داخلا ؛ 8001
پڙهيو ويو ؛ 104
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2015-01-20


تصويرون


janjhi.gif
جنجهي غلام محمد
جنجهي غلام محمد



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جنجهي غلام محمد

ٽائيٽل ؛ جنجهي غلام محمد


شاخ : شخصيت

جنجهي، غلام محمد: غلام محمد جنجهي، ٿرپارڪر جو مشهور اديب، سگهڙ، شاعر ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. هن ٿرپارڪر جي هڪ وڏي ڳوٺ وڪڙيي ۾، محمد عثمان جنجهيءَ جي گهر ۾، 1921ع ۾ -جنم- ورتو. هن جا وڏا اصل ۾ جيسلمير جا ڀاٽي هئا، جيڪي پهرين عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ کاروڙيي چارڻ ۾ اچي -آباد- ٿيا. بعد ۾ اتان لڏي مٺي تعلقي جي ڳوٺ وڪڙيي ۾ آيا. چون ٿا ته سندن وڏن فيروز شاهه -تغلق- جي وقت ۾ -اسلام- قبول ڪيو هو. غلام محمد -جنجهي- سنڌي ٻه درجا -پڙهيا- ۽ گجراتي ۽ هندي ۾ فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ ذاتي مطالعي جي آڌار تي مختلف علمن ۾ دسترس حاصل ڪئي، -جن- ۾ جاگرافي، تاريخ، اينٿراپالاجي، فلڪيات، ادب ۽ طب شامل آهن. هن هند سنڌ جي تمام گهڻن شهرن ۽ ماڳن جو سفري مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو، راڳداريءَ جي کيس وڏي ڄاڻ هئي. سنڌي، هندي، اردو، فارسي، ڍاٽڪي، پارڪري ۽ انگريزيءَ تي به دسترس رکندو هو. سنڌيءَ جون ٻئي لپيون (عربي ۽ ديوناگري) لکي ۽ پڙهي ڄاڻندو هو. شاعر به سٺو هو. هن 1934ع کان شاعري شروع ڪئي. سندس شاعري گهڻي ڀاڱي بيت، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنفن تي ٻڌل آهي. ڪيتريون ئي ڪافيون خاص انداز ۾ به لکيل اٿس. سرن تي ٻڌل ڪلامن/ ڪافين جي مٿان راڳڻين جا نالا به ڏنا اٿس، سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند نور احمد جنجهيءَ سندس ڪلام کي سهيڙي، ’ويجها ٿيا وصال کي‘ (2010ع) جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
غلام جنجهيءَ، جوانيءَ کان وٺي سياست ۾ حصو ورتو، ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلاميءَ سان مختلف وقتن تي هم خيال رهيو. قيام -پاڪستان- کان پوءِ مقامي سياست ۾ حصو وٺي علائقي جو ڪائونسلر ۽ چيئرمئن به چونڊيو ويو. مختلف قومي ۽ مقامي مسئلن تي ملڪ جي صدرن ۽ وزيرن سان خط و ڪتابت به ڪندو رهيو. هن غلام محمد ڀرڳڙي، مهاتما گانڌي، محمد علي جناح، پير غلام مجدد سرهندي، مولانا ابوالاعليٰ مودوديءَ ۽ ذوالفقار علي -ڀٽي- شهيد سان ملاقاتون ڪيون. سندس زندگيءَ جو متو غريب ماڻهن جي بنا ڪنهن متبيد جي خدمت ڪرڻ هو. 18 جون 2010ع تي وفات ڪيائين. سندس ڪيترو نثري مواد سندس پونئيرن وٽ موجود آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جنجهي غلام محمد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جنجهي غلام محمد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن