دايو، مظفر علي

دايو، مظفر علي

دايو مظفر علي

دايو، مظفر علي: صوفي راڳي فقير مظفر علي ولد فقير لطف علي دايو، سنڌ جي مشهور صوفي شاعر ۽ درويش غمدل فقير جو پوٽو آهي. پهرين سيپٽمبر 1970ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. سندس تعليم ايم. اي (اقتصاديات) آهي ۽ پيشي جي حوالي کان پرائمري استاد آهي. فقير مظفر علي، موسيقيءَ جي باقاعدي تعليم وقت جي ڪلاسيڪل ۽ صوفي راڳي فقير امام علي خان ٿهيم کان حاصل ڪئي. سنڌي ۽ بلوچي موسيقيءَ جي سريلي ساز ’بينجو‘ جي سکيا سنڌ جي ناليواري بينجي نواز استاد غلام حسين ’گل‘ کان ورتائين. فقير مظفر عليءَ جا ريڊيي ۽ ٽي. وي تي ڪيترا ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن. هن جي ڪلامن ۾ ڪلاسيڪي ۽ جديد رنگ جو سنگم آهي.
فقير مظفر عليءَ جا ڪيترائي شاگرد به آهن، جن ۾ فقير بجر علي، ناصر قاضي، امداد علي نصيراڻي ۽ ٻيا شامل آهن، هن جا ڪيترا آڊيو ۽ وڊيو البم به جاري ٿي چڪا آهن. هن وقت رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.09.01  عيسوي

صوفي راڳي فقير مظفر علي ولد فقير لطف علي دايو، سنڌ جي مشهور صوفي شاعر ۽ درويش غمدل فقير جو پوٽو آهي. پهرين سيپٽمبر 1970ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شادي فقير
سوڍل فقير لغاري
شفيع محمد جمن
ڌائي الهوڌائي
عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي
ساهڙ فقير خاصخيلي
عالمگير
سترام روهڙا
پنهور عبدالله
چندر (ماسٽر چندر)
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون