داخلا نمبر 7996
عنوان جنجهه
شاخ جاگرافي ۽ ماڳ مڪان
پڙهيو ويو 84 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جنجهه

جنجهه: ديهه لشڪري چانڊئي، يونين ڪائونسل رانوتيءَ سان تعلق رکندڙ هيءُ ڳوٺ قنبر کان اتر طرف 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جي اتر ۾ تعلقي ميري خان جو ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو، اتر اولهه جي ڪنڊ ۾ ڳوٺ ميڻا، ڏکڻ ۾ ڳوٺ شاهو شيخ ۽ روڊ آهي. هيءُ روڊ قنبر کان نڪري ٿو، ميمڻن ۽ جنجهن کان ٿيندو، لاڙڪاڻي شهر تائين وڃي ٿو. اتر ۾ نونارين جا دڙا آهن، جتي اڳ نوناري لوڻ جو ڪم ڪندا هئا. هي دڙا زمين جي سطح کان اٽڪل 15 فوٽ اوچائيءَ ۾ هڪ ايڪڙ جي پکيڙ تي واقع آهن. مقامي روايتن موجب هيءُ ڳوٺ جنجهه قبيلي جي ماڻهن 17 صدي عيسويءَ جي شروع ۾ آباد ڪيو. هو اصلي سري واري پاسي کان آيا هئا ۽ سندن مادري زبان سرائڪي هئي. جنجهه قبيلي جي وڏڙن موجب ميان نور محمد ڪلهوڙي جو نائب ۽ سپهه سالار شاهه بهارو جنجهڻ به سندن وڏن مان هو. ان جي نسبت سان هتان جا جنجھه، شاهه بهاري جي نالي پٺيان پاڻ کي شاهاڻي به سڏائين ٿا. تعلقي لاڙڪاڻي ۾ شاهاڻي پاڙو شاهه بهاري کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي. تاريخي اعتبار کان قمبر ۽ لاڙڪاڻي تعلقن ۾ هنن جي رهائش ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٿي هئي. جنجھه يا جنجھڻ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جا مريد هئا، شاهه بهاري جو والد، ميان شاهل محمد جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جو شاهي ايلچي هو. تعلقي قنبر ۾ ’ايلچي‘ نالي هڪ ديهه به واقع آهي، جنهن ۾ ڪافي ڳوٺ شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو