رجب المرجب

رجب المرجب: رجب يعني تعظيم وارو هي اسلامي سال جو ستون مهينو آهي. رحمت وارن چئن اسلامي مهينن ۾ هيءُ مهينو به شامل آهي. سنڌيءَ ۾ هن مهيني کي ’لکانو‘ چئبو آهي، جنهن مان مراد آهي: ’سڀاڳو، بخشڻ وارو، ڀاڳ وارو مهينو‘. رجب يعني ’تعظيم وارو مهينو‘. هن مهيني جون تمام گهڻيون فضيلتون بيان ٿيل آهن. حديث شريف ۾ آهي ته رجب الله تعاليٰ جو مهينو آهي، شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي. هي مهينو دعائن جي قبوليت جو خاص مهينو آهي.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنھ فرمايو ته: رجب پوک پوکڻ (ٻج ڇٽڻ) جو مهينو آهي، شعبان پوک کي پاڻي ڏيڻ جو مهينو آهي ۽ رمضان لاباري ڪرڻ ۽ ٻارِ (اَن) کڻڻ جو مهينو آهي. هن ئي بابرڪت مهيني جي ستاويهينءَ جي رات الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي حبيـب نبي ڪريمصه کي معراج لاءِ عرش تي گهرايو، جنهن کي مسلمان ’عيد معراج النبي‘ يا ’جشن معراج النبي‘ طور هر سال ملهائيندا آهن. هن ئي مهيني ۾ الله تعاليٰ، حضور ڪريمصه جن جي بيت المقدس کان مُنهن ڦيرائي ڪعبة الله شريف ڏانهن مُنهن ڪري نماز پڙهڻ جي خواهش وچ نماز ۾ پوري ڪئي.


لفظ رجب المرجبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو