حاجي امير بخش خان جوڻيجو

حاجي امير بخش خان جوڻيجو

حاجي امير بخش خان جوڻيجو

حاجي امير بخش خان جوڻيجو: سنڌ جو ناميارو بزرگ سياستدان حاجي امير بخش جوڻيجو، ڳوٺ علي بخش جوڻيجي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ امام بخش جوڻيجي جي گھر ۾، 24 ڊسمبر 1916ع ۾ ڄائو. هن 1927ع ۾ ڳوٺ جي اسڪول مان ابتدائي تعليم ورتي ۽ 1939ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻورڙيءَ مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1941ع ۾ پوليس جي صوبيدار طور ملازمت اختيار ڪئي، جتان 1946ع ۾ استعيفا ڏئي، مسلم ليگ جي طرفان هلندڙ آزاديءَ واري تحريڪ ۾ حصو ورتائين.
هن سياست ۾ باقاعدي 1970ع ۾ حصو ورتو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٽي ڀيرا: 1970ع، 1988ع ۽ 1990ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميبر چونڊيو ويو. 1983ع واري ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ سبب ڇهه مهينا جيل به ڪاٽيائين. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ اڳوڻي اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ هن سڀني کان وڌيڪ ووٽ کنيا هئا، جنهن جو ذڪر بي. بي. سيءَ خاص طور ڪيو هو. هن کي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو جو قريبي ساٿي سمجھيو ويندو هو، پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري 1993ع ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڇڏي ۽ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 1997ع ۾ ميمبر سنڌ اسيمبلي چونڊيو ويو. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ هن چونڊن جي سياست کي خيرباد چيو ۽ واپس پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
حاجي امير بخش پنهنجي تر ۾ مهمان نواز ۽ سخي زميندار طور مشهور هو ۽ پنهنجي اوطاق تي غريبن لاءِ ڏينهن ۾ ٽي ويلا لنگر هلرائيندو هو، جنهن جو خرچ هلائڻ لاءِ هن پنهنجي 500 ايڪڙ زمين وقف ڪري ڇڏي هئي. حاجي امير بخش جوڻيجي 7 آڪٽوبر 2011ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه سندس اباڻي ڳوٺ خانپور جوڻيجي ۾ آهي. کيس ٽن پٽن ۽ ستن نياڻين جو اولاد آهي، جيڪي پڻ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳڀرا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.12.24  عيسوي

سنڌ جو ناميارو بزرگ سياستدان حاجي امير بخش جوڻيجو، ڳوٺ علي بخش جوڻيجي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ امام بخش جوڻيجي جي گھر ۾، 24 ڊسمبر 1916ع ۾ ڄائو.


2011.10.07  عيسوي

حاجي امير بخش جوڻيجي 7 آڪٽوبر 2011ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه سندس اباڻي ڳوٺ خانپور جوڻيجي ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام فتح خان
ساڌو نولراءِ
پيرابن شاھ جي مزار
علاؤالدين قريشي
شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي
صدرالدين شاهه مولانا
الطاف اثيم
ڪامران ڀٽي
سھراب سومرو
رحمت الله شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون