داخلا ؛ 8100
پڙهيو ويو ؛ 132
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2015-07-01


تصويرون




ٽائيم لائين

1438.00.00-A.D
سيد محمد جونپوري ، جونپوريءَ شهر ۾ 842 هه/ 1438ع ۾ پيدا ٿيو .

1505.00.00-A.D
سيد محمد جونپوري افغانستان ۾ 911 هه/ 1505ع ۾ وفات ڪري ويو .




sindhianaسنڌيانا--جونپوري سيد محمد

ٽائيٽل ؛ جونپوري سيد محمد


شاخ : شخصيت

جونپوري، سيد محمد: مهدوي تحريڪ جو باني سيد محمد جونپوري، جونپوريءَ شهر ۾ 842 هه/ 1438ع ۾ پيدا ٿيو. زهد، -تقويٰ- ۽ درويشيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. هن ستن سالن تائين لاڳيتو روزا رکيا. ورد وظيفا ڪيا ۽ گوشه نشيني ۽ زهد واري زندگي گذاري. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’پيغام لطيف‘ ۾ لکي ٿو ته: ”انهي عرصي دوران چيو وڃي ٿو ته کيس غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ’انت مهدي‘ شروع ۾ هن آواز کي ڪا اهميت نه ڏني، پر جڏهن اهو آواز مسلسل ڪيترن ورهين تائين سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، تڏهن هن کي يقين ٿي ويو ۽ پاڻ کي ’مهدي‘ ڪوٺائڻ لڳو. هي نائين صدي هجريءَ وارو زمانو هو، جڏهن هندستان ۾ سخت بدامني ۽ غير يقينيءَ وارو ماحول هو. روز بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون. اهڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نه رهي هئي، جيڪا هندستان اندر مسلمانن جو شيرازو درست ڪري شريعتي دستور -جاري- ڪري سگهي. حق تي هلندڙ ديني عالم گهٽجندا رهيا ۽ منجهن دنيا جي لالچ گهر ڪري وئي هئي. جاهل پيرن جي عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراهي ڦهلجڻ لڳي هئي. هي حال ڏسي سيد محمد جونپوريءَ شريعت کي زنده ڪرڻ، خلق خدا کي سنئين راهه تي آڻڻ ۽ مسلمانن کي شريعتي نظام مطابق هلائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. -ٿوري- عرصي ۾ هزارين ماڻهو سندس معتقد ٿيا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا والي به سندس مريديءَ جي دائري ۾ شامل ٿي ويا. سنڌ ۾ به سندس ڪيترائي مريد هئا. -ان- دؤر جا ڪجهه اهم فوجي آفيسر ۽ روحاني پيشوا جهڙوڪ: شيخ صدرالدين جهڙا به هن جا مريد هئا. مشهور شاعر قاضي قادن به هن جو مريد چيو وڃي ٿو. ڪلهوڙا گهراڻي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو به فڪري طور هن جو پوئلڳ هو. ’تحفته الڪرام‘ ۾ علي شير قانع لکي ٿو ته: ”آدم شاهه ڪلهوڙو هن جو پوئلڳ هو.“
اڄ به سنڌ ۾ ڪن جاين تي کيس مڃڻ وارا موجود آهن. سنڌ جا مهدوي پوئلڳ هندستان وارن کان مختلف آهن. سندن طور طريقا موثر هئا، جنهنڪري امير، فقير، اعليٰ ۽ ادنيٰ هڪ ئي ڌاڳي ۾ پوئجي ويا. سندس تحريڪ جا مکيه اصول هيٺيان هئا.
1- هجرت ڪرڻ: سندس چوڻ هو ته جيستائين ماڻهو قيدي وطن کان آزاد ٿي، گهر -ٻار- جو آسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي، جماعت ۾ داخل نه ٿيو آهي، ايستائين -ان- ۾ ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي آهي. -ان- ڪري -ان- راهه ۾ هجرت ڪرڻ ضروري هو.
2- -ترڪ- مال: سندس رايو هو ته -انسان- جي راهه ۾ ٻي رنڊڪ جيڪا کيس اعليٰ ارادن ۽ ڪمن کان روڪي ٿي، اها حال ۽ ملڪيت جي محبت آهي، سندس حلقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو ضروري هو ته هو پنهنجي ملڪيت تحريڪ جي ميمبرن حوالي ڪري ته اهي -ان- کي تحريڪ جي راهه ۾ خرچ ڪن.
3- جان جي قرباني: انهيءَ تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري شرط هو ته لاڳاپا لاهي، خوف خطرا ڦٽا ڪري، سر تريءَ تي رکي، مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻو هو. سندس اهو عقيدو هو ته شريعتي نظام قائم ڪرڻ لاءِ طاقت جو هٿ ۾ هئڻ ضروري آهي، -ان- لاءِ زور زبردستي ۽ -تلوار- استعمال ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻو آهي.
مهدي سڏائڻ تي سيد محمد جونپوريءَ جي عالمن ۾ مخالفت وڌي وئي، اصل ۾ سندس مريدن ۽ پوئلڳن به زيادتي کان ڪم وٺندي کيس مهدي آخر زمان سان -تشبيهه- ڏيڻ شروع ڪئي. جڏهن ته مجدد ۽ مهدي -اسلام- جا نئين سر زنده ڪندڙ پئي تسليم ڪيا ويا آهن. مسلمانن جي ڪجهه فرقن ۾ عقيدو آهي ته جڏهن مسلمان مذهب کان دور ٿي ويندا آهن ۽ مذهب ۾ ڪيئي بدعتون پئجي وينديون آهن ته هڪ هزار سال بعد مجدد پيدا ٿيندو آهي، پر مهدي تقريباً ساڳين مقصدن لاءِ صرف هڪ دفعو اچڻو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ دعويٰ سان اڄ تائين ڪيئي ماڻهو پيدا ٿيا آهن. اهي تحريڪون موجوده زماني جي زبان ۾ مهدوي تحريڪون سڏيون ويون آهن جيڪي ٻين تحريڪن سان -تشبيهه- رکندڙ ۽ هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون هيون، -جن- جو مکيه مقصد اهو پئي رهيو آهي ته مسلمانن کي منظم ڪري دنيا تي -اسلام- جو غلبو آڻجي. سيد محمد -جونپوري- -افغانستان- ۾ 911 هه/ 1505ع ۾ وفات ڪري ويو. (وڌيڪ ڏسو: تحريڪ مهدوي).




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جونپوري سيد محمد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جونپوري سيد محمد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن