سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي

سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي

سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي

سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي: نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاهه نقوي، 20 اپريل 1923ع تي ڳوٺ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي حسب نسب موجب امام تقي عليه السلام جي اولاد مان هو. سندن مورث اعليٰ، سيد جلال الدين حيدر سُرخ بخاري، اُچ شريف، ضلعي بهاولپور ۾ مدفون آهي. اُن جو پوٽو سيد جلال الدين مخدوم جهانيان مشهور بزرگ اوليائن مان ٿي گذريو آهي، جنهن جو اولاد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، جنهنڪري هن خاندان وارا ’جهانيان پوٽا‘ سڏيا وڃن ٿا.
سيد نجف علي شاهه جي تعليم اڃا اڌوري ئي هئي ته سندس والد بزرگوار سيد حسين علي شاهه وفات ڪري ويو، جنهنڪري کيس دنياوي ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پيو. زمين سنڀالڻي پئي. شاهه صاحب زراعت جو ماهر هو.
سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ جي خاندان ۾ تصوف ۽ فقر نمايان آهي. سندس وڏا، وقت جي حاڪمن سان لاڳاپا هئڻ جي باوجود، هميشه فقيرانه زندگي بسر ڪندا رهيا. نجف علي شاهه جو پورو خاندان، ادبي ۽ علمي حيثيت جي ڪري مشهور آهي. سندس وڏن بزرگن مان ڪيترا صاحبِ تصنيف ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. شاهه صاحب کي به اهو ادبي ۽ علمي ورثو خاندان کان مليو. کيس سنڌي نثر لکڻ ۾ ڪمال حاصل هو. سندس پوري زندگي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي تحقيق ۽ تدوين ۾ صرف ٿي. ان لاءِ هن کي ڏاڍا ڏونگر ڏورڻا پيا. نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ شاهه لطيف جي ڪلام جو وڏو عاشق هو. بيتن جي معنيٰ جي سمجهاڻين ۽ پڙهڻيءَ تي کيس وڏي مهارت حاصل هئي ۽ اُن تي پنهنجي وقت ۾ سَند تصور ڪيو ويندو هو. شاهه صاحب جيئن ته ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ مجلسن جو مور هوندو هو، تنهنڪري اڪثر روزانو سندس اوطاق تي شاهه لطيف جي بيتن تي بحث مباحثا ۽ مناظرا ٿيندا رهندا هئا. سندس انهيءَ محنت جو سرمايو ’ٻاروچي ٻولي‘ نالي ڪتاب ۾ موجود آهي، جنهن جو پهريون جلد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري، ڊسمبر 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪا شاهه جي پهرين ’ڪنڪارڊنس‘ (Concordance) سڏي سگهجي ٿي. ’ٻاروچي ٻولي‘ ڪتاب جا باقي جلد سندس خاندان وٽ موجود آهن، جن جي اشاعت سان شاهه لطيف تي تحقيق جا نوان دروازا کُلي سگهن ٿا. ان کانسواءِ نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقويءَ ’جهانيان خاندان‘ بابت هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو به انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪرائي چڪي آهي. شاهه ڀٽائيءَ جي بيتن جي سمجهاڻين تي اڪثر ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تان سندس تقريرون نشر ٿينديون رهنديون هيون. سيد صاحب جا شاهه لطيف جي مختلف سُرن ۽ بيتن تي لکيل مضمون، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي سُر وار ڇپيل ڪتابن ۾ موجود آهن. سندس ننڍو ڀاءُ سيد منظور نقوي پڻ شاهه لطيف جو وڏو ڄاڻو، شارح ۽ موسيقيءَ جو ماهر هو.
سيد نجف شاهه ’ڪمتر‘ جي پوري زندگي، سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي خدمت ڪندي گذري. پنهنجي مڪان تي غريب شاگردن کي رهائي، کين هر طرح مالي ۽ اخلاقي مدد ڏئي، اعليٰ عهدن تي پهچائڻ، سندس مشغلو ۽ عبادت هئي. شاعريءَ ۾ ’ڪمتر‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس اولاد مان سيد عنايت حسين شاهه، سيد اطهر حسين شاهه ۽ سيد ڪاظم حسين شاهه، پنهنجي والد ۽ وڏن جون روايتون برقرار رکيو اچن. سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ وڏو عرصو بيمار رهيو، پر خودداري ۽ همت نه ڇڏيائين. لکڻ پڙهڻ جو شغف آخر تائين برقرار رکيائين.
15 ذوالحج 1404هه مطابق 12 سيپٽمبر 1984ع تي اوچتو وفات ڪيائين. شاهه صاحب جي خواهش هئي ته ’ٻاروچي ٻولي‘ مڪمل ڪرڻ بعد ’لطيفي لولي‘ ڪتاب لکي، ان ۾ شاهه جي ڪلام جي ترتيب شاهه لطيف جي ذهني ارتقا موجب ڏئي، ۽ ٻيو ڪتاب ’پرين پرولي‘ لکي، ان ۾ مولانا رومي، غلام فريد ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي مماثلت ڏئي، پر سندس زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ اُهي ٻئي ڪتاب لکي نه سگهيو. ’ٻاروچي ٻولي‘ ڪتاب به بيماريءَ جي حالت ۾ مڪمل ڪيو هئائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.04.20  عيسوي

نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاهه نقوي، 20 اپريل 1923ع تي ڳوٺ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


1984.09.12  عيسوي

سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي 15 ذوالحج 1404هه مطابق 12 سيپٽمبر 1984ع تي وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن درس
بلبل رئيس شمس الدين
بشير احمد سومرو
ڀڳت ڪبير
رفيق امروٽي
اختر درگاهي
عبدالله خواب حيدرآبادي
روحل گائنچو
بکر شيخ
خليفو غلام الله
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون