شاهه اسد

شاهه اسد: شاهڪار سنڌي فلمون ڏيندڙ هدايتڪار، فلم ساز، شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار شاهه اسد جو پورو نالو اسد الله هو، هن 15 آگسٽ 1947ع ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي. ٽنڊي آدم جي شاهه لطيف هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. سندس مامو موسيٰ ڪليم شاعر هو، ان جي صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ شاهه اسد شروع ۾ شاعر طور ‘محبوب ترمذي’ نالي لکندو هو. ايل. ايل. بي ۽ ايم. اي (سوشالاجي) پڻ ڪئي هئائين. هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ‘رنگ محل’ فلم جا گيت لکيا. اها فلم سئنيما باڪس تي ڪامياب وئي.
شاهه اسد، ابتدا ۾ اسٽيج ناٽڪ ڪيا ۽ پنهنجي شهر ۾ 50 کان وڌيڪ اسٽيج ڊراما پيش ڪيا. هن ٽنڊي آدم ۾ ‘اداره نواءِ ادب ’ جو بنياد به وڌو. سندس شاعريءَ کي سنڌي فلمن لاءِ رونا ليليٰ، مهناز، انور وسطڙي، حميرا چنا، محمد يوسف، امام بخش زرداري، جلال چانڊيي ۽ ٻين فنڪارن ڳايو. هن 1974ع ۾ فلم ‘غيرت جو سوال’ لاءِ ڊائلاگ لکيا ۽ شاعري ڪئي. شاهه اسد 1985ع ۾ فلم ‘جلال چانڊيو’ ٺاهي ۽ ان فلم ۾ جلال چانڊيي کي هن هِيري طورکنيو. هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر ۽ ليکڪ پاڻ هو. بعد ۾ هن فلم تي حڪومت پابندي هنئي، پر عوام جي سخت احتجاج تي فلم تان پابندي لاٿي وئي. 1980ع کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ ساهه وجهڻ وارو شاهه اسد هو. هو آخر تائين سنڌي فلمن لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪندو رهيو. سنڌي فلمن جي لڳاتار ڪاميابين کان پوءِ شاهه اسد سنڌي فلمن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو، 1989ع ۾ سنڌي فلم ‘شهيد’ ٺاهي. جنهن جو مرڪزي خيال انگريزن جي خلاف وڙهندڙ ‘حر مجاهد’ فورس هو. هن فلم کي ‘نيشنل اوارڊ’ به مليو. فلم ‘شهيد’ جو ليکڪ ۽ هدايتڪار خود شاهه اسد هو. 1990ع ۾ سنڌي فلم ‘جيئي لطيف’ ٺاهي وئي، جنهن جو به ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار خود هو. هن فلم ۾ شاهه اسد مرڪزي ڪردار اسد قريشيءَ کي ڏنو. شاهه اسد 1992ع ۾ سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ‘محب شيدي’ تي فلم ٺاهي. هن فلم جو فلمساز، اداڪار يار محمد شاهه هو، جڏهن ته شاهه اسد فلم جو هدايتڪار، شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو. فلم ‘محب شيديشاهه اسد جي آخري فلم هئي. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار گلاب چانڊيي کي ڏنو، هن فلم ‘پرو چانڊيو ’ وارو رڪارڊ ٽوڙيو ۽ سٺو بزنس ڪيو. ڪراچي ۽ لاهور ۾ رهندي هي فلم ڊسٽريبيوشن واري شعبي سان پڻ لاڳاپيل رهيو ۽ ’شاهه موويز‘ نالي سان ادارو ٺاهي وحيد مراد جي فلم ‘واعدا’ ۽ منور ظريف جي فلم ‘جانو ڪپتي’ رليز ڪيائين. آخري ڏهاڙن ۾ سنڌي فلمن جي مارڪيٽ نه هئڻ ڪري ۽ سنڌي فلم جو زوال ڏسي هن سنڌي ٽيلي فلم ‘شاگرد’، ‘ڀٽو زندهه آهي’، ‘شمن ميرالي’ ۽ آخري ٽيلي فلم ‘مان عاشق تنهنجو آهيان’ هڪ ٻئي پٺيان ٺاهيون، پر اهي ٽيلي فلمون ڪامياب ٿي نه سگهيون. سندس مشهور فلمن ۾ ‘جلال چانڊيو’، ‘پرو شهيد’، ‘جيئي لطيف’ ۽ ‘محب شيدي’ قابل ذڪر آهن، جڏهن ته ‘غيرت جو سوال’، ‘جلال چانڊيو’، ‘جيئي لطيف’ ۽ ‘محب شيدي’ فلمن ۾ سندس گيت فلمايل آهن.
شاهه اسد جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ‘دل ۽ ڌرتي’ نالي سان شايع ٿيل آهي. هن ٻه شاديون ڪيون. کيس پهرين گهر واريءَ مان ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.


لفظ شاهه اسدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.15  عيسوي

شاهه اسد جو پورو نالو اسد الله هو، هن 15 آگسٽ 1947ع ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾جنم ورتو.


2005.11.29  عيسوي

شاهه اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان جيڪب
گلڻ ڄام ڏاهري
سر عبدالرشيد جسٽس
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
جمعو شيدي 2
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
شيخ جيئو
اسلم آزاد
نور محمد شيخ ڊاڪٽر
شني آهوجا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون