زين العابدين شاهه زينل پير

زين العابدين شاهه زينل پير

زين العابدين شاهه زينل پير

زين العابدين شاهه ’زينل‘، پير: شاعر پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني 28 سيپٽمبر 1913ع تي ڳوٺ نوراني شريف ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پير سيد حاجي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي تنهائي پسند هو، هن جي جنم کان اڳ سندس والد کي هڪ بزرگ هن بابت بشارت ڏني هئي. هن قرآن مجيد ۽ حديث سان گڏ سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪئي. ننڍي عمر ۾ ئي دنيا داري ترڪ ڪري 12 سالن تائين گنجي ٽڪر جي غارن ۾ رهي رياضت ۽ عبادت ڪيائين ۽ ظاهر داريءَ کان اڳتي هلي خاموشي اختيار ڪيائين، جيڪا ڪافي وقت هلي اوٽي شريف جي بزرگن سندس خاموشي ٽوڙي کيس هدايت ڏني ان کانپوءِ زين العابدين شاهه وٽ هميشه محفل ميلاد جاري رهندي هئي، ماڻهن کي فيض ۽ هدايت ڏيندو رهندو هو. 1956ع ۾ بغداد شريف ويو، جتي حضرت عبدالقادر جيلاني جي مقبري جي ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي وار مبارڪ جي زيارت پڻ ڪيائين. حج به ڪيائين. خاموشي ٽوڙڻ کان پوءِ سندس شاعري طرف لاڙو ٿيو، سنڌي، بلوچي، سرائڪي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي ۾ بي انداز شعر چيائين. شاعري ۾ ’زينل‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’عشق بنا اسرار نه ڪوئي‘ سندس فرزند ارجمند پير غلام جيلاني شاهه جي نگرانيءَ ۾ فقير علي اڪبر قادريءَ ترتيب ڏئي جولاءِ 2012ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن 16 جنوري 1976ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.09.28  عيسوي

شاعر پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني 28 سيپٽمبر 1913ع تي ڳوٺ نوراني شريف ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پير سيد حاجي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.


1976.01.16  عيسوي

هن 16 جنوري 1976ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد خان اختر
آخوند محمد قاسم هالائي
ڪشنچند بيوس
گل محمد رند
ٺٽوي رضي الدين فدائي
امتياز دانش
سندر مجرم
الهه اوڀايو جوڻيجو
ايسر فقير
شير محمد لغاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون