راماڻي شيلا

راماڻي شيلا

راماڻي شيلا

راماڻي، شيلا: هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (1958ع) جي هيروئن شيلا راماڻيءَ، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو،2 مارچ 1932ع ڌاري نوابشاهه ۾ ڄائي. سندس خاندان جي باري ۾ گهڻي معلومات نٿي ملي. فلم ’اباڻا‘ ۾ ساڌنا سندس ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانئس آٽوگراف گهريو ته ان وقت شيلا راماڻيءَ کيس چيو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو تون وڏي اسٽار ٿيندينءَ ۽ آءٌ تو کان آٽوگراف وٺنديس. شيلا راماڻيءَ جي اها ڳالهه پوءِ سچي ثابت ٿي. شيلا راماڻيءَ پاڻ به هندي سينيما ۾ چڱو نالو ڪڍيو. سندس مشهور فلمون هيون: ’ڀاڀي‘، ’تين بتي چار راسته‘ (1953ع)، ٽيڪسي ڊرائيور‘ (1954ع)، ’نوڪري‘ (1954ع)، ’منگو‘ (1954ع)، ’شاهـزده‘ (1955ع)، ’ريلوي پليٽفارم‘ (1955ع)، ’فنٽوش‘ (1956ع)، ’انجلي‘ (1957ع)، ’ممتاز محل‘ (1957ع)، ’جنگل ڪنگ‘ (1959ع)، ’مان بيٽا‘ (1962ع) وغيره شامل آهن. 1963ع کان پوءِ فلمن کي خيرباد چئي آمريڪا وڃي رهي، هن 15 جولاءِ 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.03.02  عيسوي

هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (1958ع) جي هيروئن شيلا راماڻيءَ، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو،2 مارچ 1932ع ڌاري نوابشاهه ۾ ڄائي.


2015.07.15  عيسوي

هن 15 جولاءِ 2015ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ الڀو ٺٽوي
امير ابڙو
آخوند نور محمد ڀٽي
فائزه ايوب
ڀرڪيو شيخ ڪاتيار
خير محمد سومرو
چغدي بيگ
آصف هالائي
پير شاھنواز شاهه عارف الموليٰ
جلال الدين سيوطي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون