شيرين جناح

شيرين جناح

شيرين جناح

شيرين جناح: شيرين جناح، پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ هئي. هن 1880ع ڌاري بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. قائداعظم، شيرين کان عمر ۾ وڏو هو. هن 1904ع ۾ قاسم جعفر ڀائي سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس اڪبر علي نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو. شيرين پنهنجي مڙس سان گڏ ڀارت جي شهر پوني ۾ رهندي هئي، جتان پهريون ڀيرو قائداعظم جي وفات بعد سندس چاليهي جي موقعي تي 1948ع ۾، ٻيو ڀيرو 1950ع ۾ پاڪستان آئي ۽ 1965ع ۾ پنهنجي ڀيڻ فاطمه جناح جي وفات بعد سنڌ آئي ۽ هميشه لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهي پئي. شيرين سنڌ ۾ رهڻ بعد پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي اصولن ۽ روايتن کي قائم رکيو، کيس سنڌ جي ماڻهن سان محبت هوندي هئي. شيرين جناح عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي نالي سان ٽرسٽ قائم ڪيو، جنهن لاءِ هن پنهنجي ملڪيت جو چوٿون حصو وقف ڪري ڇڏيو. هوءَ وڏي عمر باوجود ‘شيرين جناح ٽرسٽ’ جي ڪارڪردگي رپورٽ پاڻ ڏسندي هئي. شيرين جناح، 100 سالن جي عمر ۾ 2 ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪئي. کيس عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو ويو.


لفظ شيرين جناحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.12.02  عيسوي

شيرين جناح 1880ع ڌاري بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. 2 ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
پونم پاسڪل پرمار
الفارابي
جانوري مصري خان
سيد نظام الدين شاهه امروٽي مولانا
سراج
جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
حاجي امام الدين راشدي
سچل جنجهي
بينا1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون