داخلا ؛ 8067
پڙهيو ويو ؛ 182
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2015-02-03


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جَوڙو

ٽائيٽل ؛ جَوڙو


شاخ : ڀرت

جَوڙو: هيءُ سنڌي ڀرت جو نمونو آهي، جيڪو ٿر، لاڙ، -اتر- وارن طبعي ڀاڱن جون عورتون ڀرينديون آهن. ’ريسو‘ ڀرڻ کان پوءِ ’جُوڙو‘ ڀربو آهي. مُڪي (ٽوپي چاڙهڻ وارو پاسو) جي ٻن بارڊرن جي وچ ۾ ريسي کان ٻيڻو يا ٽيڻو ٿئي ٿو. وچ واري خال ۾ وري ساڳئي مُڪي سان سگهڙ زالون پنهنجي مرضيءَ موجب گول، ٻن ڪنڊن ۽ -ٽن- ڪنڊن وارا خانا ٺاهينديون آهن. انهن خانن ٺاهڻ مهل سگهڙ زالون وڏي مهارت کان ڪم وٺنديون آهن. خانن ٺاهڻ کان پوءِ خانن کي مختلف رنگن جي ڌاڳن يا ڪشميري رنگ واري ڌاڳي سان ڀريو ويندو آهي. اهڙي عمل کي ’ٻيجو‘ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح مختلف رنگن جي ڌاڳن جي ٽوپن جي ميلاپ سبب ’جوڙو ڀرت‘ -انڊلٺ- بڻجيو پوي ۽ گهڻو خوبصورت لڳي ٿو. ڪي سگهڙ زالون خانن ۾ شيشي جون ٽڪون به رکنديون آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جَوڙو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جَوڙو - مان نڪتل ٻيون شاخون-
جاڙو


ڀرت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اڳٺ
تڪمو
تن 3
تڻي جو هار
ٽڪ واري رلي
ٽه کوهي
تار ڪَشِي
جَوڙو


.....ڀرت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن