روئداد خان

روئداد خان

روئداد خان

روئداد خان: ليکڪ، سياستدان ۽ اڳوڻو ڪامورو روئداد خان، 28 سيپٽمبر 1923ع تي مردان شهر، صوبي سرحد (موجوده خيبر پختونخوا) ۾ ڄائو. هن ملڪ جي ڪيترن ئي اهم عهدن ۽ اهم ترين شخصيتن سان گڏ يا ماتحت رهي ڪم ڪيو آهي. هن جي خاندان جو تعلق يوسفزئي قبيلي سان آهي. هن 1939ع ۾ فارمين ڪرسچن ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، ان کانپوءِ ٻيهر 1942ع ۾ انگريزي ادب ۾ بي. اي ڪئي. ان کانسواءِ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان 1946ع ۾ ايم. اي (انگلش هسٽري) ڪيائين.
ورهاڱي کانپوءِ روئداد خان 1949ع ۾ سول سروس ۾ شامل ٿيو. هن پنجن صدرن ۽ ٽن وزيراعظمن جي ماتحت ڪم ڪيو. هن اهم ترين عهدن، ڪمشنر (ڪراچي)، اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) جي بغاوت وقت انفارميشن سيڪريٽري، جنرل ضياءالحق جي گهرو معاملن بابت سيڪريٽري، ذوالفقار علي ڀُٽي جي ٽوئرزم بابت سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ان کانسواءِ روئداد خان چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن، سيڪريٽري انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ ۽ سنڌ جو ٻن ڏينهن لاءِ چيف سيڪريٽري به رهيو آهي. 1993ع ۾ جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ صدر غلام اسحاق خان جي وچ ۾ اختيارن جي معاملي تي اختلاف ٿيا ته صدر جي صلاحڪار جي حيثيت ۾ روئداد خان نوازشريف کي هٽائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن عمل کي روئداد خان، پنهنجي ڪتاب ۾ Operation Manhattan سڏيو آهي. سندس هي مشهور ڪتاب Pakistan- A dream gone sour آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ 1997ع ۾ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب سندس زندگيءَ جي يادن تي مشتمل هڪ اهم سياسي آتم ڪهاڻي آهي. ان کانسواءِ روئداد خان، روزاني ڊان اخبار جو ڪالم نويس به رهيو آهي.


لفظ روئداد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.09.28  عيسوي

ليکڪ، سياستدان ۽ اڳوڻو ڪامورو روئداد خان، 28 سيپٽمبر 1923ع تي مردان شهر، صوبي سرحد (موجوده خيبر پختونخوا) ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد شيخ
آسودارام سَنت
احمد علي جمالي
ايني بيسنت
درمحمد پنهور مولانا
احمد علي شاهه ڊاڪٽر
الڪا ڪيسواڻي
پاٽائي شيخ رڪن الدين
ارشاد علي جلالاڻي صوفي فقير
ٿهيم عبدالرزاق جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون