استاد شفيع محمد ٻگهيو

استاد شفيع محمد ٻگهيو

شفيع محمد ٻگهيو استاد

شفيع محمد ٻگهيو، استاد: مشهور استاد، شاعر ۽ سماج سڌارڪ استاد شفيع محمد ٻگهيو 20 سيپٽمبر 1920ع تي شهر گچيري پراڻي تعلقي موري جي زميندار گهراڻي ۾ محمد احسان ٻگهيي جي گهر ۾ جنم ورتو. هيءُ ابتدا ۾ ڳوٺ مقيم ڏاهري، تعلقي دولتپور جي هڪ مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ ٻن سالن تائين تعليم حاصل ڪيائين. بعد ۾ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائنل ڪيائين. فائنل پاس ڪرڻ بعد 1938ع ڌاري استاد مقرر ٿيو ۽ نواب شاهه ۽ نوشهري فيروز ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ بطور استاد سرانجام ڏنائين. پير الاهي بخش تعليم کاتي جي وزير ٿيڻ بعد جڏهن سنڌ ۾ بالغن جي تعليم شروع ڪرائي، تڏهن کيس کڏڙي جي اسڪول ۾ بالغن جي تعليم لاءِ مقرر ڪيو ويو، جتي احسن نموني فرض انجام ڏيڻ تي تعليم کاتي جي وزير کيس ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪرڻ لاءِ آرڊر ڏنو. هن ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ ڪري امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن تي کيس گولڊ ميڊل مليو، جيڪو ان وقت جي ڊائريڪٽر ٽريننگ ڪاليجز حيدرآباد سنڌ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي پنهنجي هٿن سان ڏنو.
استاد شفيع محمد سياست ۾ به سرگرم رهيو. 1943ع ۾ جڏهن سندس چاچي رئيس تاج محمد ٻگهيي گچيري پراڻي ۾ مسلم ليگ جو يونٽ قائم ڪيو، تڏهن هو به ان جو ميمبر ٿيو ۽ اڳتي هلي نيشنل گارڊ جو سالار مقرر ٿيو. هو پنهنجي يونٽ جي ميمبرن کي فوجي ٽريننگ پڻ ڪرائيندو هو ۽ جڏهن لارڊ مائونٽ بيٽن ڪراچي آيو، تڏهن هن پنهنجي جٿي سميت ضلعي نوابشاهه جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر رئيس علي نواز انڙ جي اڳواڻي ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن ۽ قائداعظم محمد علي جناح کي سلامي ڏني. هيءُ ڊرامه نگار ۽ جسماني ورزش جو پڻ ماهر هو. هن ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکيا، جيڪي اسڪول ۾ ٻارن کان اسٽيج تي پيش ڪرائيندو هو. اسڪول ۾ شاگردن کان جسماني ورزش جا ڪرتب پڻ ڪرائيندو هو. پاڻ بهترين عروضي شاعر هو. سندس ڪلام ڪافي تعداد ۾ موجود آهي. هن تعليم جي ترقي لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي. پنهنجي ڳوٺ توڙي آسپاس جي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي ٻار پڙهائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. ڪيترن ئي غريب ٻارن کي پنهنجي خرچ تي پڙهائي، روزگار سان لڳايائين. هيءُ 1980ع ڌاري گچيري پراڻي جي پرائمري اسڪول مان هيڊماستر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو.
استاد شفيع محمد 3 مارچ 1990ع تي پنهنجو اباڻو ڳوٺ کي ڇڏي موري شهر جي لطيف ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڳوٺ ڇڏڻ جي صدمي سندس جيءَ جهوري ڇڏيو، جنهن سبب بيمار ٿي پيو ۽ 16 ڊسمبر 1990ع تي سول اسپتال نوابشاهه ۾ وفات ڪيائين. کيس اباڻي ڳوٺ گچيري پراڻي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.09.20  عيسوي

مشهور استاد، شاعر ۽ سماج سڌارڪ استاد شفيع محمد ٻگهيو 20 سيپٽمبر 1920ع تي شهر گچيري پراڻي تعلقي موري جي زميندار گهراڻي ۾ محمد احسان ٻگهيي جي گهر ۾ جنم ورتو.


1990.12.16  عيسوي

استاد شفيع محمد 16 ڊسمبر 1990ع تي سول اسپتال نوابشاهه ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم محمد صالح سيوهاڻي
روحل گائنچو
دريا خان فقير 1
فياض ڏاهري
عبدالرحيم گرهوڙي شهيد
انورشاهه
تنها سيف بخاري
رضوي سيد زوار حسين شاهه
مير عبدالرسول مير ٽالپر
صالح فقير گوهري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون