سيد محبوب علي شاهه1

سيد محبوب علي شاهه1

سيد محبوب علي شاهه1

سيد محبوب علي شاهه1: سيد محبوب علي ولد سردار علي شاهه بخاري، امرتسر شهر ۾، 9 سيپٽمبر 1902ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم اسلاميه هاءِ اسڪول هال دروازه، امرتسر مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سندس والد سکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي، جنهنڪري سيد محبوب علي شاهه به سکر ۾ رهڻ لڳو. ان کانپوءِ هن ريلوي اسڪول ۽ پوءِ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان نائين جماعت پاس ڪرڻ بعد ميٽرڪ عليڳڙهه مان پاس ڪئي، جنهن بعد هن مختلف هنڌن تي ڪم ڪيو. ڪجهه وقت واهن جي کوٽائي ڪندڙ مشينن جي آپريٽر جي حيثيت ۾ ملازمت ڪيائين. ان کانسواءِ سٺو فٽر، ٽرنر، اسٽيم بوائلر ۽ ڊيزل انجڻ ڊرائيور به رهيو. هن بوائلر ڪلاس ڪامپيٽنسيءَ جو امتحان پڻ پاس ڪيو. هي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي جماعت جو هڪ سرگرم رڪن ۽ آزاديءَ جو جذبو رکندڙ ڪارڪن هو. 1925ع ۾ خلافت ڪميٽي سکر جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ’الوحيد‘ جي بورڊ جو ميمبر بڻايو ويو. 1928ع کان 1933ع تائين سکر ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ڪائونسلر رهيو. سيد محبوب علي شاهه 1930ع ۾ ’مجاهدين اسلام‘ نالي سان رضاڪارن جي هڪ جماعت قائم ڪئي ته جيئن مسلمانن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ٿئي ۽ اهي انگريزن جي سازش کي سمجهي سگهن ۽ پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪن.
سيد محبوب علي شاهه، مسلم ليگ جماعت جو ڪارڪن بڻيو. ان کانپوءِ حسين شهيد سهرورديءَ جي عوامي ليگ ۾ به شامل ٿيو، پر گڏيل چونڊن جي مخالفت ڪندي ان کان الڳ ٿي ويو. ان کانپوءِ 11 ڊسمبر 1968ع تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ آخر تائين شامل رهيو. سيد محبوب علي شاهه، طبيه ڪاليج حيدرآباد جو سنديافته طبيب ۽ سٺو فوٽوگرافر هو. هن ڪيترا ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾: (1) نظريه پاڪستان، (2) اقتصادي مسئلن جو حل، (3) جنگ آزاديءَ جا مجاهد،
(4) خلافت تحريڪ، (5) سکر جون يادگيريون شامل آهن.
پير علي محمد راشدي ڪتاب ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ميان محبوب علي شاهه قومي تحريڪن جي چڱي سرپرستي ڪندو هو. ان وقت جا سمورا قومي ورڪر ساڻس وابسته رهندا هئا، جن ۾ ابو شوڪت حمزو، ماستر ميان عبدالرزاق، مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت الله قريشي ۽ ٻيا شامل هئا.“
محبوب علي شاهه ٻه ٽي دفعا اليڪشن ۾ اميدوار بيٺو، پر کٽي نه سگهيو. سندس طبيعت تي انهن ناڪامين جو وڏو اثر پيو. آخر قوم جي شعور مان نااميد ٿي گوشه نشين ٿي ويو.
سيد محبوب علي شاهه 30 مئي 1979ع تي سکر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.09.09  عيسوي

سيد محبوب علي ولد سردار علي شاهه بخاري، امرتسر شهر ۾، 9 سيپٽمبر 1902ع تي ڄائو.


1979.05.30  عيسوي

سيد محبوب علي شاهه 30 مئي 1979ع تي سکر ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هنود
اسلم فرخي ڊاڪٽر
اقرا عزيز
ڀاٽيا وشنو
عمراڻي گل محمد
عبدالله خان
ڀڳونتي پي چانڊواڻي
پير سعيد حسن
پير ڪامل قريشي
عبدالحئي گهوٽو مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون