داخلا نمبر 7712
عنوان جڳو
شاخ شخصيت
پڙهيو ويو 67 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جڳو

جڳو: جڳو فقير مخدوم عبدالرحمان شهيد جو سڳو ڀاءُ هو. سندس مزار ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ کان ويهه ميل فاصلي تي ڏکڻ طرف حاجي مصري خان ڀنڊ جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي، هن لاءِ مشهور آهي ته مال وندن جي مال ۾ ڪا بيماري پوندي هئي ته اهي پنهنجو مال ڪاهي جڳي فقير جي مزار تي حاضري ڀريندا هئا ۽ خدا ڪارڻ کير ورهائيندا هئا ته سندن رزق ڏانهن خير ٿي ويندو هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو