سبرين هيسباڻي

سبرين هيسباڻي

سبرين هيسباڻي

سبرين هيسباڻي: ٽيليوزين ڊراما آرٽسٽ، سبرين هيسباڻي بلوچ جو تعلق هڪ اهڙي فنڪار خاندان سان آهي، جنهن جو هر فرد شوبز سان لاڳاپيل آهي. سندس والده ماريا بلوچ، ريڊيو، ٽيليويزن جي معروف گائڪا آهي، جڏهن ته سندس ٽي ڀيڻون: ماهين هيسباڻي، صنم بلوچ ۽ غنويٰ بلوچ ۽ ڀائر: فرحان بلوچ ۽ عباس بلوچ پڻ سنڌي ۽ اردو ٽي. وي چئنلن جا معروف فنڪار آهن، جيڪي اداڪاريءَ سان گڏ ماڊلنگ، گلوڪاريءَ ۽ ميزبانيءَ جي حوالي سان ناظرين ۾ تمام مقبول آهن. سبرين هيسباڻيءَ، 10 سيپٽمبر 1978ع تي، ٺارو شاهه، ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) ۾ غلام مرتضيٰ هيسباڻيءَ ۽ ماريا بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم گرئجوئيشن آهي. سبرين هيسباڻيءَ عملي زندگيءَ جي شروعات پي. آءِ. اي ۾ ايئر هوسٽس جي نوڪري ڪرڻ سان ڪئي. ٽيليويزن جي دنيا ۾ هوءَ ڪجهه سال اڳ آئي ۽ ڪيترن ئي اهم ڊراما سيريلز ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري تمام گهڻي مڃتا ماڻيائين، جن مان اي. آر. واءِ ڊجيٽل چئنل تي سندس هليل سيريل ’ڦر کو جائي نا‘؛ جيو ٽي. ويءَ تي ’ميري اڌوري محبت‘ ۽ ’سات پردون مين‘ وغيره مشهور آهن. کيس ڊراما سيريل ’ميري اڌوري محبت‘ تي ’بيسٽ ائڪٽريس‘ جو اوارڊ پڻ ملي چڪو آهي، جڏهن ته هن ڪيترائي طويل ڊراما (Long plays) پڻ ڪيا آهن، جن ۾ هم ٽي. ويءَ جا ’تم سي ڪيسي ڪهون‘، ’پتلي گلي‘ (عيد جو خاص ڊرامو)، ’سنجها‘، ’ناؤ مين دريا‘، ’نکر گئي گلاب ساري‘، ’پت جهڙ ڪي بعد‘ وغيره اچي وڃن ٿا.


لفظ سبرين هيسباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.09.10  عيسوي

سبرين هيسباڻيءَ، 10 سيپٽمبر 1978ع تي، ٺارو شاهه، ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) ۾ غلام مرتضيٰ هيسباڻيءَ ۽ ماريا بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانا سي راٺوڙ
آچر گاڏي
جاويد شيخ
جوليان پال اسانج
سنت ڪشنداس
بلاول زرداري
پلي عبدالخالق عبد
چوڌري نثار علي خان
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
امير بهادر ثاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون