سريچند ميوارام

سريچند ميوارام: ننڍي کنڊ جي نامور سماج سڌارڪ سريچند ميوارام، 29 سيپٽمبر 1904ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. تعليم پوري ڪري سماج سڌارڪ سرگرمين ۾ حصو ورتائين. سريچند مهاتما گانڌيءَ کان ڪافي متاثر هو، ان ڪري اڪثر کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو. هي قومي خيالن جو وڏو پرچارڪ هو. ڏکويل ماڻهن جي خدمت سندس زندگيءَ جو مقصد هو. هن عملي طور سڀ کان پهرين جيرامداس دولترام ۽ سندس ساٿين جي جوڙيل ’ديش سيوا منڊل‘ ۾ حصو ورتو ۽ ڀرپور سماجي خدمتون ڪيائين. ان کان سواءِ سريچند بي پهچ ۽ لاچار عورتن جي سهائتا لاءِ پڊعيدن ۾ ’ڪنيا پاٺشالا‘ قائم ڪئي، جنهن جو پوءِ پنهنجيءَ فوت ٿيل گھر واريءَ رڪمڻي ٻائيءَ جي نالي پٺيان ’رڪمڻي پاٺشالا‘ نالو رکيائين.
سريچند جڏهن پڊعيدن مان لڏي نوابشاهه اچي رهيو ته اتي به سول اسپتال جي لاوارث مريضن جي خدمت ڪندو هو. هر حاجتمند جي واهر ڪندو هو.
سريچند ميوارام ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي هندستان جي شهر اجمير شريف ۾ وڃي رهائش پذير ٿيو، جتي به هن سماجي ڀلائيءَ جا ڪم جاري رکيا. ’غريب بيمار سهائتا سوسائٽي‘ قائم ڪري بيمار ماڻهن جي مدد ڪرڻ لڳو. هن جي ٻارن سان به بي پناهه محبت هئي. ٻارن کي همٿائڻ لاءِ ’ٻارڙن جي ٻاري‘ تشڪيل ڏنائين. غريب ۽ مسڪين ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ دل کولي خرچ ڪندو هو. هي نه صرف اجمير، پر راجستان جي ’ٻارن جي ٻاريءَ‘ کي پڻ مالي سهائتا ڪندو هو. فلاحي ڪمن کي منظم نموني سرانجام ڏيڻ لاءِ هڪ ٽرسٽ به قائم ڪيائين. سريچند ميوارام 24 مئي 1967ع تي ديهانت ڪئي.


لفظ سريچند ميوارامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.09.29  عيسوي

ننڍي کنڊ جي نامور سماج سڌارڪ سريچند ميوارام، 29 سيپٽمبر 1904ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.


1967.05.24  عيسوي

سريچند ميوارام 24 مئي 1967ع تي ديهانت ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير تراب علي شاهه
رئوف عباسي
امير پير
صلب بن قاسم
سنتو ڀڳت
انور عباسي
حاجي علي انور کوکر
ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر
پاٽولي استاد عاشق حسين
رتناگر شيرين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون