داخلا ؛ 8029
پڙهيو ويو ؛ 109
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2015-01-26


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جنگو خان جمالي

ٽائيٽل ؛ جنگو خان جمالي


شاخ : شخصيت

جنگو خان جمالي: ڪلهوڙن جي زماني ۾ ’جنگو خان جمالي‘ هڪ -بهادر- شخص ۽ ’ميان وال تحريڪ‘ جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي. جنگو -جمالي- نالي ڳوٺ جوهيءَ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اڄ به موجود آهي. جنگو جماليءَ جون پنهنجي ڳوٺ کان -بکر شهيد- تائين جاگيرون هيون. جوهيءَ جي کوسن شورش برپا ڪئي ته ميان نصير محمد جي هدايت تي کوسن جي قبيلي کي مات ڏيڻ لاءِ ساڻن جنگيون ڪيائين. هن جي وڙهيل لڙاين ۽ خانا جنگين دوران هڪ محاورو عام ٿيو ته ”ڇڏ جوهي، وڃ لوهي“، -ان- محاوري بنيادي طرح کوسن جي قبيلن جي زور واري زماني ۾ -جنم- ورتو. -ان- سان گڏ -ان- محاوري به -جنم- ورتو ته، ”منهنجون ٻانهون به ڪي کوسن ڪپيون آهن ڇا!“. کوسا نهايت ويڙهاڪ ۽ سرڪش هئا. سندس دهشت علائقي ۾ پکڙيل هئي. ميان نصير محمد جي هدايت تي جنگو خان سندن خلاف -تلوار- آزمائي ڪئي. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، جوهيءَ جي پياري کوسي ميان نصير محمد سان -بغاوت- ڪئي، جنهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ميان نصير محمد جنگو خان جماليءَ کي هدايت ڪئي. گاجي شاهه جي وفات کان فورن بعد ميان نصير محمد ڪلهوڙي لوهيءَ جي لڪ سنڀالڻ لاءِ -جنگو خان جمالي- کي هدايت ڪئي. بروهين جي بار بار حملن ۽ ٻين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ -جنگو خان جمالي- پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ ’جنگو خان‘ ڇڏي ’نئن هليليءَ‘ جي ڪناري نئون ڳوٺ -ٻڌي- ويٺو، جو تڏهوڪي زماني ۾ ڳوٺ ’هليلي‘ ۽ هاڻ ڳوٺ ’مراد خان جنگواڻي‘ جي نالي سان قائم آهي. ڪائي ماٿري (سيوهڻ) ۾ مقيم بُلي کوسي جون ڪارروايون -ان- زماني ۾ وڌي ويون هيون. سندن اهڙين سرگرمين کي روڪڻ جو ڪم ميان نصير محمد ڪلهوڙي، -جنگو خان جمالي- کي سونپيو. بلي کوسي کي مات ڏيڻ لاءِ جنگو خان جماليءَ ست راڄ گڏ ڪري ساڻس لڙائي ڪئي، -جن- ۾ لنڊ، لغاري، شاهاڻي، -بروهي- ۽ ٻيا قبيلا شامل هئا. -جنگو خان جمالي- ست راڄ گڏ ڪري بلي کوسي تي سندس ڳوٺ (بُلي جي بٺي) تي حملو ڪري، سخت لڙائي ڪئي. لڙائي ۾ بلو کوسو مارجي ويو. بلي کوسي جي مارجڻ بعد تر ۾ ٺاپر آئي. جنگي خان جو اثر رسوخ سڄي علائقي ۾ وڌي ويو. ڪاڇي کان علاوه لوهيءَ جي جابلو علائقن تائين سندس سرداريءَ جو سڪو ڦهلجي ويو. جنگي خان 94- 1693ع ڌاري وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه نئين هليليءَ جي ڪناري تي ٽڪريءَ مٿان آهي. اهو قبرستان پڻ سندس نالي سان تر ۾ مشهور آهي. سندس نالي سان ڳوٺ ’جنگو خان جمالي‘ اڄ به قائم آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جنگو خان جمالي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جنگو خان جمالي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن