داخلا ؛ 8004
پڙهيو ويو ؛ 102
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2015-01-20


تصويرون


Dr-yar-mohd.gif
جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر
جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر



ٽائيم لائين

1946.12.03-A.D
ڊاڪٽر يار محمد جنجهي جو جنم ڳوٺ واحد ڏني جنجهي نزد ميرپور پراڻيءَ ۾ حاجي محمد صديق جي گهر ، 3 ڊسمبر 1946ع تي ٿيو .

2009.00.00-A.D
ڊاڪٽر يار محمد ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ ، 2009ع ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو .




sindhianaسنڌيانا--جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

جنجهي، يارمحمد، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر يار محمد جنجهي، ميرپورخاص جو مشهور ڊاڪٽر ۽ سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي. سندس -جنم- ڳوٺ واحد ڏني -جنجهي- نزد ميرپور پراڻيءَ ۾ حاجي محمد صديق جي گهر، 3 ڊسمبر 1946ع تي ٿيو. اڃا هڪ سال جو هو ته سندس والد گذاري ويو ۽ کيس وڏي -ڀاءُ- محمد يوسف پاليو ۽ پڙهايو. مڊل اسڪول تائين -تعليم- ميرپور پراڻيءَ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ پبلڪ اسڪول اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو ۽ امتيازي نمبرن سان انٽر جو امتحان پاس ڪري، 1965 ۾ ميڊيڪل جي -تعليم- پرائڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخل ٿيو ۽ 1970ع ۾ امتيازي نمبرن سان ايم. بي. بي. -ايس- جو امتحان پاس ڪري، 1971ع ۾ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. سندس پهرين مقرري ڪنريءَ ۾ ٿي. پر سندس -ڀاءُ- محمد يوسف جي گذاري وڃڻ سبب نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي ميرپورخاص آيو ۽ ميونسپالٽيءَ ۾ سروس ڪرڻ سان گڏ زمينداري ۽ راڄداري سنڀالڻ لڳو. 1974ع ۾ اها نوڪري به ڇڏي، ڪل وقتي خانگي پريڪٽس ڪرڻ ۽ زمينداريءَ کي سنڀالڻ لڳو. سندس سياسي وابستگي -پاڪستان پيپلز پارٽي- سان ۽ روحاني رشتو مخدوم سرور نوح جي خاندان سان رهيو. سياسي سفر ۾ ايم. آر. ڊيءَ دوران جيل به ويو. شڪار ۽ فوٽوگرافيءَ جو شوقين هوندو هو. سماجي خدمت کي عبادت سمجهندو هو، -ان- ڪري ميرپورخاص جي هر سماجي تنظيم سان گڏجي هن عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. هن روٽري ڪلب، سنڌ ايجوڪيشن سوسائٽي، -جنجهي- برادرس ائسوسيئيشن، سنڌ سمال انڊسٽريز ميرپورخاص، چيمبر آف ايگريڪلچر ميرپورخاص، -پاڪستان- ميڊيڪل ائسوسيئيشن ميرپورخاص جي صدر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سروري تنظيم ۾ هيلٿ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ميرپورخاص جو هي هر دلعزيز فرد، ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾، 2009ع ۾ زندگيءَ جي -جنگ- هارائي ويو. اڄ به ميرپورخاص جا شهري، هن انساني همدرد کي ياد ڪن ٿا .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن