سلطان حيدر مرزا

سلطان حيدر مرزا

سلطان حيدر مرزا

سلطان حيدر مرزا: ديني عالم، اديب ۽ شاعر سلطان حيدر مرزا جو تعلق ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي، ادبي ۽ مذهبي گھراڻي سان هو. هن 17 سيپٽمبر 1927ع تي جنم ورتو. سندس والد مرزا علي محمد بيگ، مير عبدالحسين خان ٽالپر وٽ سرشتيدار هو ۽ سندس ڏاڏو ميرزا قربان علي بيگ هزهائينس مير محمد حسن خان ٽالپر جو مصاحب هو. سلطان حيدر درسي تعليم سان گڏ ديني تعليم به حاصل ڪندو رهيو. پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ والد کيس پرڀداس نو وديا هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتان انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. تعليم سان گڏ شعروشاعري ۽ علم ادب جي سکيا پنهنجن بزرگن کان وٺندو رهيو. مرثيي گوئيءَ سان گڏ مرثيي خوانيءَ جو وڏو ماهر هو. مرثيي پڙهڻ ۾ بيمثال هو. علم ادب، شاعريءَ ۾ وڏو مقام رکندو هو. 1945ع کان سنڌ ۽ هند جي تاريخ ۽ علماءِ دين جي سوانح بابت تحقيقي مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرائيندو هو. شاعريءَ ۾ حمد، نعت، قصيدي، منقبت، سلام، نوحي، مرثيي، غزل، نظم، مثنوي، ۽ قطعه تاريخ تي طبع آزمائي ڪيائين.
مرزا صاحب، اديب، عالم، اديب فاضل جا امتحان به پاس ڪيا. قطعه تاريخ جي فن ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. سندس علمي ۽ ادبي دوستن ۾ مير رسول بخش خان ٽالپر،خان ٽالپر'> مير علي احمد خان ٽالپر، مرزا تصدق حسين، مرزا ظفر بيگ، خانبهادر مرزا سڪندر علي بيگ، سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘، مولانا ثمر حسن زيدي، مولانا
حشمت علي ۽ ٻيا شامل هئا. سندس هيٺيون تصنيفون آهن:
(1)ڪشڪول سلطان، (2) ڪليات سلطان، (3) ديوان سلطان،
(4) اميرالمؤمنين حضرت علي ابن ابي طالب جا سهڻا سخن،
(5) صحيفه سجاديه (حضرت امام زين العابدين جي عربي دعائن جو سنڌي ترجمو)، (6) سنڌ جا نامور شاعر (سوانحي خاڪا).
سلطان حيدر مرزا، 26 ذوالحج 1425هه/ 6 فيبروري 2005ع تي وفات ڪئي. سندس وفات تي گهڻن ئي عالمن قطعه تاريخون چيون، جن مان ميرزا سڪندر علي بيگ جي چيل قطعه تاريخ جا چند شعر هيٺ ڏجن ٿا:
ميرزا سلطان حيدر خاص خاصان خدا،
مرثيه گو مرثيه خوان مدح خوان مرتضيٰ،
سن هجري را بجستم ازخرد با درد و غم
’عالي فطرت زينت محفل‘ محب ڪبريا.
1425هه
سال تاريخ و صالش اي سڪندر زد رقم،
’صاحب مهر و مروت خسرو عالم‘ بجا.
2005ع


لفظ سلطان حيدر مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.09.17  عيسوي

ديني عالم، اديب ۽ شاعر سلطان حيدر مرزا جو تعلق ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي، ادبي ۽ مذهبي گھراڻي سان هو. هن 17 سيپٽمبر 1927ع تي جنم ورتو.


2005.02.06  عيسوي

سلطان حيدر مرزا، 26 ذوالحج 1425هه/ 6 فيبروري 2005ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حداد محمد علي
سنڌو پياسي
گنگا رام سمراٽ
امين مگسي
ارباب علي عادل چوهاڻ
احسانه ڊار
رحيمداد مولائي شيدائي
شيخ محمد اسماعيل
ارباب نيڪ محمد
چاولا ارجن
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون