خادم حسين شاهه

خادم حسين شاهه

خادم حسين شاهه

خادم حسين شاهه: شاعر ۽ سماجي خدمتگار خادم حسين شاهه، 11 جنوري 1932ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1954ع ۾، بي اي 1958ع ۾، ۽ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1971ع ۾ پاس ڪيائين. هيءُ ’تحريڪ نفاذ فقه جعفريه‘ ۽ ’وفاقي شيعا حيدر قرار‘ مذهبي جماعتن جو ضلعي صدر به رهيو آهي. خادم حسين شاهه سياست جي شروعات خاڪسار تحريڪ کان ڪئي. ڪنوينشن مسلم ليگ ۾ به ڪم ڪيائين، بعد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو 1968ع ۾ باني ميمبر ۽ لاڙڪاڻي شهر جو صدر به رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس گهڻي ويجهڙائپ هئڻ سبب 1973ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جـي حـڪـومت اچـڻ بـعـد ’پاڪستان نيشنل سينٽر‘ جو بنياد وڌائين ۽ لاڙڪاڻي جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس سال 1978ع ۾ سکر بدلي ڪيو ويو ته نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ’سنڌي ادبي اڪيڊمي‘ نالي هڪ ادارو قائم ٿيو، جنهن جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو. هن اداري ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا.
خادم حسين ادبي، سماجي، ثقافتي اداري ’سڄڻن جي سنگت‘ جو صدر به رهيو. ان پليٽ فارم تان ٻوليءَ ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ڪيترائي سيمينار ڪرايائين. جڏهن 1954ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي جو بنياد پيو، ته خادم حسين شاهه ان جو ٻيو سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پير پاڳاري، پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘ بابت هڪ ڪتاب لکي ’سوانح اصغر‘ شايع ڪرايو. وفات کان اڳ ’ديوان اصغر‘ به ترتيب ڏنائين. سيد خادم حسين شاهه، 13 سيپٽمبر 1982ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ خادم حسين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.01.11  عيسوي

شاعر ۽ سماجي خدمتگار خادم حسين شاهه، 11 جنوري 1932ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


1982.09.13  عيسوي

سيد خادم حسين شاهه، 13 سيپٽمبر 1982ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خادم رفيقي
راض محمد خان عاشق
جويو خاڪي
اسحاق آهنگر
سرلا ديوي ڊاڪٽر
بلوچ صحبت علي
اقبال علامه ڊاڪٽر
ڌامراهو مهراڻ
شگفته شاهه
رضوي همت علي شاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون