داخلا ؛ 5243
پڙهيو ويو ؛ 476
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-31


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي

ٽائيٽل ؛ ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي


شاخ : عالم

ٺٽوي، حسين شاهه مراد شيرازي: سيد حسين پٽ احمد پٽ سيد محمد شيرازي ٺٽوي وقت جو ولي ڪامل، عالم ۽ عامل هو. سندس ڏاڏو سيد محمد شيراز مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو. سيد حسين، -ٺٽي- ۾ 12 ربيع الاول 831هه/ 1427ع ۾ ڄام فتح خان سمي جي دور حڪومت ۾ پيدا ٿيو. چئن سالن جي ڄمار ۾ سندس والد کيس مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، هو ذهين شخص هو، ظاهري ۽ باطني علمن جو ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي حصول ٿيس. ڏهن سالن جي ڄمار ۾ -جامع مسجد- -ٺٽي- جي منبر تي قرآن ۽ حديث شريف مان وعظ ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيائين. سيد حسين جي ولادت کان اڳ ۾ شيخ عيسيٰ ساموئي ۽ ٻين ڪيترن ڪاملن هن لاءِ پيشنگوئيون ڪيون هيون. -جن- جي بنياد تي -ٺٽي- جي مشهور عالم قاضي نعمت -الله- عباسيءَ پنهنجي نياڻي سيد احمد کي پرڻائي ڏني هئي. سندس مجلس ۾ هميشه -تفسير- ۽ حديث جو ذڪر رهندو هو. سنت جو ايڏو تابع هو، جو حضور -جن- جي پيرويءَ ۾ محلي واري مسجد ۾ هڪ صفو ٺهرايائين، -جتي- -الله- جي طالب مسڪينن جي هڪ ٽولي رهندي هئي، -جن- کي ’اصحاب صفه‘ سڏيو ويندو هو ۽ سندن نگراني ۽ پرداخت سندس وڏي -ڀاءُ- سيد عليءَ جي حوالي هوندي هئي. نماز -تهجد- هڪ سؤ رڪعتون ادا ڪندو هو. سندس جوانيءَ جو عروج ڄام نظام الدين سمي سنڌ جي عادل حاڪم جو زمانو هو. سندس عقيدتمندن ۾ هڪ روايت مشهور آهي ته هڪ دفعي -برسات- نه پوڻ ڪري ڏڪار جو سخت انديشو ٿي پيو. سيد صاحب کي ڄام نظام الدين دعا لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ شهر کان ٻاهر نڪري دعا گھريائون ته زبردست -برسات- شروع ٿي وئي.
سندس صحبت ۽ فيض مان سوين فقير ۽ خليفا ڪشف ڪرامت جا مالڪ ٿيا. سنڌ جي عادل -بادشاهه- ڄام نظام الدين سمي سندس مريد ٿيڻ چاهيو، ته کيس چيائين:”دولتمندن سان اسان درويشن جو ڪهڙو واسطو؟ تون ملڪ جو گشت ڪري مظلومن جي فرياد -ٻڌ- ۽ مخلوق خدا سان انصاف ۽ عدل ڪري -الله- کي راضي رک.“ پهرئين ربيع الاول 893هه مطابق 1487ع ۾ سومر ڏينهن ظهر جي وقت هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پويان 3 فرزند ڇڏيائين. (1) سيد منصور، (2) سيد نعمت -الله- ۽ (3) سيد حماد. سيد منصور گاديءَ تي ويٺو. هن شيرازي خاندان جا سادات هن وقت -ٺٽي- ۾ موجود آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن