خدابخش ’ناشاد‘

خدابخش ’ناشاد‘: خدابخش ولد الهڏني مگسيءَ، 21 فيبروري 1949ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. جيڪب آباد جي علمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سوشيالاجي جو امتحان ڏنائين ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر مقرر ٿيو، ان ئي کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو. سٺو اديب، ڊراما نگار ۽ سماجي ورڪر هو.
ڪنول آرٽس اڪيڊمي قائم ڪري ڪيترا فنڪار پيدا ڪيائين. ڳائڻ سان گڏ مزاحيه اداڪاري به ڪندو هو. پنهنجا ڪيترا لکيل ڊراما اسٽيج ڪرايائين. هڪ ڊرامانگار جي حيثيت ۾ هن اسٽيج کي نئون موڙ ڏئي ’ون ائڪٽ پلي‘ جو جيڪب آباد ۾ بنياد وڌو. سنڌ جي مشهور فنڪارن مان شهزادي، نور محمد لاشاري، عبدالحق ابڙو، سيما، يوسف علي ۽ ياسمين گل سان گڏ اسٽيج تي اداڪاري ڪيائين. سٺو ڪمپيئر به هو. سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جي ڊراما ڪميٽي ۽ ڪلچرل ڪميٽيءَ جو اهم عهديدار به هو. ڊراما ۽ ڪلچرل شو جي ڪمپيئرنگ خود ڪندو هو. سندس هڪ مزاحيه خاڪو ۽ گيت ڪراچي ٽي. وي تي پيش ٿيو ۽ روزانه ’سارنگ‘ جيڪب آباد ۾ روزانو مزاحيه ڪالم لکندو رهيو. هو ڪالمن ۾ شهر جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۽ شهر جي اهم مسئلن کي نروار ڪندو رهيو. کيس مڃتا طور ڪيترا اوارڊ مليا. سندس نوجوان پٽ نجف ناشاد به سٺو فنڪار آهي. خدا بخش ناشاد 11 جنوري 2002ع تي دل بيهڻ سبب جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.02.21  عيسوي

خدابخش ولد الهڏني مگسيءَ، 21 فيبروري 1949ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.


2002.01.11  عيسوي

خدا بخش ناشاد 11 جنوري 2002ع تي دل بيهڻ سبب جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز گاد
اردشير ڪائوسجي
گل آغا
بيگم نصرت ڀٽو
ڄام صادق علي (سياستدان )
انور ابڙو
امام الدين مجددي
ريحانه
جوليان پال اسانج
لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون