شرجيل/فتاح هاليپوٽو

شرجيل/فتاح هاليپوٽو

شرجيل فتاح هاليپوٽو

شرجيل/فتاح هاليپوٽو: نامياري ليکڪ ۽ مصور شرجيل جو پورو نالو عبدالفتاح ولد ڪرڙ خان هاليپوٽو آهي. سندس جنم 13 ڊسمبر 1938ع تي قاضي احمد ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو، پر سندس اباڻو ڳوٺ دادو آهي. فتاح هاليپوٽي پرائمري کان بي. اي تائين تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي. پاڻ حيدرآباد جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ هڪ وڏي عرصي تائين ڊرائنگ جي استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين، جتان 1998ع ۾ رٽائر ڪيائين.
فتاح هاليپوٽي جو ننڍپڻ کان ئي لاڙو چترڪاريءَ طرف رهيو، هن لا تعداد تصويرون ٺاهيون ۽ بي شمار ڪتابن جا سر ورق ڊزائن ڪيا. ان کان سواءِ ٻيون انيڪ ڊزائينون ٺاهيون، ڊرائنگس، مونو گرامس، گرافڪ ورڪس، سيٽ ڊزائننگ ۽ پورٽريٽس جو ڪم ڪيو اٿس.
فتاح هاليپوٽي جو شمار برک سنڌي ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ چترڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ادبي نالو ‘شرجيل’ آهي. 1970ع کان مسلسل لکندو پيو اچي ۽ هن وقت تائين ڪافي ڪهاڻيون ۽ سوين نثري نظم لکي چڪو آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘پن ڇڻ کانپوءِ’ ۽ نثري نظمن جو ڪتاب ‘ڇوليون ’ شايع ٿيل آهن، جڏهن ته ڪيترو مواد وٽس قلمي صورت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ هڪ ناوليٽ ‘هوا جو وجود’ ۽ آتم ڪٿا ‘الا ڏاهي مَ ٿيان’ پڻ شامل آهن.
هن سنڌ جي ڪيترن اهم ڪتابن جا سر ورق ٺاهيا آهن. فتاح هاليپوٽي جي خطن تي مشتمل هڪ ڪتاب ‘پيارا فتاح’ نامور ڪهاڻيڪار نور گھلوءَ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ هن جا ۽ هن ڏانهن لکيل مختلف اديبن جا خط شامل آهن. کيس فني خدمتن عيوض ڪيترائي انعام، اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. پاڻ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
: نامياري ليکڪ ۽ مصور شرجيل جو پورو نالو عبدالفتاح ولد ڪرڙ خان هاليپوٽو آهي. سندس جنم 13 ڊسمبر 1938ع تي قاضي احمد ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو، پر سندس اباڻو ڳوٺ دادو آهي. فتاح هاليپوٽي پرائمري کان بي. اي تائين تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي. پاڻ حيدرآباد جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ هڪ وڏي عرصي تائين ڊرائنگ جي استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين، جتان 1998ع ۾ رٽائر ڪيائين.
فتاح هاليپوٽي جو ننڍپڻ کان ئي لاڙو چترڪاريءَ طرف رهيو، هن لا تعداد تصويرون ٺاهيون ۽ بي شمار ڪتابن جا سر ورق ڊزائن ڪيا. ان کان سواءِ ٻيون انيڪ ڊزائينون ٺاهيون، ڊرائنگس، مونو گرامس، گرافڪ ورڪس، سيٽ ڊزائننگ ۽ پورٽريٽس جو ڪم ڪيو اٿس.
فتاح هاليپوٽي جو شمار برک سنڌي ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ چترڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ادبي نالو ‘شرجيل’ آهي. 1970ع کان مسلسل لکندو پيو اچي ۽ هن وقت تائين ڪافي ڪهاڻيون ۽ سوين نثري نظم لکي چڪو آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘پن ڇڻ کانپوءِ’ ۽ نثري نظمن جو ڪتاب ‘ڇوليون ’ شايع ٿيل آهن، جڏهن ته ڪيترو مواد وٽس قلمي صورت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ هڪ ناوليٽ ‘هوا جو وجود’ ۽ آتم ڪٿا ‘الا ڏاهي مَ ٿيان’ پڻ شامل آهن.
هن سنڌ جي ڪيترن اهم ڪتابن جا سر ورق ٺاهيا آهن. فتاح هاليپوٽي جي خطن تي مشتمل هڪ ڪتاب ‘پيارا فتاح’ نامور ڪهاڻيڪار نور گھلوءَ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ هن جا ۽ هن ڏانهن لکيل مختلف اديبن جا خط شامل آهن. کيس فني خدمتن عيوض ڪيترائي انعام، اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. پاڻ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.12.13  عيسوي

شرجيل فتاح هاليپوٽو جو جنم 13 ڊسمبر 1938ع تي قاضي احمد ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو،



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمه هاشمي
زبيده آغا
سعيد منگي
عبدالقادر وارثي
چغتائي عبدالرحمان
سڪندر جوڳي
شرجيل فتاح هاليپوٽو
ڊاونچي ليونارڊو
پير بخش لاڙڪ
دارا عالم ابڙو
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون