سليم الله مخدوم پاٽائي

سليم الله مخدوم پاٽائي

سليم الله مخدوم پاٽائي

سليم الله مخدوم، پاٽائي: محقق ۽ اديب مخدوم سليم الله پهرين سيپٽمبر 1960ع تي مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائيءَ جي گهر ۾ پاٽ شريف ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ انٽرميڊئيٽ عائشه بواني ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ 1986ع ۾ ايم. اي ڪئي. 1988ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀِيٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. هن وقت خوراڪ کاتي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. علم ۽ ادب کيس ورثي ۾ مليو. هن ناياب قلمي نسخا هٿ ڪري سانڍيا ۽ سهيڙيا آهن.
سليم الله پاٽائي ’اداره پاٽ هائوس‘ قائم ڪري ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيو. ان اداري مان ڇپايل ڪتابن مان ڪجهه هن جا پنهنجا لکيل به آهن، ڪجهه تي سندس مقدما لکيل آهن ۽ ايڊٽ ڪيل آهن، جڏهن ته ڪجهه شرحون ۽ ترجما پڻ آهن. انهن جا نالا هي آهن: (1) ڊبيٽ جو فن (مـصـنف: 1977ع)، (2) مخدوم بصرالدين جي سوانح ۽ رسالو (مصنف: 2003ع)، (3) انوار الاسرار تفسير (مقدمو، تشريح ۽ ايڊٽنگ: 1998ع)، (4) عوارف المعارف (مقدمو ۽ ايڊٽنگ)، (5) شرح قصيده برده (شرح ۽ مقدمو 2006ع)، (6) بياض واحدي (جلد 1 ۽ 2، مقدمو 2007ع)، (7) رسائل سيوستاني (2 جلد، مقدمو 2007ع)، (8) مخدوم فضل الله جو ڪلام (مصنف )، (9) مفتاح الصلواة (مقدمو: 2006ع)، (10) خزينة المخطوطات جلد-2 (مـصنف: 2005ع)، (11) مخزن المخطوطات (مصنف: 2012ع)، (12) تفسير آلم (مـقدمو)، (13) ڪشف الحقائق (مقدمو ۽ تحقيق)، (14) انساب مشائخ سيوستان (مصنف: 2005ع)، (15) المفيد في العدد الهندي (تحقيق ۽ مقدمو)، (16) تعليقات برهانپور ڪي سنڌي اوليا (مصنف: 2006ع)، (17) المڪتوب الحبيب (تحقيق ۽ مقدمو: 2006ع)، (18) گلزار ابرار (تحقيق ۽ مقدمو: 2009ع)، (19) تشبيهات رومي (مقدمو: 2006ع)، (20) معيار سالڪان طريقت (تحقيق ۽ مقدمو: 2010ع) شامل آهن. هن وقت پاٽ شريف ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.09.01  عيسوي

محقق ۽ اديب مخدوم سليم الله پهرين سيپٽمبر 1960ع تي مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائيءَ جي گهر ۾ پاٽ شريف ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺو لالواڻي
چندر ڪيسواڻي
رسول بخش تميمي
عبدالحق مولوي
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
ريٽا شهاڻي
جمال رند
شيخ محمد اسماعيل
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون