سائل مرزا

’سائل‘ مرزا: سائل مرزا جو اصل نالو مرزا مراد علي بيگ هو ۽ هو 12هين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ جو هڪ بهترين مرثيه خوان، شاعر، حڪيم، مصور ۽ خطاط ٿي گذريو آهي. هن 02 مارچ 1741ع تي ميرزا محمد فاضل بيگ جي گھر ۾، ٺٽي ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ترخاني مغلن جي خاندان سان آهي. سندس شجرو هن ريت آهي: ميرزا مراد علي بيگ سائل بن ميرزا محمد فاضل بيگ بن ميرزا فتح علي بيگ اول بن ميرزا فضل الله بيگ بن ميرزا فتح الله عرف فتحي بيگ بن ميرزا عيسيٰ بيگ ثاني ترخان بن ميرزا جان بابا بيگ بن ميرزا عيسيٰ بيگ اول ترخان.
سائل مرزا، ديني ۽ درسي تعليم مدرسي مان حاصل ڪئي ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي پنهنجي والد کان فارسي شاعريءَ جي سکيا حاصل ڪيائين. ويهن سالن جو ٿيو ته سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ کان سنڌي زبان ۾ مرثيي جي سکيا ورتائين ۽ ڪيترا سنڌي مرثيا لکيائين. مرزا صاحب پنهنجي استاد سيد ثابت علي شاهه جي چوڻ تي سيوهڻ مان شادي ڪئي.
مرزا مراد علي بيگ، سيد ثابت علي شاهه کانپوءِ سنڌ جي آڳاٽن مرثيه نگارن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. هن سنڌي زبان ۾ مرثيي کي اوليت جو درجو ڏئي، پنهنجو پورو لاڙو مرثيه نگاري ۽ مرثيه خواني جي فروغ ڏانهن رکيو ۽ سنڌي مرثيه گوئي ۽ مرثيه خوانيءَ جي ترويج لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون. هن سنڌي، فارسي، عربي ۽ اردو زبان ۾ حمد، نعت، منقبت، قصيدي، مثنوي، رباعي، سلام، مرثيي ۽ نوحن تي سخن آرائي ڪئي آهي. سندس ڪلام مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان مرزا عباس علي بيگ سنڌ ۾ سڀ کان پهرين پنهنجي تڙ ڏاڏي مرزا سائل جي استاد سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام تفصيلي احوال سميت ترتيب ڏئي، 1984ع ۾ ’ڪليات ثابت‘ جي نالي سان شايع ڪرايو. مرزا سائل جي ڪلام مان پنج مرثيه مرزا فتح علي بيگ ’پنج مرثيه‘ جي نالي سان مرتب ڪري، ’بزم فتح‘ پاران 2004ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن ۽ باقي سندس سمورو ڪلام ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتب خاني ۾ قلمي صورت ۾ محفوظ آهي. مرزا سائل حڪمت جو به وڏو ڄاڻو ۽ ماهر هو. هن سنڌي زبان ۾ حڪمت تي هڪ ضخيم ڪتاب ’طب مراد‘ جي نالي سان (ٻن ڀاڱن تي مشتمل) تحرير ڪيو، پر اڄ ناپيد آهي.
سندس مرثيه خواني ۽ مذهبي خدمتن جي واکاڻ ٻُڌي خيرپور رياست جي والي مير سهراب خان کيس مرثيه خوانيءَ لاءِ خيرپور ۾ گهرائي رهايو، جتي هو محله سيد علي رضا شاهه ۾ جاءِ، مسجد ۽ امام بارگاهه ٺهرائي اچي آباد ٿيو، جيڪي اڳتي هلي سندس فرزند مرزا فتح علي بيگ، حيدرآباد اچڻ وقت آخوند محمد عالم جي اولاد جي حوالي ڪيون.
مرزا مراد علي ’سائل‘، 07 سپٽمبر 1827ع تي خيرپورميرس ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ مرثيي جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:
هاءِ بانوءَ جو لال اُڃ ٿو مري،
تشنه لب خورد سال اُڃ ٿو مري،
طفل هو خسته حال اُڃ ٿو مري،
اصغر نونهال اُڃ ٿو مري،
ان جي امان جا دل جلي آهي،
پينگهي وٽ بيٺي هيڪلي آهي.


لفظ سائل مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1741.03.02  عيسوي

سائل مرزا جو اصل نالو مرزا مراد علي بيگ هو ۽ هو 12هين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ جو هڪ بهترين مرثيه خوان، شاعر، حڪيم، مصور ۽ خطاط ٿي گذريو آهي. هن 02 مارچ 1741ع تي ميرزا محمد فاضل بيگ جي گھر ۾، ٺٽي ۾ جنم ورتو.


1827.09.07  عيسوي

مرزا مراد علي ’سائل‘، 07 سپٽمبر 1827ع تي خيرپورميرس ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خاطي محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي
سنت ڪشنداس
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
قاضي محمد بخش ڌامراھ
خالد ڀٽي
الڀو شيخ ٺٽوي
بابو غلام حسين
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
داد فتو
پونم پاسڪل پرمار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون