زيب عاقلي

زيب عاقلي

زيب عاقلي

زيب عاقلي: سنڌ جي نامور شاعر، اديب، ڊراما نويس ۽ صحافي زيب عاقليءَ جو اصل نالو عبدالحق ولد مولوي محمد عاقل هو، سندس جنم پهرين آڪٽوبر 1920ع تي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. زيب عاقلي شروعاتي تعليم ڳوٺ مان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌي فائينل لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. هو ڪجهه درجا انگريزي به پڙهيو ۽ مدرسي مان فارسيءَ جي تعليم به ورتائين. ان کان پوءِ شعر و شاعري، صداڪاري ۽ صحافت جي شروعات ڪيائين. ٻي عالمي جنگ جي زماني ۾ انگريز سرڪار ’سانگ وار پبلسٽي‘ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو مقصد انگريزن خلاف جرمنيءَ جي هٽلر، اٽليءَ جي مسوليني ۽ جپاني فوجن پاران جنگ ۾ مسلسل شڪست جي ڪري هندستان ۾ نفرت کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي هرکائڻ لاءِ روزانو اسٽيج ڊراما، ناچ گانا ۽ مفت تفريح مهيا ڪرڻ هو. هن اداري ۾ زيب عاقليءَ ملازمت ڪئي ۽ ان جو سربراهه رهيو.
زيب عاقليءَ 1962ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسٽاف آرٽسٽ طور داخل ٿيو ۽ 1963ع ۾ سالياني ڪانٽريڪٽ تي اسڪرپٽ رائيٽر مقرر ٿيو. هو ريڊيي لاءِ گيت، غزل ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون، فيچر لکڻ کانسواءِ ڳائيندڙن جي اُچارن جي اصلاح ڪندو هو، مباحثن ۾ حصو وٺندو هو، سندس فيچر ’ناٽڪ منڊلي‘ ڏاڍو مقبول ٿيو، 1965ع جي هند- پاڪ جنگ دوران ڪيترا فيچر لکيائين. کيس ريڊيو تان پهريون منظوم ڊرامو ’ستاره‘ پيش ڪرڻ جو اعزاز به حاصل آهي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي زيب عاقليءَ کي حيدرآباد ريڊيو جو صلاحڪار مقرر ڪيو. 1973ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر مان پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ 1974ع ۾کيس سينيئر پروڊيوسر طور ترقي ڏني ويئي، جتان 1980ع ۾ ساڳئي عهدي تان رٽائر ٿيو. 1984ع ۾ جڏهن عنايت بلوچ اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿيو ته زيب عاقليءَ کي سنڌي پروگرامن ۾ حصو وٺندڙن جي تلفظ درست ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جتي ڪافي عرصو ڪم ڪيائين. زيب عاقليءَ جا ’قطعا‘ مشهور هئا.
زيب عاقلي گهڻو ڪري ملڪ جي سربراهن جي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيل تقريرن جي سنڌي ترجمي کي پنهنجي آواز ۾ نشر ڪندو هو. ان ڏس ۾ کيس ذوالفقار علي ڀٽي جون گهڻي کان گهڻيون تقريرون پڙهڻ جو اعزاز حاصل آهي. زيب عاقليءَ جي شاعريءَ کي ريڊيو تي گلوڪاره روبينه قريشي، ثريا، زرينه بلوچ، جميله ناز، محمد جمن، عبدالله پنهور، عابده پروين ۽ ٻين ڳايو آهي. زيب عاقلي 12 مئي 1991ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ زيب عاقليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.10.01  عيسوي

سنڌ جي نامور شاعر، اديب، ڊراما نويس ۽ صحافي زيب عاقليءَ جو اصل نالو عبدالحق ولد مولوي محمد عاقل هو، سندس جنم پهرين آڪٽوبر 1920ع تي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.


1991.05.12  عيسوي

زيب عاقلي 12 مئي 1991ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زبيده ميتلو
سيد نادر علي شاهه فراق
احسن حافظ محمد چنا
سعدي شيرازي
پرسوز بخاري
جوڻيجو عبدالغفور عابد
صبا اڪبر آبادي
الطاف عباسي
پٺاڻ محمد علي
ٽيڪم آفتاب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون