دوست محمد هڪڙو

دوست محمد هڪڙو

دوست محمد هڪڙو

دوست محمد هڪڙو: نامياري وڪيل ۽ سياستدان خانصاحب دوست محمد هڪڙي، ڊسمبر 1911ع ڌاري قنبر ۾ خانبهادر علي حسن خان هڪڙي جي گهر جنم ورتو. پرائمري تعليم قنبر مان، جڏهن ته ڪاليج تائين لاڙڪاڻي مان تعليم حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ هندستان مان سينيئر ڪيمبرج تائين تعليم حاصل ڪري، وڪالت شروع ڪيائين. مسلم ليگ ۾ شامل ٿي سياست جو آغاز ڪيائين. 37-1936ع ڌاري ميونسپل ڪميٽي قنبر جو صدر رهيو، 1948ع کان 1956ع تـائـيـن ســنـڌ اسـيمـبلـيءَ جـو ميمبر رهيو. 54-1953ع ڌاري پي. ڊبليو. ڊي کاتي جو صوبائي صلاحڪار پڻ رهيو. ان کان سواءِ لاڙڪاڻي بورڊ جو 10 سالن کان وڌيڪ چونڊيل ميمبر رهيو. 1970ع وارين چونڊن ۾ لاڙڪاڻي جي تڪ ٻئين مان ايم. پي. اي چونڊيو. اسيمبلي ميمبر رهڻ دوران علائقي ۾ کوڙ سارا ترقياتي ڪم ڪرايائين ۽ تعليم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي تمام ويجهن ساٿين مان هو. ڀُٽو صاحب کيس اُستاد جو درجو ڏيندو هو. دوست محمد هڪڙو شڪار جو وڏو شوق رکندو هو. پهرين آڪٽوبر 1979ع تي وفات ڪيائين.


لفظ دوست محمد هڪڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو