خانبهادر، اَرد شير هرمسجي

خانبهادر، اَرد شير هرمسجي

خانبهادر اَرد شير هرمسجي

خانبهادر، اَرد شير هرمسجي: نامور سماجي ڪارڪن خانبهادر آرد شير ولد هرمسجي ماما 11 سيپٽمبر 1873ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس تعلق پارسي خاندان سان هو. هن ڪراچيءَ مان تعليم مڪمل ڪئي. تعليم پرائڻ کان پوءِ هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا سرڪاري نوڪري کان ڪئي. هيءُ سرڪاري نوڪريءَ ۾ مختلف عهدن تي رهيو، 1918ع ۾ هن نوڪريءَ کي خيرباد چئي پنهنجو واپار ۽ فلاحي ڪم شروع ڪيا، انهن فلاحي ڪمن ۾ شامل ’ماما پارسي گرلس هاءِ اسڪول‘ ۽ غريب پارسين جي رهڻ لاءِ گهر ٺهرايائين. هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي نالي سان ’ماما پئلس‘ نالي عاليشان محل ٺهرايو، جيڪو بعد ۾ ’پئلس هوٽل‘ ۾ تبديل ٿيو. هي ڪراچي ڪارپوريشن جو ڪيترو وقت ميمبر، ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو سرڪار طرفان نامزد ٿيل 1921ع کان 1933ع تائين ميمبر، ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ جو صدر، ڪراچي ڪلب جو پريزيڊنٽ، فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ، ڪراچي ڪينٽونمينٽ بورڊ جو ميمبر ۽ پارسي فنڊس جي ائسوسيئيشن جو ٽرسٽي به ٿي رهيو. 1929ع واري سنڌ اندر آيل بارشن ۽ ٻوڏن جي ستايل عوام جي سهائتا لاءِ هڪ رليف ڪميٽي مقرر ٿي، جنهن جو چيئرمئن جمشيد مهتا ۽ خزانچي خانبهار ماما هو. کيس سرڪار پاران سندس خدمتن جي عيوض انگريز سرڪار پاران خانبهادر جو لقب مليو. هن 15 فيبروري 1952ع تي وفات ڪئي. اڄ به ڪراچيءَ ۾ منگهي پير وٽ جيڪو گرم چشمو ’ماما باٿ‘ جي نالي مشهور آهي، ان جي سڌاري لاءِ اردشير هرمسجي ماما ان دؤر ۾ 16 هزار ڏنا هئا. هن چشمي جو پاڻي چمڙيءَ جي بيمارين ۾ ورتل مريضن لاءِ مفيد هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1873.09.11  عيسوي

نامور سماجي ڪارڪن خانبهادر آرد شير ولد هرمسجي ماما 11 سيپٽمبر 1873ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.


1952.02.15  عيسوي

هن 15 فيبروري 1952ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد ببر علي
جتوئي مولوي نذير حسين جلالي
حسن بانگو ڀاڻوٺي
بيگم ممتاز راشدي
جسونت سنگهه ۽ جئسنگهه
ايوب گل
صوف فقير
سيد نور محمد شاهه
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
رئيس ولي محمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون