داخلا نمبر 415
عنوان مستور فاطمه بخاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1223 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
مستور فاطمه بخاري

مستور فاطمه بخاري

اياز گل

اياز گل

مستور فاطمه بخاري

بخاري، مستور فاطمه: ليکڪا ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهر، مستور بخاريءَ جو جنم روهڙيءَ ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ۾ 8 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو. کيس شروع کان آثار قديمه جي علم سان دلچسپي رهي. ايم. ايس. سي (آرڪيالاجي) 1983ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪري بعد ۾ 1987ع کان ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي شعبي ۾ ليڪچرر طور پڙهايائين، جتي هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
هن 2000ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجي ۾ ايم. فل ڪئي آهي ۽ سندس پي ايڇ. ڊي مڪمل ٿيڻ واري آهي، جنهن جو عنوان آهي ”سنڌ ۾ مختلف دؤرن جي عقيدن تي ٻڌمت جي ثقافتي اثر جي ارتقا“. ايم.فل توڙي پي ايڇ.ڊيءَ ۾ سندس گائيڊ مشهور آرڪيالاجسٽ احمدحسين داني مرحوم رهيو آهي. 1996ع کان هيستائين ڪيترن ئي تحقيقي پراجيڪٽن جون ذميواريون پڻ نڀائي رهي آهي، جهڙوڪ: ’لاکين جي دڙي‘ جي کوٽائيءَ ۾ ٽيم ميمبر (1997ع)، ’ڀانڊي قبي‘ جي کوٽائيءَ وقت ڊپٽي ڊائريڪٽر (1998ع)، اتر سنڌ ۾ ’ٻوڌي دور جا انگ اکر‘ گڏ ڪرڻ وقت مکيه کوجنا ڪندڙ (2000ع).
مستور بخاري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪيترين ئي ڪانفرنسن، تحقيقي گڏجاڻين ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي آهي. سندس تحقيقي رپورٽ تي مشتمل ڪتاب The Archaelogical Sites of Aror، 1991ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن ميوزالاجي، ميوزم اسٽڊيز، آرڪٽيڪچر آف سائوٿ ايشيا ۽ سائوٿ ايشين آرڪيالاجيءَ جا اهم ڪورس پڻ ڪيا آهن.
مستور بخاري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ مختلف انتظامي ذميوارين تي پڻ رهي آهي، جن ۾ ميوزيم انچارج، سيمينار لائبريري انچارج ۽ انچارج اسپورٽس (گرلس) شامل آهن. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان پڙهائيءَ ۾ امتيازي نمبر حاصل ڪرڻ تي وائيس چانسلر ميڊل (1983ع) ۽ 1997ع ۾ ”اٺون اسٽار گرلس ائنڊ وومين انٽرنيشنل اوارڊ“ پڻ ملي چڪا آهن. مستور بخاريءَ جو وَر، اياز گل (ڏسو: اياز گل) سنڌ جو ناميارو شاعر آهي. هن وقت سندن رهائش سکر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.12.08  عيسوي

بخاري ، مستور فاطمه: ليکڪا ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهر ، مستور بخاريءَ جو جنم روهڙيءَ ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ۾ 8 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو . کيس شروع کان آثار قديمه جي علم سان دلچسپي رهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون