شادي فقير

شادي فقير

شادي فقير

شادي فقير: نامور راڳي شادي فقير، 1943ع ڌاري ڳوٺ ابوبڪر سومرو (نونهيون) تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر فقير مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو عيسو فقير پنهنجي دؤر جو بهترين سارنگي نواز ۽ دهلاري هو. شادي فقير، پندرهن سالن جي عمر ۾ 1958ع ڌاري مشهور فنڪار استاد خير محمد خان جي شاگردي اختيار ڪري وٽس راڳ سکڻ لڳو ۽ 1964ع تائين وٽس سکيا هيٺ رهيو. استاد خير محمد خان جي وفات بعد پاڻ راڳ جي پارکو سيد محمد زمان شاهه وٽ مٽياريءَ ۾ رهڻ لڳو، جنهن وٽ ان دؤر جا ڪيترا وڏا فنڪار محفلون ڪندا هئا. شادي فقير 1969ع تائين مٽياريءَ ۾ رهي مختلف فنڪارن کان راڳ جي سکيا وٺي پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ محفلن ۾ ڳائڻ جو آغاز ڪيائين. شادي فقير 1972ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته ٿيو ۽ ڪيترا پروگرام ڪري پنهنجي فن ۾ مقبوليت حاصل ڪيائين. کيس غزل، ڪافي، گيت ۽ ڪلام جو بهترين گائڪ تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس خاص شاگردن مان استاد شفيع فقير، فتح محمد فقير، قاسم اوٺو ۽ ڪالو فقير راڳ جي دنيا ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. شادي فقير 25 آڪٽوبر 1980ع تي لاڙ جي مشهور بزرگ سمن سرڪار جي ميلي تي ڳائڻ دوران دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. شادي فقير جي آخري آرامگاهه عمرڪوٽ ۾ چاند بيبي قبرستان ۾ آهي.


لفظ شادي فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.10.25  عيسوي

شادي فقير 25 آڪٽوبر 1980ع تي لاڙ جي مشهور بزرگ سمن سرڪار جي ميلي تي ڳائڻ دوران دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. شادي فقير جي آخري آرامگاهه عمرڪوٽ ۾ چاند بيبي قبرستان ۾ آهي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف مھدي
الهڏنو نوناري
منظور سخيراڻي
استاد مبارڪ علي خان
عبدالله ڪڇي
رفيع
ضامن علي
دايو مظفر علي
استاد گامڻ خان
ام ڪلثوم
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون