داخلا جي تاريخ 2011-12-29
داخلا نمبر 412
عنوان سيد حاڪم علي شاهه بخاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1759 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
سيد حاڪم علي شاهه بخاري

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

بخاري، سيد حاڪم علي شاهه: سيد حاڪم علي شاهه بخاري، سنڌ جو ناليوارو محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ، 15 فيبروري 1938ع تي ڳوٺ غلام چانڊيي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد حاجن شاهه هو. مائٽن پهرين سندس نالو سيد علي اڪبر شاهه رکيو. پر اسڪول ۾ ويهارڻ وقت سندس نالو حاڪم علي شاهه رکيو ويو. ابتدائي تعليم غلام چانڊيي اسڪول مان حاصل ڪري 1950ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال انگريزي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. انهيءَ سال ڊرائنگ جو انٽر ميڊيٽ امتحان پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ جي دفتر ۾ ڪلارڪي مليس. 1962ع ۾ روينيو کاتي جي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ 1964ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. ان وچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس اسڪالرشپ ڏئي پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو. سال 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجيءَ ۾ ايم. اي پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان ڪري آرڪيالاجي کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ 1969ع ۾ سندس مقرري بحيثيت ’گيلري اسسٽنٽ‘ موهن جي دڙي تي ٿي. اهڙيءَ طرح آثار قديمه کاتي ۾ 29 سال ملازمت ڪري، 14 فيبروري 1998ع ۾ اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو.
سيد حاڪم علي شاهه کي ملازمت دوران مختلف وقتن تي اٽلي، جاپان ۽ برطانيه وڃڻ ۽ ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو، کيس سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ سير سفر ۽ تحقيق ڪرڻ جا انيڪ موقعا مليا. هن کي تعليم تربيت ۽ اضافي ڪورسن جي سلسلي ۾ درجن کان وڌيڪ اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. بخاري صاحب کي ننڍپڻ کان ئي راڳ رنگ ۽ عوامي ڪچهرين سان دلچسپي هئي. راڳ جي علم کان پڻ واقف آهي ۽ گڏوگڏ فنونِ لطيفه سان به وابسته رهيو آهي. پاڻ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو اٿس ۽ هن ڪجهه ڊراما پڻ لکيا آهن. ناميارو عوامي شاعر استاد بخاري سندس وڏو ڀاءُ هو.
حاڪم علي شاهه آرڪيالاجي کاتي ۾ نوڪريءَ دوران هيٺين ماڳن تي کوٽائي ڪئي:
1. اندان (Andan) سرحد صوبو، سال 68-1967ع
2. پيرڪ (Pirak) بلوچستان صوبو، سال 70-1969
3. هڪ مهيني لاءِ ڏاکڻين سنڌ جي ماڳن جي پڙتال، 1973ع
4. جهڪر (Jhukar) جو دڙو (سنڌ)، سال 1973ع
5. پيرڪ (Pirak) بلوچستان (ٻيءَ مند ۾)، 74-1973ع
6. ذاتي طور سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قديم ماڳن جي پڙتال.
ان کان سواءِ سيد حاڪم علي شاهه ڪيترا تربيتي ڪورس به ڪيا آهن، جهڙوڪ:
1. ”مهين جي دڙي جي ڀتين جو بچاءُ“- هڪ هفتي جو ڪورس، جيڪو يونيسڪو طرفان 1976ع ۾ ڪيائين.
2. سيانو، اٽليءَ ۾ ٻن مهينن جو اطالوي ٻولي سکڻ جو ڪورس، ڊسمبر 1982ع کان جنوري 1983ع تائين.
3. فلورنس اٽليءَ ۾، ”تاريخي عمارتن جي ٻيهر بحاليءَ“ جو ڪورس
(5 مهينا)، 1984ع.
4. ”ثقافتي ورثي جو بچاءُ“ جي عنوان سان ڏهن ڏينهن جو نيشنل ميوزيم ۾ يونيسڪو طرفان 1984ع ۾ ٿيل ورڪشاپ ۽ سيمينار (سرٽيفڪيٽ).
5. ٻن هفتن لاءِ جپاني ميوزمن جو دورو، 1985ع.
6. آفيسرن لاءِ سيڪيورٽي جوڪورس، اسلام آباد 1985ع. وغيره.
7. ڏهن ڏينهن جو ”ثقافتي ورثي جي درستحاليءَ“ جي تربيت جو ايڊوانس ڪورس، 22 سيپٽمبر کان 5 ڊسمبر 1989ع، لاهور (سرٽيفڪيٽ)
ان کان سواءِ بخاري صاحب هيٺين علمي ۽ سماجي عهدن تي ذميواريون نڀائي رهيو آهي:
چيئرمين شهباز ايجوڪيشنل سوسائٽي، صدر دادو آرٽس ڪلب، استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو فائونڊر ميمبر، دادو شهري اتحاد جو ميمبر، لال شهباز ڪمپيوٽر اڪيڊمي دادوءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو 2006ع کان ميمبر (اڄ تائين)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي بيورو آف ٽرانسليشن ۽ پبليڪيشنز جي پينل جو ميمبر، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاهه جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر.
سندس هيٺيون تصنيفون آهن: (1) Khirthar (English) ENI Pakistan Islamabad as Co-author، (2) سنگيت سنسار (فرهنگ موسيقي شريڪ ليکڪ)، (3) سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008- شريڪ ليکڪ)، (4) آپ بيتي-جگ بيتي (محمد حسين پنهور جي سوانح جو انگريزيءَ مان ترجمو)، (6) Kalhora Period Architecture
(7) Sindh Archives 2006 Author.، (8) ڏيهي پرڏيهي ساز (شريڪ ليکڪ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو)، (9) تعميرات جي لغت (شريڪ ليکڪ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپائيءَ هيٺ)
حاڪم علي شاهه بخاري هن وقت به تحقيق جي حوالي سان مختلف ماڳن جا دورا ڪندو رهي ٿو. کيس تازو سنڌ آرڪائيوز کاتي پاران حيدرآباد آفيس ۾ ’آرڪيالاجي شعبي‘ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. سندس مستقل رهائش دادوءَ جي ’غريب آباد‘ محلي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.15  عيسوي

بخاري ، سيد حاڪم علي شاهه: سيد حاڪم علي شاهه بخاري ، سنڌ جو ناليوارو محقق ، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ، 15 فيبروري 1938ع تي ڳوٺ غلام چانڊيي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس والد جو نالو سيد حاجن شاهه هو . مائٽن پهرين سندس نالو سيد علي اڪبر شاهه رکيو . پر اسڪول ۾ ويهارڻ وقت سندس نالو حاڪم علي شاهه رکيو ويو


1998.02.14  عيسوي

1969ع ۾ سندس مقرري بحيثيت ’ گيلري اسسٽنٽ ‘ موهن جي دڙي تي ٿي . اهڙيءَ طرح آثار قديمه کاتي ۾ 29 سال ملازمت ڪري ، 14 فيبروري 1998ع ۾ اوڻويهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون