داخلا ؛ 4976
پڙهيو ويو ؛ 367
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-15


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب

ٽائيٽل ؛ ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب


شاخ : ڳوٺ

ٺوڙهي بجار ۽ -ٺوڙهي- سهراب (ڳوٺ ):هي ٻئي ڳوٺ قنبر جي اولهه ۾ 12کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قنبر ڳڙهي ڪرٽيي روڊ جي ڏکڻ ۾ واقع آهن. ٻئي ڳوٺ ديهه ڊٻ مٺي، يونين ڪائونسل -بوهڙ- ۽ سرڪل قنبر سان واسطو رکن ٿا. -ٺوڙهي بجار- قنبر کان 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ -ٺوڙهي- سهراب 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. -ٺوڙهي- سهراب جي -اوڀر- ۾ هتي، -اتر- ۾ ڊرگھه سومر چانڊيو، اولهه ۾ مٿيان -بوهڙ- ۽ وڪا ڳوٺ -آباد- آهن. -ٺوڙهي بجار- جنڪشن آهي. هتان چئن طرفن کان ٻه روڊ نڪرن ٿا. هڪ -اوڀر- کان اولهه طرف يعني قنبر کان ڳڙهي ڪرٽيي تائين ۽ ٻيو -اتر- کان ڏکڻ طرف يعني نور محمد شيخ ڳوٺ کان تعلقي وارهه جي شهر لولا رائنڪ تائين. هن جنڪشن وٽان لولا رائنڪ 10 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ۽ چئن ڪلوميٽرن تي -اتر- طرف نور محمد شيخ -آباد- آهن ۽ اولهه ۾ ڳڙهي ڪرٽيو 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. -ٺوڙهي بجار- جي -اتر- ۾ گيلو کوسو، ڏکڻ ۾ هيٺيان بوهڙ، اولهه ۾ ڪنور ڳوٺ واقع آهن. هنن ڳوٺن جي بنياد -تنيا- -برادري- جا -ٻه ڀائر- بجار خان ۽ سهراب خان هتي 60-1750ع ڌاري -آباد- ٿيا هئا. اصل نواب شاهه جا رهاڪو هئا. بجار خان ۽ سهراب خان مالوَند ماڻهو هئا. کين مينهون ۽ ڳئون جھجھيون هونديون هيون. مينهن ۾ ڄائي ڄم کان هڪ -ٺوڙهي- بختاور مينهن به هئي، جنهن جي نسبت سان هي ٻئي ڀائر هن جوءِ ۽ تر ۾ مشهور ٿيا. 1750ع ڌاري پهريان -ٺوڙهي بجار- ڳوٺ -آباد- ٿيو. هڪ ڏهاڪي گذرڻ بعد سهراب خان پنهنجي -ڀاءُ- کان ڪاوڙجي -ٺوڙهي بجار- جي -اوڀر- ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ دڙي تي -آباد- ٿيو، -جتي- پهريان هندو ۽ سيد ويٺل هئا. 1740ع ڌاري انهن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ -ٺوڙهي- بختاور مينهن -ان- دڙي تي اڪثر ٻين مينهن سان گڏ ويهندي هئي، جنهنڪري سهراب خان کي اها جاءِ وڌيڪ موزون ۽ بهتر لڳي ۽ اتي -آباد- ٿيو. -ٺوڙهي بجار- ۾ -تنيا- ۽ سومرا -آباد- آهن. -ٺوڙهي- سهراب ۾ تنيا، چنا، ڪلهوڙا، چانڊيا، ميمڻ، -پٺاڻ- ۽ وڪا -آباد- آهن. ماضيءَ ۾ -ٺوڙهي بجار- ڳوٺ سٺن عالمِ دين جي پيدا ڪرڻ جي کاڻ پڻ رهيو آهي. علم جي انهيءَ کاڻ مان هن ڳوٺ جا جيڪي گوهر نڪتا، -تن- ۾ مولوي سعد -الله- تنيو (وفات: 1993ع)، مولوي محبت -الله- تنيو، مولوي عبدالڪريم تنيو (وفات: 1945ع) ۽ مولوي عبدالڪريم تنيو (وفات: 1976ع) قابلِ ذڪر آهن. اهي عالم سڳورا هتان جي مدرسي مان مولانا ڪريم داد چانڊيي وٽان فارغ التحصيل ٿيا. هنن بزرگن مان مولانا صاحب 1925ع ۾ لعلو رائنڪ، تعلقي وارهه ۾ جيد عالم ٿي گذريو. مولانا صاحب 1925ع ۾ لعلو رائنڪ، تعلقي وارهه ۾ مدرسي جو بنياد رکيو. سندس لائق شاگردن ۾ گھڻو مشهور فقير هدايت -الله- تارڪ نجفي هو. -ٺوڙهي بجار- جو اهو مدرسو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هو. هن مدرسي خلافت تحريڪ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اهو مدرسو مولانا ڪريمداد عرف قلندر چانڊيي 1897ع ڌاري کوليو، جيڪو پوءِ 1956ع ڌاري پرائمري اسڪول ۾ تبديل ٿي ويو. مولانا ڪريمداد چانڊيو اصل ڊرگهه سومر جو رهاڪو هو. -انگريز- دؤر ۾ -ٺوڙهي بجار- ۾ هندو به رهندا هئا. بخت مل، آسن، ڀاون، ڄيٺومل، وسند، -ٽلو- مشهور ۽ معروف ماڻهو هئا. ايسر داس مکي هين. هتي واڻين جو هڪ کوهه به هو ندو هيو. هن وقت اهو ڦٽي ويو آهي. احسان فقير نالي هڪ بزرگ جي مزار آهي. -جتي- ڀرپاسي کان سکائون اينديون آهن، 7 مسجدون آهن. -ٺوڙهي- سهراب ۾ ”ڪنڊي سيد“ نالي هڪ بزرگ جي درگاهه آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن