نه سگهيو. جنهنڪري مسٽر مئڪڊونالڊ وزيراعظم -انگلنڊ- کي فرقيوار فيصلو ڏيڻو پيو. -ان- دوران چوڌري رحمت اعلي جناح سان ملاقات ڪري کيس چيو ته هو هندو اڳواڻن جون ڳالهيون نه ٿو مڃي ۽ مسلمانن کي ڌار ملڪ گهرجي.
ان کان پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ جناح صاحب نا اميديءَ واري صورتحال ۾ گهر وٺي، -انگلنڊ- رهي پيو ۽ وڪالت ڪرڻ لڳو. 1933ع ۾ علامه اقبال، جناح صاحب کي لکيو ته هند جي مسلمانن کي سندس ضرورت آهي. -اپريل- 1934ع ۾ موٽي هندستان آيو ۽ مائونٽ پليزينٽ روڊ بمبئيءَ واري رهائش ۾ اچي رهيو. پر وري سگهو ئي موٽي -انگلنڊ- ويو.
آڪٽوبر 1934ع ۾ بمبئيءَ جي مسلمانن کيس پرپٺ مرڪزي اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊي ڇڏيو. -ان- تي هي -جنوري- 1935ع تي موٽي هندستان آيو، ۽
نئين اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد موٽي -انگلنڊ- ويو ۽ -آڪٽوبر- 1935ع تائين اتي رهيو.
1935ع ۾ نون سڌارن جو -ائڪٽ- پاس ٿيو، جنهن موجب -اپريل- 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ پرڳڻي کان آزاد ٿي.
1937ع جي شروعات ۾ نون سڌارن موجب صوبن ۾ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. ڪانگريس اڳ ۾ تياري ڪري ڇڏي هئي. 1936ع جي شروعات ۾ جناح صاحب بمبئيءَ ۾ سر وزير حسين جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جو اجلاس سڏايو، جنهن ۾ سندس چيئرمئنيءَ هيٺ مرڪزي اليڪشن بورڊ ٺهڻ جي رٿ بحال ٿي، جنهن تي ميمبرن جي نامزدگي ڪرڻ جو کيس اختيار ڏنو ويو. چونڊن ۾ مسلم -اقليت- وارن صوبن ۾ مسلم ليگ جا ميمبر چڱي تعداد ۾ چونڊجي آيا، ليڪن مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ مسلم ليگ ڪامياب نه ٿي. ڪانگريس کي چونڊن ۾ چڱي ڪاميابي حاصل ٿي. يو. پيءَ ۽ ٻين صوبن ۾ مسلم ليگ طرفان ڪانگريس سان گڏيل وزارتن ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ کي ڪانگريس -جمهوريت- جي نالي ۾ رد ڪري ڇڏيو. پڙهيل طبقي محسوس ڪيو ته ڪانگريسي هندو، مسلم -اقليت- جي اڪثريت وارن نمائندن سان ڪو به سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪانگريسي هندن جي اهڙيءَ روش کان -تنگ- ٿي، مسلمانن جي مٿيئن طبقي جناح صاحب کي موزون ليڊر سمجهي، سندس اڳواڻيءَ هيٺ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جناح صاحب -ان- موقعي کي غنيمت ڄاڻي، اهو ڪم هٿ ۾ کنيو.
ڪانگريس صوبن ۾ سماجي سڌارن ۽ -تعليم- جي نالي ۾ وزارتن ڪي اهڙا ڪم ڪيا (جهڙوڪ: گئوڪوس تي بندش، وديا مندر -تعليم- اسڪيم، -بندي- ماترم راڳ وغيره)، -جن- انهن صوبن جي مسلم ليگي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو ۽ هنن مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ مسلمانن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. کين جناح صاحب جهڙو بي لوث ۽ مدبر اڳواڻ اڳئي ملي چڪو هو.
آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وڏي پئماني تي مسلم ليگ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس جا متحرڪ اڳواڻ سائين جي. ايم. سيد، سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، ميران محمد شاهه ۽ محمد هاشم گزدر هئا. هن ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالجميد سنڌيءَ، مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ (آزاد رياستن جي صورت ۾) جي گهر جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. هن ڪانفرنس کان پوءِ مسلمانن جو آواز ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙي ويو.
ٻي مهاڀاري لڙائي 1939ع ۾ شروع ٿي. انگريزن هندستانين جي مشوري کان سواءِ هندستان کي لڙائيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. -انگريز- حڪومت جڏهن ڪانگريس جي همدردي حاصل ڪرڻ گهري، ته ڪانگريس ’خود حڪومت‘ (Self Government) جي گهر ڪئي ۽ سخت رويو اختيار ڪيو. جناح صاحب به اُنهن حالتن مان پورو فائدو وٺڻ گهريو. ڪانگريسين مسلم ليگ سان هندو- مسلم سمجهوتي لاءِ هٿ وڌايو، پر وقت گذري چڪو هو. مسلم ليگ ٻن قومن جي نظريي تي ملڪ جي ورهاڱي جو شرط وڌو. پهرين ڪانگريس هر ڳالهه ۾ مخالفت ڪئي، ليڪن جڏهن انگريزن طرفان مسلم ليگ جا شرط آهستي آهستي قبول ٿيڻ لڳا، ته هي به ڍرا ٿيندا ويا. نتيجو اهو نڪتو ته -جنگ- پوري ٿيڻ بعد ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کي ملڪ جي ورهاڱي کي قبول ڪرڻو پيو. مسلم ليگ جي 22، 23، 24 مارچ 1940ع واري لاهور اجلاس ۾ -پاڪستان- جو ٺهراءُ (قرارداد پاڪستان) منظو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد مسلمانن جي لاءِ ڌار ملڪ جو قيام هو. جنهن ۾ شامل اِڪائين (Units) کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن (Sovereign Independent States) قرار ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو. هيءَ قرارداد -بنگال- جي اڳواڻ فضل -الحق- پيش ڪئي هئي. حقيقت ۾ هن قرارداد -پاڪستان- جو بنياد، سنڌ مسلم ليگ جي 1938ع واري ڪراچي ڪانفرنس ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ هو.
ان کان پوءِ، برصغير جي سمورن مسلم اڪثريتي پرڳڻن مان واحد اسيمبلي، سنڌ -اسيمبلي- هئي. جنهن سڀ کان اڳ 1 -اپريل- 1943ع ۾ -ان- قرارداد جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ اهو ٺهراءُ سائين جي. ايم. سيد پاس ڪرايو.
1944ع ۾ جناح صاحب جي بمبئيءَ واري رهائشگاهه تي خاڪسار تحريڪ جي هڪ دهشتگرد مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ جناح صاحب -بچي- ويو. جون 1945ع ۾ محمد علي جناح شملي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي.
1946ع جي عام چونڊن ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ’صوبائي پارليامياني بورڊ‘ جي فيصلن ۾ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- مداخلت ڪئي، جنهن جي جي ايم سيد، مسلم ليگ جي صوبائي صدر جي حيثيت ۾ مخالفت ڪئي ۽ مرڪز جي مداخلت کي صوبن جي اختيارن سان هٿ چراند -تان- جناح صاحب ۽ جي. ايم. سيد جي وچ ۾ اختلاف ٿيا، بهرحال مسلم ليگي ميمبر، مرڪزي ليجسليٽوِ اسيمبليءَ ۾ 100 سيڪڙو ڪامياب ٿيا. 12 مئي 1946ع تي قائداعظم تجويز پيش ڪئي ته -پاڪستان- جي حدن ۾ ايندڙ صوبن جو گروپ ۽ هندستان جي حدن ۾ ايندڙ صوبن جو گروپ الڳ الڳ تشڪيل ڏنا وڃن ۽ سندن دفاعي حدون به مقرر ڪيون وڃن. -آڪٽوبر- 1946ع ۾ مسلم ليگ، عبوري حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
7 -آگسٽ- 1947ع تي جناح صاحب دهليءَ کان ڪراچيءَ پهتو.
برصغير کي 14 -آگسٽ- 1947ع جي رات ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو. اهڙو اعلان لارڊ مائونٽ بيٽن آل -انڊيا- ريڊيو -تان- ڪيو. ائين ٻه آزاد ۽ خودمختيار ملڪ -پاڪستان- ۽ ڀارت وجود ۾ آيا. -پاڪستان- جو پهريون گورنر جنرل جناح صاحب ٿيو ۽ ڀارت جو پهريون گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بيٽن ٿيو. جناح صاحب سان سندس ڀيڻ فاطمه جناح جو وڏو ساٿ رهيو، هوءَ -پاڪستان- جي پهرين خاتون -اول- سڏي وئي.
پاڪستان 14 -آگسٽ- 1947ع تي وجود ۾ آيو.
قائداعظم، -پاڪستان- کي هڪ سيڪيولر، -ترقي- پسند ۽ مذهبي اختلافن کان پري ملڪ ڏسڻ جو حامي هو، -ان- ڏس ۾ -پاڪستان- قائم ٿيڻ کان پوءِ، اُن جي پهرين -آئين- ساز اسيمبليءَ آڏو، 11 سيپٽمبر 1947ع تي سندس ڪيل تقرير -ان- جو کليل ثبوت آهي:
”آءٌ سمجهان ٿو ته هينئر گذشته وقت کي درگذر ڪري، اوهان کي هر هڪ ملڪي باشندي کي، پوءِ اهو ڪهڙي به فرقي جو هجي.... يا ڪهڙي به
رنگ، جاتيءَ ۽ متن جو هجي، ساڳئي ملڪ جو شهري، هڪجهڙن حقن ۽ جوابدارين سان شمار ڪرڻ گهرجي... اسان کي اهڙي جذبي سان ڪم ڪرڻ گهرجي، جو هي سڀ تفاوت، -اقليت- واري فرقي ۽ اڪـثـريـت واري فرقي، هندو فرقي ۽ مسلمـان فرقي جـا... سـڀ گم ٿي وڃــن... مــون کان جيڪڏهن پڇو ته سچ پچ ته اها ڳالهه هندستان جي آزاديءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ هئي... اوهان هن -پاڪستان- جي حڪومت ۾ آزاد آهيو ته پنهنجي مندرن ۽ مسجدن ۾ ويو. اوهان جي مذهب يا فرقي يا متن کي ملڪ جي ڪاروبار سان ڪو به واسطو نه آهي.“
1948ع جي ابتدا ۾ جناح صاحب سخت بيمار ٿي پيو. 15 -اپريل- 1948ع تي هن جي طبيعت (سلهه سبب) وڌيڪ بگڙي وئي، -ان- ڪري هن کي ڪوئيٽا کان پري زيارت ۾ آرام لاءِ آندو ويو. پر هن ڊاڪٽرن جي منع جي باوجود پنهنجو ڪم ڪار -جاري- رکيو. سندس ڀيڻ فاطمه جناح آخري وقت ۾ سندس نه رڳو تيمانداري ڪئي، پر سندس سياسي سرگرمين ۾ به شامل رهي.
11 سيپٽمبر 1948ع تي ڪراچي ايندي سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ رات جو 10:20 وڳي وفات ڪيائين.
جناح صاحب -پاڪستان- جي قيام کان پوءِ هڪ سال ۽ 27 ڏينهن حيات هو ۽ 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائين. سندس عاليشان مزار ۽ مقبرو ڪراچيءَ ۾ جڙيل آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جناح قائداعظم محمد علي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جناح قائداعظم محمد علي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن