حزب الله ميمڻ، شهيد

حزب الله ميمڻ، شهيد

حزب الله ميمڻ شهيد

حزب الله ميمڻ، شهيد: سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي ائسوسيئيٽ پروفيسر، حزب الله ميمڻ جا وڏا اصل مٽياريءَ جا رهاڪو هئا. سندس والد جو نالو حاجي عبدالڪريم ميمڻ هو، جنهن جو حيدرآباد شاهي بازار ۾ آڏاڻي جي اُڻيل ڪپڙي ۽ ڇُر جي ڪپڙن، جهڙوڪ: اجرڪ، سوسي، گربي، لونگي، کيسَ ۽ ٽوپين وغيره جو ’حاجي عبدالڪريم اينڊ سنز‘ جي نالي سان جڳ مشهور دڪان، 1935ع کان وٺي قائم هو.
حزب الله ميمڻ، 25 سيپٽمبر 1944ع تي فقير جي پِڙ، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرئڪٽسنگ ٽريننگ ٽيچرس ڪاليج حيدرآباد جي پرائمري سيڪشن ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان ڪيائين.
حزب الله ميمڻ، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پهرين پوليٽيڪل سائنس ۾، ۽ بعد ۾ سائڪالاجيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. ان کان سواءِ هن سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائڪلاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. انهيءَ دوران هن سائڪالاجيءَ سان گڏوگڏ سنڌي هنرن ۽ ثقافت تي ڪيترائي تحقيقي ۽ تاريخي مقالا لکيا. هن ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري، تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
حزب الله ميمڻ، ترقي ڪري ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي پهتو ۽ پنهنجي وقت جو بهترين ۽ باصلاحيت استاد رهيو. سندس شاگردن ۽ استادن ۾ وڏو احترام ۽ عزت هئي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جي مشهور عالمن ۽ اديبن: پير حسام الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي، محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪري، پروفيسر ظفر حسن، خيرالنساءِ جعفري ۽ سماج جي ٻين شعبن سان واسطيدار شخصيتن سان واسطو رکيو ۽ ساڻن سنڌي سماج ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پروفيسر صاحب وٽ 10 هزارن کان مٿي ڪتابن جي ذاتي لائبرري هئي، جنهن ۾ قرآن پاڪ جا ڪيترائي قلمي نسخا ۽ ٻيا ناياب ڪتاب موجود هئا. پروفيسر حزب الله ميمڻ کي سِڪن سان وڏي دلچسپي هئي ۽ وٽس سون، چاندي، پتل ۽ ٽامي جا هزارين سِڪا موجود هئا، جن ۾ خاص ڪري سڪندراعظم کان وٺي سمن ۽ اڪبر جي دؤر جا ناياب سڪا ۽ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جا تاج، ڪپڙا ۽ سِڪا به شامل هئا. وٽس سِڪن، ڪتابن ۽ سنڌ جي ناياب هنري شين ڏسڻ لاءِ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ممتاز علي خان ڀٽو، ڄام صادق علي، پيار علي الانا، عبدالله خان ورياهه، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا وقت بوقت ايندا رهندا هئا. پروفيسر صاحب جو اهو ناياب ذخيرو هميشه ڪن متعصب ۽ سنڌ دشمن ماڻهن جي اک ۾ ڪَنڊي وانگر چُڀندو رهيو، ان ڪري هنن 1972ع ۾ 1977ع دوران ان ذخيري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. خاص ڪري، 27 مئي 1990ع جي لساني فسادن دوران اُهي متعصب ماڻهو پروفيسر صاحب جو سمورو تاريخي ۽ تهذيبي ذخيرو لُٽي کڻي ويا ۽ 10 ڏينهن بعد، کيس 7 جون 1990ع تي سندس زير تعمير گهر، ڊفينس سوسائٽي، حيدرآباد ۾ ڳولي اچي شهيد ڪيو.
شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ کي اباڻي قبرستان ’ميئون جيئندو، مٽياريءَ‘ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.09.25  عيسوي

حزب الله ميمڻ، 25 سيپٽمبر 1944ع تي فقير جي پِڙ، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1990.06.07  عيسوي

هن کي 7 جون 1990ع تي شهيد ڪيوويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهاب الدين جيلاني قادري
سيد محمد شاهه سعيد ٽکڙائي
ڀنگر غلام نبي
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
شعيب ڪڇي شيخ
خواجه عبدالرحمان تارڪ طُريل
روشن عطا
شاهه ولي خان
پورس
ديو اُڌارام ناٿاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون