ديارام ساهني

ديارام ساهني

ديارام ساهني

ديارام ساهني: مشهور آرڪيالاجسٽ، سنڌو تهذيب تي کوجنا ڪندڙ، هندستان جي قديم آثارن واري کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف راءِ بهادر ديارام ساهني، گڏيل هندستان جي سرگوڌا ضلعي جي ڀيرو نالي ڳوٺ ۾، 16 ڊسمبر 1879ع ۾ هڪ کتري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. پاڪستان کان اڳ هي ڳوٺ ضلعي شاهپور ۾ هوندو هو، جيڪو جهلم نديءَ جي ٻوڏ يافته علائقي ۾ هو ۽ هاڻي هي شهر ضلعي سرگوڌا ۾ لاهور- اسلام آباد موٽر وي جي وچ تي آهي. هن اورينٽل ڪاليج لاهور مان سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ايم. اي ڪئي. جنهنڪري کيس آثارِ قديمه کاتي طرفان اسڪالرشپ انهيءَ ڪري ڏني وئي ته جيئن مقامي ماڻهن مان آثارِ قديمه لاءِ عالم تيار ڪيا وڃن. انهيءَ زماني ۾ آرڪيالاجي کاتي جو سرواڻ سر جان مارشل هو، جيڪو هندستان جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ لاءِ تياريون مڪمل ڪري رهيو هو، جنهن کي مددي ماڻهو کپندا هئا. هن ديارام ساهنيءَ کي بنارس ۾ سرناٿ نالي ماڳ جي کوٽائيءَ لاءِ منتخب ڪيو.
ان کانسواءِ هن ڪيسا (Kaisa) جي ٻوڌين جو عظيم مندر، راجگير (بهار) ۽ جوڌپور ۾ مندرن جي کوٽائي ڪئي. هڪ سال کانپوءِ کيس لکنؤ ميوزيم ۾ ڪيوريٽر مقرر ڪيو ويو. ترت پوءِ 1912ع ۾ ڪشمير، رياست سندس خدمتون انگريز سرڪار کان گهري ورتيون ۽ چئن سالن تائين هن ڪشمير ۾ اتان جي قديم عمارتسازيءَ تي ڪم ڪيو ۽ ڪيتريون ئي کوٽايون پڻ ڪيون. 1917ع ۾ ديارام ساهني واپس لاهور آيو. هتي اچي هن هندو ۽ ٻوڌي مندرن تي ڪم شروع ڪيو. 1921ع ۾ سر جان مارشل جڏهن باقاعدي هڙپا واري ماڳ جي کوٽائي ڪرڻ جي رٿا ٺاهي ته هن ديارام ساهنيءَ کي اتي مقرر ڪيو.
ديارام ساهنيءَ سنڌو تهذيب جو هڪ وڏو شهر ڳولي ڪڍيو، جنهن کي اڄ هڙپا (Harappa) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو ئي سندس مشهوريءَ جو سبب آهي، جو هن سنڌو تهذيب جو پنجاب ۾ پهريون ماڳ ڳوليو، جيڪو موهن جي دڙي جو همعصر هو ۽ ان وقت جو هو. جڏهن موهن جو دڙو زنده شهر هو. 1925ع ۾ کيس هيڊڪوارٽر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ آخر جولاءِ 1931ع ۾ کيس ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. انهيءَ دؤر ۾ کيس ڪم لاءِ ناڻي جي کوٽ ۽ ٻين انتظامي سببن جي ڪري فنڊ ملي نه سگھيا، پر پوءِ به هن کاتي کي بهتر نموني هلايو. هن جئپور رياست ۾ ڪافي ڪم ڪيو. کيس 1935ع ۾ سي. آءِ. اي (C.I.E) جي اوارڊ سان نوازيو ويو. اهو ئي سال سندس نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ جو هو. توڙي جو هن سرناٿ ۽ ٻين سون ماڳن جي کوٽائي ڪئي ۽ سرناٿ تي ٻه ڪتاب به لکيا، پر سندس شهرت جو سبب سنڌو تهذيب جو مشهور ماڳ هڙپا آهي. 7 مارچ 1939ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري جئپور ۾ لاڏاڻو ڪيائين.


لفظ ديارام ساهنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1879.12.16  عيسوي

مشهور آرڪيالاجسٽ، سنڌو تهذيب تي کوجنا ڪندڙ، هندستان جي قديم آثارن واري کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف راءِ بهادر ديارام ساهني، گڏيل هندستان جي سرگوڌا ضلعي جي ڀيرو نالي ڳوٺ ۾، 16 ڊسمبر 1879ع ۾ هڪ کتري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.


1939.03.07  عيسوي

ديارام ساهني 7 مارچ 1939ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري جئپور ۾ لاڏاڻو ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثناءُ الله عباسي ڊاڪٽر
جان ميڪسويل ڪوئٽزي
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا
اسحاق گڊو
جمالي حاجي علي بخش
غلام فاطمه شيخ
پنواڻي
پٽيل ولڀ ڀائي
شيدي محمد بخش
رميش تلوڪچند جئسنگھاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون