ساقي سجاولي

ساقي‘ سجاولي: مشهور اديب، شاعرساقي‘ سجاوليءَ جو اصل نالو غلام احمد ولد محمد عارب سجاولي آهي. هن 10 جنوري 1917ع تي سجاول ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ پوءِ سجاول مان حاصل ڪئي. هي ابتدا ۾ داروغو، پوءِ ڪلارڪ ۽ ان بعد استادي پيشي سان وابسته رهيو.
ساقي‘ سجاوليءَ ننڍيءَ عمر ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ”آهه! غريبي تو مون کي تمنائن کان روڪيو“. 1936ع ۾ ’الوحيداخبار ۾ شايع ٿي. ان کانسواءِ نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ به سندس افسانا ۽ انشائيه شايع ٿيندا رهيا.
ساقي‘ سجاوليءَ 1948ع ۾ گل حسن طاهراڻيءَ سان گڏجي ’اهل قلم‘ نالي هڪ رسالو ڪڍيو. هن کي صحافت سان به دلچسپي هئي. سندس ان شوق جي هڪ ڪڙي هئي، جنهن ۾ افسانا، شعر ۽ مضمون شايع ٿيندا هئا. ساقي سجاولي، اصلوڪين لکڻين سان گڏ ڪافي ترجما به ڪيا. هن خليل جبران جي مشهور ناول The Prophet جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سجاول ۾ هن ’ساقي آرٽ سرڪل‘ قائم ڪري اسٽيج ناٽڪ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن ڪجهه ناٽڪ به لکيا ۽ ڪن ۾ اداڪاري ڪئي. ٻني شهر ۾ ’ايوان ادب‘ ۽ ساڪري ۾ ’بزم ادب‘ تنظيمن جو بنياد به هن وڌو.
ساقي‘ سجاولي بنيادي طور افسانه نويس هو. سندس افسانن جا موضوع، محبت، غربت، محرومي ۽ هيٺئين ڪلاس جا مسئلا هئا. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) بيروزگاري، (2) پيغمبر، (3) محمد علي جناح، (4) جواهرلال نهرو، (5) ابراهيم ادهم، (6) ماهرو، (7) ڪافر، (8) انمول موتي، (9) شير شاهه جو انصاف، (10) قاضي جو انصاف، (11) قيدي، (12) نقلي پيغمبر،
(13) موتي، (14) جهنم ۾ جڳهه ناهي، (15) ڪافرستان، (16) يوسف زنده آباد، (17) پرده نشين ڏانهن، (18) محمود غزنوي، (19) اسـلام خـاطـر، (20) انمول رتن، (21) ملان نصيرالدين ۽ هڪڙو بادشاهه.
ساقي سجاوليءَ، 16 سيپٽمبر 1960ع تي، ٻوڙاڻي بنگلي لڳ سجاول ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.01.10  عيسوي

مشهور اديب، شاعر ’ساقي‘ سجاوليءَ جو اصل نالو غلام احمد ولد محمد عارب سجاولي آهي. هن 10 جنوري 1917ع تي سجاول ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.


1960.09.16  عيسوي

ساقي سجاوليءَ، 16 سيپٽمبر 1960ع تي، ٻوڙاڻي بنگلي لڳ سجاول ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عزيز حامد مدني
رانجهن ماسٽر رانجهن
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
پرل ايس بڪ
ضياء شڪيل احمد
حسن عابدي
جي ايم مهڪري ڊاڪٽر
روشن علي تنيو
صبيحا نذير مگسي
رشيد آخوند
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون