داخلا ؛ 8056
پڙهيو ويو ؛ 159
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2015-02-02


تصويرون


jotwani.gif
جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر
جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر



ٽائيم لائين

1936.01.13-A.D
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي جو پورو نالو موتي لال واڌومل جوتواڻي آهي . سندس جنم 13 جنوري 1936ع تي سکر ، سنڌ ۾ سندس ناناڻن جي گهر ۾ ٿيو .

2008.01.00-A.D
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي هڪ اهڙو ليکڪ شاعر ۽ اسڪالر هو ، جنهن تي سنڌ ۽ هند واسي فخر ڪن ٿا . هن جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

جوتواڻي موتي لال، ڊاڪٽر: سنڌ جي نامياري اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي جو پورو نالو موتي لال واڌومل جوتواڻي آهي. سندس -جنم- 13 -جنوري- 1936ع تي سکر، سنڌ ۾ سندس ناناڻن جي گهر ۾ ٿيو. سندس ٻالڪ پڻو چئن شهرن، روهڙي، سکر، جيڪب -آباد- ۽ ڪراچيءَ ۾ گذريو. ننڍپڻ جو وڏو حصو هن ڏاڏاڻي گھر روهڙيءَ ۾ گذاريو، روهڙيءَ ۾ هن جو گھر -ٽڪر- محلي ۾ هو. موتي لال جوتواڻيءَ جو ڏاڏو ۽ وڏا ماما حلوائي هئا، سندس ڪٽنب ۾ فقط هن جو والد ئي هو. جيڪو مئٽرڪ تائين -تعليم- حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. نه صرف ايترو، پر سندس والد ديس جي آزاديءَ جي هلچل ۾ به خوب حصو ورتو. موتي لال جي والد روهڙيءَ ۾ شام جي وقت ’راتڙي پاٺشالا‘ هلائي، قومي سکيا ڏيڻ جو فرض نڀايو. اتي هندي ۽ -انگريزي- سيکاري ويندي هئي. بعد ۾ سندس والد کي جيڪب -آباد- ۾ شيوارام اسڪول ۾ -استاد- مقرر ڪيو ويو ۽ پوءِ ڪي جي کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ تعليمدان طور خدمتون سرانجام ڏنائين. انهن ٽنهي شهرن ۾ موتي لال جوتواڻيءَ به -تعليم- حاصل ڪئي. موتي لال کي شروع کان ئي ادب ۽ ٻولين سان لڳاءُ هو. هيءُ جڏهن يارهون درجو پڙهندو هو، تڏهن کيس مرهٽي زبان سکڻ جو شوق ٿيو، پر سندس اهو شوق اڌورو رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته سندس والد جي بدلي لجپت نگر اڪيڊمي نئين دهليءَ ۾ ٿي ۽ کيس اوڏانهن وڃڻو پيو. موتي لال مئٽرڪ جو امتحان دهليءَ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پهرين ڪلاس ۾ پاس ڪيو. سندس والد 1976ع ۾ گذاري ويو. موتي لال جي شادي 21 مئي 1961ع ۾ ٿي. سندس گهر واريءَ جو نالو راج آهي. شاديءَ وقت راج جي عمر 19 سال ۽ موتي لال جي عمر 25 سال هئي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي شروعاتي دور ۾ 1962ع تائين اسڪول ۾ -استاد- طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 1962ع کان 1965ع تائين آل -انڊيا- راجڪوٽ ۾ سروس ڪيائين. 1965ع ۾ ديش بندو ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو. ۽ -ان- ئي عهدي -تان- رٽائر ٿيو. موتي لال کي وزيٽنگ اسڪالر طور برٽش ميوزيم لنڊن ۽ هارورڊ يونيورسٽي -آمريڪا- ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو پڻ حاصل ٿيو. هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، هلائي ۽ سيول ۾ هندستاني ادب تي ليڪچر ڏنا. کيس ٽي پٽ ٿيا، -جن- مان وڏي ۾ وڏو پٽ 29 سالن جي عمر ۾ 13 -اپريل- 1993ع تي گذاري ويو. جنهن جو غم هو آخر تائين وساري نه سگھيو. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي پنهنجو ادبي سفر ڪهاڻين لکڻ سان شروع ڪيو. سندس پهرين ڪهاڻي ’وير ارجن‘ جي نالي سان ڇپي، سندس ٻي ڪهاڻيءَ جو نالو ’مڪتي‘ هو. -ان- زماني جا مسئلا سنڌي جاتيءَ جا اهم مسئلا هئا. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ محقق هو. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جا ٽي ڊزن کن ڪتاب ڇپيل آهن. سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل سندس ڪتابن تي گھڻي ٽيڪا ٽپڻي به ٿي آهي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ ”شاهه لطيف- هز لائيف اينڊ ورڪس“ عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي.
ڊاڪٽر جوتواڻي جي -آتم ڪهاڻي- ’آتم ڪٿا جي نالي‘ سان 2006ع ۾ ڇپي آهي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ کي 2002ع ۾ ڀارت جو وڏي ۾ وڏو صدارتي اوارڊ پدم شري ڏنو ويو، جيڪو کانئس اڳ پروفيسر رام پنجواڻيءَ کي به مليو هو. ڊاڪٽر صاحب 2004ع ۾ سنڌ سرڪار جي -ثقافت- کاتي جي دعوت تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ آيو. ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنس ۾ صدارت ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نور افروز خواجا جي دعوت تي سنڌي شعبي ۾ ’شاهه ۽ سنڌيت‘ تي ليڪچر ڏنائين. -جتي- کيس ۽ سندس گهرواريءَ کي وڏو مان مليو. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي هڪ اهڙو ليکڪ شاعر ۽ اسڪالر هو، جنهن تي سنڌ ۽ هند واسي فخر ڪن ٿا. هن -جنوري- 2008ع ۾ وفات ڪئي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن